جَي ڪو ڏُٿُ ڪَرَي، ته ڏُونگَرُ ڏَورڻُ ڏاکڙو
ڇَپَرُ ڪين ڏئي، سُوکڙيُون سُتَن کي.
سر کاهوڙي
ڏُٿُ = اُهي اَنَ وارا گاهه جن جي داڻن کي مارو ماڻهون پيهين ماني به پچائن ٿا ۽ ڀت به رڌي کائن ٿا. هي گاهه ڪاڇي، ڪچي، ڪوهستان ۽ ٿر ۾ برسات کان پوءِ قدرتي طور ڦٽن ٿا جهڙوڪ سائون، مانڌاڻون، ڀُرٽَ مکڻي وغيره. ڏٿ ساڳ، سايون ڀاڄيون ۽ ماکيءَ کي به چئبو آهي.
ڏُونگَرُ = جبل
ڏورڻ = جهاڳڻ، ڪشالا ڪرڻ
ڏاکڙو = ڏکيرڙو
ڇَپَرُ = جبل
سوکڙيون = تحفا، سوغاتون
سُتَن = ننڊ پيل، غافل
* جيڪڏهن ڪير ڏُٿُ ميڙڻ چاهي، گڏ ڪرڻ چاهي ته جيڪر خبر پئيس ته جبل جهاڳڻ ڪيڏو تڪليف ۽ اذيت ڏيندڙ ڪم آهي.
* جبل سُتَلَ ۽ غافل ماڻهن کي اهي تحفا ۽ سوغاتون گهر ويٺي يا سُتَي نه ٿو ڏئي.
سمجهاڻي
* ڀٽائيءَ جو هي علامتي ۽ اهڃاڻي بيت بظاهر ته ڪچي، ڪاڇي، ڪوهستان، جبل ۽ ٿر ۾ قدرتي طور پيدا ٿيندڙ کاڌ خوراڪ ۽ غذا متعلق آهي.
دراصل ڀٽائي هن بيت ۾ ڌرتيءَ جي لکين ڪروڙين ننڊ پيل ۽ غافل ماڻهن کي جاڳائيندي چئي ٿو ته پنهنجي ڌرتيءَ ۽ ان جي وسيلن جي ڳولا ڪيو مالڪي ڪيو. جيڪڏهن اوهين ستل رهيا ته گهر ويٺي يا سُتَي ڌرتيءَ جي وسيلن جا مالڪ نه بڻجي سگهندئو. ڇو ته محبوب ۽ منزلون ته انهن کي ملنديون آهن جيڪي سدائين جستجو ۽ تلاش ۾ ٿا رهن.
____
سائين مظفر منگي جي فيسبوڪ ٽائيم لائين تان ورتل