زمين جو ڏهاڙو Earth Day اڄڪلهه دنيا جا ڪيترا ئي ملڪ زمين ڏهاڙو ملهائي رهيا آهن، زمين ڏهاڙي ملهائڻ جو مقصد آهي زميني ماحول کي صاف سٿرو ۽ انسان دوست ٺاهڻ ... جنهن ۾ صاف هوا، صاف پاڻي ۽ گل گلزاري هجي، اڄ جي مشيني دور جنهن جاءِ تي انسان لئه ڪجهه سهولتون ته پئدا ڪيون آهن پر ساڳي جاءِ تي اڻ ڳڻيون بيماريون ۽ ڪروڌي ماحول پئدا ڪري وڌو آهي ... جنهن ۾ انسان ڏينهون ڏينهن وڃي پيو ڦاسندو ۽ قدرتي فطرتي ماحول کان وڃي پيو پري کان پري ٿيندو ... سنڌ سلامت جي سڀني دوستن کي گذارش آهي ته هو به زمين ڏهاڙي جي ڏينهن تي اهو وچن ڪن ته هو سنڌ کي سهڻو، آزاد ۽ صاف رکندا ۽ زمين جنهنکي ڪيترن مذهبن ته ماءُ جو درجو ڏنو آهي، تنهنکي سامهون رکي پنهنجي ماءُ جي گوديءَ کي ايترو ته صاف رکندا جو ايندڙ اسانجا نسل اسانجي هن سنڌ زمين تي فخر ڪن ... پنهنجي آس پاس نهاريو، ڪٿي ڪو گند ڪچرو ته ناهي، ڪٿي ڪو ڌرتي دشمن يا انسان دشمن عمل ته نه ٿي رهيو آهي ... بس هٿ وڌايو ۽ ڌرتيءَ کي صاف ۽ گندگيءَ کان پاڪ ڪريو ... اهو تنهنجو منهنجو ۽ اسان سڀني جو فرض عظيم آهي ... ڪفران نعمت نه ڪريو ۽ پنهنجي وجود مان پنهنجي ڌرتيءَ تي سونهن ۽ صحتمند ماحول جي پئدا ٿيڻ جو وچن ڪريو .... جيئي ڌرتي ... جيئي سنڌ