سُپريان سَندي سار، جاڳي جِن جي جيءَ ۾

محمد اسلم عباسي

سينيئر رڪن
سُپريان سَندي سار، جاڳي جِن جي جيءَ ۾،
روبينه ابڙو

سُپريان سَندي سار، جاڳي جِن جي جيءَ ۾،
گوشي ڪن گونجار، تَڪيا پَسو تن جا.​

تَڪيا پَسو تن جا، جي جِهڄَن ۽ جُهرن،
ٻَهرِ ڪينَ ٻُرن، اُڀا اُڀامن من ۾.​

اُڀا اُڀامن مَن ۾، وَسن وڏڦڙا،
شل اهي ئي ابڙا، سام سنڀالن سنڌ جي.​

سام سنڀالن سنڌ جي، جوڌا ڪي جوان،
انوکا انسان، مارڳ رکن من ۾.​

مارڳ رکن من ۾، جي وطن لئه لوچن.
سدائين سوچن، کاهوڙين جي پنڌ لئه.​

کاهوڙين جي پنڌ لئه، کڙا کڙڪڻا،
سي پير ئي جرڪڻا، جي ماڳ رَسائن مُند جا.​

جي ماڳ رَسائن مُند جا، سي چانگا ڀي چمڪن،
اسر ويل اُٿن، وِک وڌائن سج سِين.​

وِک وَڌائن سِجَ سِين، ڀَلِ راتيون جاڳن جام،
انهن جو انعام، مومل ۽ مَجاز آ.​

مومل ۽ مجاز، راڻي لئه راحت،
سومل جي ساعت، سوڍو سِجهائي وئي.​

سوڍو سِجهائي وئي، سُومل جي سياڻپ،
ڪائي ويڳاڻپ، سمجهي موٽيو مينڌرو.​

سمجهي موٽيو مينڌرو، مومل کي ميرو،
وسايئين ديرو، ساڳيو پنهنجو سُڃَ ۾.​

ساڳيو پنهنجو سُڃ ۾، محبت جو آ ماڳ،
اهو اهڙو راڳ، جنهن آلاپيو سو اگهيو.​

 
بهتــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــريــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــن خــــــــــــــــيال
...................................................................................
ابڙو روبينا: روبينا ابڙو، 24 -آڪٽوبر- 1971ع تي ڳوٺ ڳيريلي، تعلقي ڏوڪري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. هوءَ سنڌي ٻوليءَ جي شاعر عورتن ۾ غزل جي شاعريءَ ۾ اهم مقام رکي ٿي. سندس غزل فني ۽ فڪري حوالي سان پختا ۽ متاثر ڪندڙ آهن. هن ادبي دنيا ۾ 1991ع کان پير پاتو. ابتدا ۾ ڪجهه ڪهاڻيون لکيائين، جيڪي ريڊيو خيرپور جي پروگرامن ۾ نشر ٿيون، پر پوءِ هن پنهنجي لاءِ شاعريءَ جو ميدان چونڊيو ۽ شاعر عورتن ۾ نالو پيدا ڪيو. مريم مجيدي ۽ سحر امداد واري ٽهيءَ کان پوءِ واري ٽهيءَ ۾ روبينا ابڙو ۽ رخسانه پريت ئي غزل جون ٻه پختيون شاعرائون آهن. روبينا ابڙو ايم. اي سنڌي (1995ع) ۽ ايم. اي ايڪانامڪس (1997ع) آهي. هوءَ گورنمينٽ گرلس مڊل اسڪول نظر محلي، لاڙڪاڻي ۾ اُستاد طور پڙهائي رهي آهي. سندس شاعري ۽ مضمون سنڌي ٻوليءَ جي مختلف رسالن ۾ ڇپجندا رهن ٿا. هوءَ هن وقت لاڙڪاڻي ۾ رهائش پذير آهي. .بشڪريه سنڌيانه


 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
Back
Top