• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

زخم دل کي ڪڙاهيو ٿا ڇا لاءِ؟ اندرا پوناوالا

محمد اسلم عباسي

سينيئر رڪن
زخم دل کي ڪڙايو ٿا ڇا لا؟
اندرا شبنم پونا والا

زخم دل کي ڪڙاهيو ٿا ڇا لاءِ؟
لوڻ ٻرڪي ڪرايو ٿا ڇا لاءِ؟

پيار ڏيکاري منهن ڇڏيو ڦيري،
پيار ڪوڙو جتايو ٿا ڇا لاءِ؟

نه ستايو ـ جھڪايو ٿا ڪنهن کي،
ڪنهن کي ناحق ستايو ٿا ڇا لاءِ؟

چنهڊڙيو پائي مت منجھايو ٿا،
هيءَ شرارت ڇپايو ٿا ڇا لاءِ؟

نه نمائش کپي، نه نالو ئي،
پوءِ ڍنڍورو گھمايو ٿا ڇا لاءِ؟

سونهن ۽ پيار سان نه سٻنڌ ڪو،
مون اڳيان مسڪرايو ٿا ڇا لاءِ؟
 
Back
Top