محمد اسلم عباسي
سينيئر رڪن
سُپريان سَندي سار، جاڳي جِن جي جيءَ ۾،
روبينه ابڙو
سُپريان سَندي سار، جاڳي جِن جي جيءَ ۾،
روبينه ابڙو
سُپريان سَندي سار، جاڳي جِن جي جيءَ ۾،
گوشي ڪن گونجار، تَڪيا پَسو تن جا.
تَڪيا پَسو تن جا، جي جِهڄَن ۽ جُهرن،
ٻَهرِ ڪينَ ٻُرن، اُڀا اُڀامن من ۾.
اُڀا اُڀامن مَن ۾، وَسن وڏڦڙا،
شل اهي ئي ابڙا، سام سنڀالن سنڌ جي.
سام سنڀالن سنڌ جي، جوڌا ڪي جوان،
انوکا انسان، مارڳ رکن من ۾.
مارڳ رکن من ۾، جي وطن لئه لوچن.
سدائين سوچن، کاهوڙين جي پنڌ لئه.
کاهوڙين جي پنڌ لئه، کڙا کڙڪڻا،
سي پير ئي جرڪڻا، جي ماڳ رَسائن مُند جا.
جي ماڳ رَسائن مُند جا، سي چانگا ڀي چمڪن،
اسر ويل اُٿن، وِک وڌائن سج سِين.
وِک وَڌائن سِجَ سِين، ڀَلِ راتيون جاڳن جام،
انهن جو انعام، مومل ۽ مَجاز آ.
مومل ۽ مجاز، راڻي لئه راحت،
سومل جي ساعت، سوڍو سِجهائي وئي.
سوڍو سِجهائي وئي، سُومل جي سياڻپ،
ڪائي ويڳاڻپ، سمجهي موٽيو مينڌرو.
سمجهي موٽيو مينڌرو، مومل کي ميرو،
وسايئين ديرو، ساڳيو پنهنجو سُڃَ ۾.
ساڳيو پنهنجو سُڃ ۾، محبت جو آ ماڳ،
اهو اهڙو راڳ، جنهن آلاپيو سو اگهيو.