سنڌ، پاڪستان ۽ سماجي معاهدو

'مقالا' فورم ۾ محمد اسلم عباسي طرفان آندل موضوعَ ‏2 جولائي 2014۔

  1. محمد اسلم عباسي

    محمد اسلم عباسي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 جولائي 2012
    تحريرون:
    585
    ورتل پسنديدگيون:
    1,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    سنڌ، پاڪستان ۽ سماجي معاهدو
    [​IMG]
    لياقت عزيز
    ننڍي کنڊ جي ورهاڱي کانپوءِ ڀارت جي علائقن مان ايندڙ مسلمانن جو سڄو بار سنڌ تي پيو. آل انڊيا مسلم ليگ جيڪا ننڍي کنڊ جي ورهاڱي کان اڳ ”صوبائي خودمختياريءَ“ جي ”چئمپين“ هئي، پنهنجي اصولن تان ڦِري ويئي. ”مضبوط مرڪز“ جو نعرو هڻي ننڍن صوبن جا تاريخي ۽ قومي حق غضب ڪيا ويا. ڪراچيءَ کي سنڌ کان ڌار ڪري مرڪز جي حوالي ڪيو ويو. مئي 1948ع ۾ پاڪستان جي دستور ساز اسيمبليءَ ڪراچيءَ کي وفاقي انتظام ۾ رکڻ جو حڪم ڪيو. سنڌ مسلم ليگ 11 جون 1948ع تي پنهنجي اجلاس ۾ ڪراچيءَ کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ جي فيصلي کي ناپسند ڪيو ۽ هن فيصلي کي سنڌ جون سرحدون گهٽائڻ جي سازش قرار ڏنو.11 جون 1948ع تي 800 سنڌي شاگردن هن فيصلي خلاف ڪراچيءَ ۾ جلوس ڪڍيو. سنڌ مسلم ليگ جي سيڪريٽري مرحوم آغا غلام نبي پٺاڻ هن جلوس ۾ شاگردن کي مخاطب ٿيندي چيو ته، ”جيڪڏهن ڪراچيءَ کي سنڌ کان ڌار ڪيو ويو، ته اسان 1940ع واري پاڪستان جي ٺهراءُ کي ڦاڙي ڇڏينداسين“. سنڌ جي وزير اعلى محمد ايوب کهوڙو جي وزارت کي ڊسمس ڪيو ويو ۽ پير الاهي بخش کي وزير اعلى بنايو ويو. سازش سان هندو-مسلمان فساد ڪرايا ويا، جن جي ڪري هن ڌرتيءَ جا اصل ڄاوا پنهنجي جنم ڀوميءَ کي ڇڏڻ تي مجبور ٿيا. لڏپلاڻ جي سلسلي ۾ هندستان مان آيل مسلمان وڏي تعداد ۾ سنڌ ۾ آباد ڪيا ويا، انهن جي ”آبادڪاريءَ“ لاءِ هڪ ڌار وزارت قائم ڪئي وئي.

    آل انڊيا مسلم ليگ جي رهنمائن ننڍي کنڊ جي ورهاڱي کان اڳ ڪڏهن به انهيءَ راءِ يا خواهش جو اظهار نه ڪيو هو ته، ورهاڱي جي صورت ۾ لڏپلاڻ ٿيندي. 1940ع واري پاڪستان جي ٺهراءُ، 1946 واري ڪيبينٽ مشن پلان، 3 جون 1947ع جي ورهاڱي جي منصوبي يا گورنمينٽ آف انڊيا انڊپيئنڊس ايڪٽ 1947ع، جيڪي پاڪستان جي قيام جا بنيادي دستاويز آهن، انهن جي ڪنهن به شق ۾ ”لڏپلاڻ“ يا ”هجرت“ جو ڪو ذڪر ناهي. پاڪستان جي قيام کانپوءِ زيرِ علاج هو. هن کان زور زبردستيءَ هڪ آرڊيننس نافذ ڪرايو ويو، جنهن ۾ هندستان مان آيل مسلمانن کي قانوني Legalize قرار ڏيڻ هو. جيڪو قيام پاڪستان جي روح خلاف هو. پاڪستان جو سابق وزير اعظم محمد علي چوڌري پنهنجي ڪتابEmergence of Pakistan”“ جي صفحي نمبر 267 تي لکي ٿو ته، مخصوص مفادن تحت هندستان مان آيل ماڻهن خاطر پاڪستان جي عبوري آئين يعني گورنمينٽ آف انڊيا ايڪٽ 1935ع جي سيڪشن 102 تحت گورنر جنرل کي آرڊيننس جاري ڪرڻ جي اختيارات تحت ڀارت مان مسلمان پاڪستان اچي سگهن ۽ انهن ماڻهن کي تحفظ ملي سگهي، جيڪي اچي چڪا هئا ۽ پاڪستان جي اقتصادي زندگيءَ لاءِ خطرو بڻيل هئا. هن حڪمنامي تحت سنڌ ۾ ٻه لک پناهگير، پنجاب، سرحد، بهاولپور، خيرپور رياستن ۽ بلوچستان کي هڪ هڪ لک پناهگير آباد ڪرڻا هئا. لڏپلاڻ جي سڄي يلغار سنڌ تي رهي، هندستان مان آيل مسلمانن پاڻ کي مقامي تهذيب کان الڳ سمجهيو، نوڪر شاهي ۾ جيئن ته انهن جي اڪثريت هئي. انهن ڪامورن جي آشيرواد سان معاشي طور تي آيل مسلمان خوشحال بڻجي ويا. ڪوڙن ڪليمن تحت سنڌ جي زراعت، صنعت ۽ نوڪرين تي انهن جو قبضو ٿي ويو. سنڌ جي اصل رهاڪن جنهن ”خوشحال پاڪستان“ جو خواب ڏٺو هو. انهن جا سُندر سپنا اڌورا رهجي ويا. ننڍي کنڊ جو وڏو تضاد جيڪو ورهاڱي وقت هندو- مسلم مفادن جي صورت ۾ هو اهو عارضي طور تي ختم ٿي ويو.

    پاڪستان جي ٺهڻ وقت سنڌ ۾ سنڌي 95 سيڪڙو هئا ۽ ڌاريا صرف 5 سيڪڙو هئا. سنڌ جي ڪل آبادي 52 لک هئي. سنڌ جا اصل ڄاوا حالتن هٿان مجبور ٿي لکن جي تعداد ۾ ڀارت هليا ويا. اهي سنڌ جي معيشت جي ڪرنگهيءَ جي هڏي هئا. مڊل ڪلاس ڪنهن به قوم ۾ سجاڳي پيدا ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو آهي. انهن جي ڀارت وڃڻ کانپوءِ اهو خال اڃان تائين پُر نه ٿي سگهيو آهي. پاڪستان ۾ ون يونٽ جي قيام کانپوءِ ڌارين جي وڌندڙ آباديءَ جي وڌندڙ ڦهلاءَ سنڌ کي بدحالي، بيروزگاري ۽ بدامنيءَ جي آماجگاهه بڻائي ڇڏيو آهي. هن وقت سنڌ ۾ پاڪستان کان ٻاهر افغاني، برمي ۽ بنگالين کان علاوه پنجاب، خيبر پختونخوا، گلگت بلتستان ۽ قبائلي علائقن مان ماڻهو سنڌ ۾ اچي رهيا آهن، ڄڻ سنڌ هڪ بين الاقوامي پناهه گاهه آهي. ان جو ثبوت اهو آهي ته، نوڪرين کان علاوه سنڌ اسيمبليءَ جي سِيٽن تي ٻين صوبن سان تعلق رکندڙ قوميتن جا ماڻهو وزير ۽ مشير آهن. ڌارين جي آبادڪاريءَ سبب ڪيترائي سماجي، اقتصادي ۽ سياسي مونجهارا پيد ٿيا آهن.گذريل 66 سالن کان اسلام آباد طرفان ننڍين قومن کي ”حق حاڪميت“ نه ڏيڻ ڪري هاڻ اهي ناراضگيون عروج تي پهتيون آهن. ان لاءِ ضروري آهي ته، وفاق کي قائم دائم رکڻ لاءِ هڪ ”نئون سماجي معاهدو“ ڪيو وڃي.

