ريگستان ۽ سمنڊ جو حسين ميلاپ

'مختصر پر سبق آموز' فورم ۾ ALI AKBAR SHAR طرفان آندل موضوعَ ‏2 جولائي 2014۔

  1. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,433
    ورتل پسنديدگيون:
    741
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    ريگستان جو نالو ٻڌندي ذهن ۾ هي خيال پيدا ٿيندو ته جتي ڪيترائي ڪلوميٽر واري واري موجود هوندي آهي. سج پنهنجي موجن ۾ هوندو آهي ۽ پاڻي جو ڪٿي نالو نشان ڪون هوندي آهي.



    [​IMG]



    هي خيال صحيح به آهي ڇوجو ريگستان ته هوندو ائين آهي. پر توهان کي خبر آهي دنيا ۾ هڪ اهڙو ريگستان آهي جنهن جو ڪجهه حصو سمنڊ سان ملندو آهي. جنهن جو نظارو اتنهائي خوبصورت ڏسڻ لاءِ ملندو آهي.

    جنوبي Namib ريگستان کي دنيا جو بلد ترين ۽ شاندار نظارن جو ريگستان جو درجو حاصل آهي جتي وڏا وڏا دڙا پڻ موجود آهن.

    [​IMG]

    واري جي دڙن جو پورو هڪ سلسلو آهي جتي سمنڊ جون لهرون دڙن سان اچي لڳنديون آهن ان وقت هڪ بهترين نظارو سامهون ايندو آهي.



    هن سمنڊ جو ڪنارو ڪيترن ڪلو ميٽرن تائين پکڙيل آهي. هن سمنڊ جي ڪناري کي Swakop جي نالي سان سڄاتو وڃِي ٿو جيڪو Swakopmund شهر جو حصو آهي.



    [​IMG]



    هي هن ملڪ جو سب کان وڏو سمنڊي علائقو آهي مقامي ماڻهون وڏي تعداد ۾ موڪل جي ڏينهن هتي ايندا آهن

    هي شهر جرمن ماڻهن آباد ڪيو هو ۽ ان وقت جون تعمير ڪيل خوبصورت عمارتون پوري شهر ۾ ڏسي سگهجن ٿيون. ان شهر ۾ جديد دور جو عمارتون به موجود آهن.

    [​IMG]

    دلچسپ ڳالهه هي به آهي ته هتي اڄ تائين جرمن زبان ڳالاهي وڃي ٿي.

    ان ريگستان جي سير ڪرڻ لاءِ ۽ بلد ترين دڙا ڏسڻ لاءِ هيلي ڪيپٽر جي سهولت به موجود آهي.

    [​IMG]

    هن شهر جي آبادي 42000 آهي ۽ هي شهر 1892 ۾ بندرگاهه جي طور قائيم ڪيو ويو هو. ان شهر ۾ هڪ ايئرپورٽ به موجود آهي.

    هن شهر کي آباد ڪرڻ لاءِ پهرين 120 فوجي ۽ 40 سويلن هتي موڪليا ويا هئا جيڪي شرعات ۾ غارن ۾ رهندا هئا.

    [​IMG]

    نمب ريگستان دنيا جي قديم ترين صحرا آهي هن جي مقبلويت ان ڪري به وڌيڪ آهي جو هتي لوڻ ۽ هيري جو کاڻون آهن جنهن جي ڪري ان کي ايتري وڏي اهميت آهي.

    هن ريگستان ۾ جانورن ۽ وڻن جون غيرمامولي قسمن جي وڏي تعداد ڏٺي وڃي ٿي.

    http://www.daharkiweb.com/Blog Posts/ragistan-and-sea.html
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    لاجواب موضوع.
    ادا بهترين معلوماتي موضوع موڪلڻ جي مهرباني.
    اميد ته آئنده به اهڙا موضوع هن فورم ذريعي اسان سان ونڊيندا رهندا.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    تمام بهترين
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    واهه واهه ،،،،، دنيا ڪيڏي نه خوبصورت آهي

    لاجواب شيئرنگ
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. محمد اسلم عباسي

    محمد اسلم عباسي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 جولائي 2012
    تحريرون:
    585
    ورتل پسنديدگيون:
    1,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    تمام بهترين قدرتي نظارا، بهترين تصويري مضمون. سائين سلسلو جاري رکو
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو