• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

دوست موکي ڪيئي مليا ... آهوجا پرڪاش سيوڪ

محمد اسلم عباسي

سينيئر رڪن
دوست موکي ڪيئي مليا
آهوجا پرڪاش سيوڪ

دوست مونکي ڪيئي مليا
ڪي دل گھُريا دلدار مليا
ڪي مونهن مٺا منٺار مليا
ڪي ته هُئا مون لاءِ سڪايل
منهنجي درد ۾ هُئا دُکايل
ڪن کي هُئي مون مان آشا
ڪن سمجهي منهنجي ڀاشا
ڪن مونکي ڪين سُڃاتو
ڪن اندر ۾موکي هي پاتو
ڪي ويا وڇڙي وڇورو ڏئي
ڪن ديوار کڙي ڪئي ليڪو ڏئي
ڪي مست ملنگ مستانا
ڪي دلبر داني دلدار مليا
ڪن لُٽيو موکي مال سمجهي
ڪي هُئا منهنجي غم ۾ غايل
ڪن ٻڌي پيرن کي لوه جي پايل
ڪن سمجهو پاڻ کي راجا بابو
پر مان نه ٿيس ڪنهنجي قابو
منهنجا خيال موسان آزاد مليا
دوست مونکي ڪيئي مليا
ڪن ٻاريو ڏيئو ڪيو روشن
اهڙا بي موکي پرڪاش مليا

 
Back
Top