ســــــــنـــڌ ... اسحاق سميجو

محمد اسلم عباسي

سينيئر رڪن
ســــــــنـــڌ
10527587_915503195142334_8768750083671979309_n.jpg

اسحاق سميجو
اياز!
جا سنڌ تو ٻُڌائي،
اها ته آهي خيال هڪڙو
اها ته ڪائي پري قصي جي
اها ته شايد مثال هڪڙو
اها ته شاعر جو ڪرشمو آ
اها ته تنهنجو ڪمال هڪڙو!

هتي ته آهي مٽي مٿن ۾
هتي ته بدحال حال هڪڙو
گهٽي گهٽي ٿي نصيب روئي
نگر نگر ۾ دجال هڪڙو
اسان ته سکڻي ڏٺي تباهي
اسان ته پاتو زوال هڪڙو!
اياز!
جا سنڌ تو ٻُڌائي،
اها ته آهي خيال هڪڙو!
 
Back
Top