سنڌ جو سياسي ڪلچر ۽ خودپسنديءَ جي خرابي

'مقالا' فورم ۾ محمد اسلم عباسي طرفان آندل موضوعَ ‏2 جولائي 2014۔

  1. محمد اسلم عباسي

    محمد اسلم عباسي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 جولائي 2012
    تحريرون:
    585
    ورتل پسنديدگيون:
    1,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    سنڌ جو سياسي ڪلچر ۽ خودپسنديءَ جي خرابي
    [​IMG]
    لياقت عزيز
    سون ورني سنڌ صرف جاگرافيائي حد بنديءَ جو نانءُ ناهي، پر اسان سنڌي قوم جي وجود جو آشيانو ۽ محتبن جو مرڪز آهي. اڄ جن حالتن مان سنڌ گذري رهي آهي ۽ جيڪو حشر ماتر ڀومي جي قديم رهواسين سان ٿي رهيو آهي، هن سون ورني ڌرتيءَ تي رهندڙ هر ڄائي جو فرض آهي ۽ ڌرتيءَ ماءُ جو قرض آهي ته سنڌ سان نينهن ناتو ڳنڍيندڙ جماعتن تي اهو دٻاءُ وجهجي ته اهي خود پرستي ۽ انا پرستيءَ جي خول مان نڪري هڪ پليٽ فارم تان گڏجي سنڌ جي وجود جي جنگ ۾ گڏيل قومي تاريخي ڪردار ادا ڪن ۽ پاڻ ۾ قومي اتفاق راءِ پيدا ڪن. سنڌ جي موجوده حالتن جي پيش نظر گهٽ ۾ گهٽ ڌارين جي آبادڪاري، پاڻيءَ ۽ ناڻي جي صحيح ورهاست، قومي خود مختياري، سنڌ جي وسيلن تي ”حق مالڪي“ جي گڏيل ايجنڊا تي سڀ وطن پرست ۽ قوم پرست پارٽيون گڏجي جدوجهد ڪري سگهن ٿيون.

    اها به هڪ سياسي روايت رهي آهي ته سنڌ جا سڄاڻ اڳواڻ پنهنجي نظرين ۽ عقيدن جو حصار ڪڍي خود کي دائرن ۾ قيد ڪندا رهيا آهن. پر سنڌ جون موجوده حالتون ان ڳالهه جي اجازت نه ٿيون ڏين ته خود غرضيءَ جي خول ۾ بند ٿي ڪجهه به ڪرڻ کان ليڪو ڪڍي بيهن. پيالي ۾ پيئڻ ۽ پيارڻ جي رسم پراڻي ٿي چڪي آهي، اها ريت تڏهن رائج ٿي هئي، جڏهن صرف رند پيئندا هئا، هاڻ ته رندن ۽ زاهدن جي ڪهاڻي هڪ ٿيڻ لڳي آهي. شال خير هجي ميخانن ۽ پيمانن جو، شال ساٿ سلامت هجي، وڌي ۽ ويجهي هي چئوياري، هي التجا ۽ آس آهي ته خود پرستيءَ کي ڇڏي جيڪر رهبر ۽ رهنما پاڻ ۾ ملي پون ته سنڌين تان مهڻي ميٽ ٿي پوي. هن ۾ ڪا ڀلائي هئي، جو تاريخ سنڌين کي ماضيءَ ۾ ڌارين کان بچاءُ جو ”فن ۽ هنر“ سيکاريو، نه ته هنن پِٽين ته اسان کي فنا ڪرڻ لاءِ ويهين صديءَ جا چارئي وحشي نظام صيهونيت، نازي ازم، نسل پرستي ۽ فاشزم لاڳو رکيا آهن، جو هينئر اسان جي هٿ فاتح ڪرڻ وارو ڪير به نه هجي ها. اڄ جي حالت جو ايمانداريءَ سان جائزو وٺون ته سنڌ جي نيڻن مان نير پيا وهن، انهن لڙڪن جي مينهن جو ڇيهه ڇڙو به نظر نٿو اچي. ڏک ته اهو آهي ته انهن ستمن ۽ سختين ۾ پراون سان پنهنجن هٿ ونڊايو آهي. بقول مرحوم ابراهيم منشي:

    مون پڪ سڃاتا پنهنجا هئا،
    ڌارين سان گڏ ڌاڙي ۾.