    1. سڀني قومن جي رضامنديءَ سان وفاق هڪ نئون آئين جوڙي، ان لاءِ ملڪ ۾ جلد از جلد دستور ساز اسيمبليءَ جون چونڊون ڪرايون وڃن. 2. قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ سڀني ايڪائين کي برابريءَ جي نمائندگي ڏني وڃي. سينيٽ ۾ Parityجو اصول قائم ڪري يعني قبائلي علائقن، اسلام آباد جون سيٽون، پنجاب ۽ خيبر پختونخوا ۾ شامل ڪيون وڃن. سينيٽ کي مالي اختيار ڏنا وڃن. 3. سنڌ ۾ حڪومت جي مالڪيءَ جو حق صرف سنڌ کي هئڻ گهرجي، جهڙيءَ طرح دنيا جي سُڌريل ملڪن ۾ آهي، سنڌ جي مالي وسيلن تي اختيار صرف سنڌ جو هئڻ گهرجي. 4. سنڌ مان 1954ع کان پوءِ سڀني ڌارين کي نيڪالي ڏني وڃي. Influx کي روڪڻ لاءِ work permit جو سسٽم رائج ڪيو وڃي. 5. چونڊن ۾ افعاني، برمي، بنگالي ۽ ٻين ڌارين کي ووٽن ۾ بيهڻ يا ووٽ ڏيڻ جو حق نه هئڻ گهرجي. 6. سنڌ مان نڪرندڙ پئٽرول، گئس ۽ ٻين معدني وسيلن جي رائلٽي سنڌ کي ڏني وڃي، جيڪي آئل فيلڊ آهن، انهن ۾ صرف و صرف مقامي ماڻهو رکيا وڃن. 7. سنڌ ۾ انتظامي عهدن تي صرف سنڌي رکيا وڃن. سنڌ ۾ قائم ڪارخانن ۾ نوڪرين ۾ 80 سيڪڙو سنڌي مزدور رکيا وڃن. 8. سنڌ کي 1945ع جي معاهدي تحت پاڻي ڏنو وڃي، ڪوبه ڊيم نه جوڙيو وڃي. چشما لنڪ ڪينال فوري طور تي بند ڪيا وڃن. 9. سنڌ ۾ فوجي آفيسرن ۽ ڪامورن کي ڏنل زمينون رد ڪري مقامي هارين ۾ ورهايون وڃن. 10. سنڌ ۾ امن جي بحاليءَ لاءِ دهشگردن ۽ ڌاڙيلن خلاف انهن جي پشت پناهه ڪندڙ ڀوتارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي. 11. سول سروس ۽ فوج ۾ تمام ايڪائين کي برابريءَ جي بنياد تي نوڪريون ڏنيون وڃن. رينجرس ۾ رڳو مقامي ماڻهو رکيا وڃن. صوبن مان گورنر جي پوسٽ ختم ڪئي وڃي. 13. سنڌ سميت سڀني صوبن کي ٻين ملڪن سان واپار، تجارت ۽ ٻين شعبن ۾ معاهدن ڪرڻ جو اختيار ڏنو وڃي. 14. ٿرپارڪر مان جيڪا China clayنڪري ٿي يا سنگ مرمر نڪري ٿو، اتي ڪارخانا قائم ڪري مقامي ماڻهن کي روزگار ڏنو وڃي. 15. ملڪ ۾ مارشل لا جي صورت ۾ هر هڪ صوبي کي Right of Separationتحت وفاق کان ڌار ٿيڻ جو حق ڏنو وڃي.

    روزاني ڪاوش، اڱارو 04 مارچ 2014ع



     

هن صفحي کي مشهور ڪريو