• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

وفائون ڇو پڇو هاڻي

ڪيو جي پيار ٿا پيارا وفائون ڇو پڇو هاڻي
محبت جنهن سان ٿيندي آ اهو ئي ڪين ٿو ڄاڻي
سڄي سڪ ساب ٿيندي ناه محب ماندڪائي آ
بره بيچين جي ناهين ته تنهنجي اک سدان ساڻي
هلي ڏس هن سفر ۾ تون کلندءِ راز پو پيارا
اهو ئي عشق آ جنهن ۾ اها ڪائنات تو ماڻي
دلبر درد ڏيندو آ سڪ ۾ سور سهبا هن
رتي رسبو نه پيارل سان ڀلي هاڻي وجهو گهاڻي
سڪ جو هي سبق سائين ڪري ڇڏيو حفظ آهي
اهو ئي ورد زبان تي آ سدان اخلاص ۾ آڻي

رسول بخش دائودپوٽه
 
Back
Top