    اسان جي سنڌ جو سياسي ڪلچر به عجيب رهيو آهي. سنڌ جي سياست جا عجيب ” نشانمبر“ نظر ايندا. طلسمي سياست، چيلو گروُ سياست، وٺ جواب ڏي جواب سياست، ڪڪڙ ڪوري جي، واهه واهه وڏيري جي. بَڇ پگهاردار جي ۽ پينشن بردار جي سياست، جي سائين، حاضر سائين واري سرڪاري سياست، مهم جو، ڇڙواڳي واري سياست، محب شيدي، لائق چانڊيو ٽائيپ اٺائيگير سياست وغيره شامل آهن. جڏهن ته الميو وري هي آهي ته اهي سڀ ”ليبل ۽ لقب“ لڳائي سنڌ جي حب الوطني جو ٿورو ٿڦيندا وتن. جڏهن به سنڌي سنڌ جي وجود کي بچائڻ لاءِ ڪن ”سياسي نڪتن“ تي متفق ٿيا آهن ۽ گڏيل ڪو پليٽ فارم ٺاهيو آهي ته سرڪاري ۽ درٻاري ڇاڙتن قومي جدوجهد جي راهه ۾ کڏون کوٽيون آهن. اسان کي اهو وسارڻ نه گهرجي ته اقتدار POWER کي پنهنجا ”ديو راڄ ۽ ديوتا“ آهن، جنهن جا پوڄاري لاتعداد آهن. هن ديو راڄ جو پنهنجو ڌرم آهي، جنهن جو نالو ڏاڍائي، قانون، پوءِ نيهن جو نياپو ۽ لوڀ آهي. شروع شروع ۾ ديو راڄ پنهنجو ”دٻدٻو ۽ ڀئو“ استعمال ڪري ماڻهن جي دلين ۾ ڏهڪاءُ ۽ ذهنن ۾ خلفشار پيدا ڪري ماڻهن جو ساهه مُٺ ۾ ٿو ڪري، پر مهاڏي جي صورت ۾ پنهنجا نينهن نياپا يعني لوڀ ۽ لالچ کان ڪم وٺي قومي تحريڪن ۾ پنهنجا گماشته داخل ڪندو آهي، جن جو جيون صرف پيسو ۽ پيسو ڪمائڻ آهي، انهن مار آستينن کي قومي جدوجهد کي ڇيهو رسائڻ لاءِ هوشياري سان حرفت کي استعمال ڪرڻ جي سکيا اهڙي نموني مليل هوندي آهي، جو ظاهري طرح اهي قومي جدوجهد جا ٻانهن ٻيلي ٿي وٺي چڙهتون ۽ چوڪون ڏيندا. تيستائين ڪڙڪا ۽ واڪا ڪندا، جيستائين ” چنڊ ۽ چوکا“ آواز دٻجي گم ٿي وڃن. هڪ دفعو قومي جدوجهد جو همدم ۽ همدرد ٿي قبضو ڪري پنهنجي جفاڪشيءَ جي گهيري ۾ آڻي وڃي ” گهائو گهات“ جي ور چاڙهيندا آهن. بس اها ئي گهڙي حساس ۽ فيصلا ڪن هوندي آهي. جڏهن قومي جدوجهد جي ڪارڪنن کي ذهن ۽ پير پختا ڪرڻ جي ضرورت هوندي آهي. پر سنڌي مورکائي ۾ ڪوڙي سڪي کي قبول ڪري جعلسازي ۾ ڦاسي گڙدولين ۾ اچي ويندا آهن. اهو ئي وقت هوندو آهي جڏهن مٿا مونن ۾ ڏيئي قومي اتفاق راءِ قائم رکبو آهي ۽ ان کي ڳجهن ۽ ڳوهن کان بچائڻ لاءِ جتن ڪيا آهن، پر ٿيندو ڇا آهي ته سنڌ دشمن ته ”جهگٽا ۽ ڇڳا“ ٺاهي پاڻ ۾ صلاح و مشورو ڪندا آهن. اسين قومي دشمن جي نشاندهي ڪرڻ بجاءِ دست وگريبان ٿي هڪ ٻئي جي خلاف ڪوڙا ۽ سچا بهتان ۽ الزام هڻي عوام ۽ ميڊيا بيانن ذريعي اختلافن کي تنازعي جي حد تائين پهچائي ڇڏيندا آهيون. سڀ کان اول قومي جدوجهد ۾ اتفاق آڻڻ لاءِ کير مان مکيون ڪڍڻيون پونديون.

    گذريل 66 سالن ۾ جن بدبودار ڪردارن سنڌ کي هٿ وٺي تباهه ڪيو آهي، انهن سان مفاهمت جي آڙ ۾ ٺاهه ڪرڻ سنڌ سان سراسر ويساهه گهاتي آهي. ڏنل چهڪن ۽ زخمن تي لوڻ ٻُرڪڻ برابر آهي. اسان جي دنيا رشتن، ناتن ۽ نالن سان ڳنڍيل آهي، جيئن فراق، وصال ۽ پيار سان، پتنگ اگني ٻرڻ سان، دم غم ۽ زندگيءَ سان، عشق، عقل ۽ بندگيءَ سان، پيشاني ۽ سجدي جو- مامتا جو کير سان، تيئن سياست جو قوم ۽ ڌرتيءَ سان آهي. اسان سنڌي ڪن به سياسي نڪتن تي متفق ٿي سنڌ سان پنهنجو رشتو جوڙي جدوجهد ڪريون ته ڏسنداسين ته قومي دشمن ڪک ۽ قبر کان سواءِ ٻئي ڪنهن هنڌ لڪي نه سگهندو. اسان کي وچن ڪرڻو پوندو ته جيڪو سنڌ جي مفادن کي گروي يا وڪرو ڪندو، ان کي اسان ايترو نڀاڳو ۽ نيچ چونداسين، جيترو لڄن ۽ ننگن جي سوداگر کي چيو ويندو آهي.

    سنڌي قوم ۾ زرخيز ذهنن، مخلص ڪارڪنن، فرض شناس سرويچن باضمير رهنمائن جي کوٽ ناهي، پر هڪڙا اسان جا پنهنجا سڄڻ اهڙا به آهن، جن کي ڪا لالچ به ڪانهي پر سر جي سانگي انهن کي بزدل بنائي ڇڏيو آهي. اهي رياستي جبر ۽ ڏاڍ کان ڊڄي قومي جدوجهد کان الڳ ٿي تماشائي بنيل آهن. منهنجي انهن کي وينتي آهي ته جڏهن اڄ ڌرتيءَ ماءُ جو وجود خطري ۾ آهي. سنڌي قوم جو نانءُ نشان مٽائڻ واريون قوتون سرگرم عمل ۾ آهن. اهي سڄڻ به اڳتي وڌن، پاڻ کي تاريخ جو ڏوهاري ٿيڻ کان بچائين. ننگن ۽ دنگن لاءِ جيستائين سر جو سانگو نه لاهبو، تيستائين منزل ماڳ تي پهچڻ ناممڪن ۽ مشڪل آهي.
    ڀڙڪ وري ڀنڀٽ،
    ڪئي سال ستو رهئين.


    روزاني ڪاوش، آچر 28 جولاءِ 2013ع
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو