• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڪراچي ڪنهن جو شهر!

منصور سرور

سينيئر رڪن
احمد خان جمالي

ڪراچي اردو ڳالهائيندڙ سنڌين جو پاڪستان ۾ وڏي ۾ وڏو شهر آهي، اهڙي طرح ڪراچي پٺاڻن جو به پاڪستان ۾ وڏي ۾ وڏو شهر آهي ته ساڳئي ريت ڪراچي، بلوچن جو به پاڪستان ۾ وڏي ۾ وڏو شهر آهي.

آبادي جي لحاظ کان به ڪراچي وڏي ۾ وڏو شهر آهي ته ڪاروباري اعتبار کان به ڪراچي پاڪستان جو وڏي ۾ وڏو مرڪز آهي. ڪراچي، دنيا جي ٻين ڪيترن ئي ملڪن مان ”فرار حاصل“ ڪري پتاهه حاصل ڪندڙ ماڻهن جو به پاڪستان ۾ وڏي ۾ وڏو شهر آهي، ته ٻين صوبن مان لڏپلاڻ ڪري ايندڙ خاندانن جو به وڏي ۾ وڏو شهر آهي.

ڪراچي، پاڪستان ۾ وڏهارين جو به وڏي ۾ وڏو شهر آهي، ته ڪرائي تي قاتلن جو به وڏي ۾ وڏو شهر آهي.

ننڍي کنڊ جي ورهاڱي وقت صرف اهو طئي ڪيو ويو هو ته ڀارت ۾ جن صوبن جي آبادي جي اڪثريت مسلمانن تي مشتمل آهي اُهي صوبا گڏجي پاڪستان ٺاهيندا يعني ڀارت جي اقليتي مسلمان صوبن يا رياستن مان لڏ پلاڻ ڪري پاڪستان ۾ آباد ٿيڻ جي ڪا به ڳالهه نه ڪئي وئي هئي، پر سازشي ليگي ليڊرن ڄاڻي واڻي فساد ڪرائي، لڏپلاڻ جو ماحول پيدا ڪيو جيئن نيئن ملڪ ۾ پنهنجي مستقبل جي لاءِ گنجائش ۽ جاءِ پيدا ڪري سگهن.

لياقت نهرو معاهدي کان پوءِ به لڏپلاڻ جو سلسلو اڃا تائين جاري آهي.

پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ پراڻا سنڌي سياستدان سڪتي ۽ صدمي ۾ هئا، جڏهن ته هتان جو سمورو انتظامي ۽ سياسي ڪنٽرول لڏي آيل نوڪر شاهي جي هٿن ۾ هليو ويو جيڪي ساڳي وقت پنجاب جي سجاڳ، چالاڪ ۽ مفاد پرست نوڪر شاهي کي پڻ اکيون ڏيکارڻ لڳا، جنهن جو نتيجو لياقت علي جي سانحي جي شڪل ۾ پيش آيو.

ون يونٽ ٺهڻ کان پوءِ ۽ ايوبي آپيشاهيءَ جي دور ۾ ڪراچي جي سامونڊي بندر جو فائدو وٺندي ڪراچي ۾ وڏي پئماني تي ڪارخانا ۽ صنعتون قائم ڪيون ويون، انهن ڪارخانن ۾ جنهن ”افرادي قوت“ جي ضرورت هئي، اها پڻ پختونخواهه صوبي مان پوري ڪئي وئي ۽ انهن مزدورن جي لاءِ غيرقانوني ۽ ناجائز رهائشي ڪالونيون وجود ۾ آنديون ويون ۽ سنڌ جي هزارين ايڪڙ زمين غيرن جي قبضي ۾ هلي وئي.

ٻئي طرف مختلف هائوسنگ سوسائيٽيون ٺاهي هزارين ايڪڙن جي زمين تي ”پوش علائقا“ آباد ڪيا ويا، جڏهن ته صدين کان آباد ڳوٺ غائب ٿيندا رهيا ته اتان جا قديمي رهواسي پڻ پنهنجا اجها ڇڏيندا ڪراچي کان ٻاهر ڌڪجندا رهيا.

ان سڄي عرصي جي دوران نه ته غيرقانوني ڪالونين جي ڪچي آبادي جي خلاف ڪنهن جي طرفان قابل ذڪر مزاحمت يا مخالف سامهون آئي نه ئي ”پوش علائقن، تي مشتمل هائوسنگ اسڪيمن کي ڪنهن جي طرفان چئلينج ڪيو ويو، جڏهن ته ڪراچي جا اهي اهم مقامي، شهري ادارا انهن ساڳين ”پوش ۽ غير پوش“ علائقن جي رهواسين جي انتظام ۽ اثر هيٺ هئا. ون يونٽ ٽهڻ کان پو ءِ جڏهن اسان جا سياسي ۽ انتظامي اڳواڻ صدمي ۽ ننڊ مان سجاڳ ٿيا ته ان وقت تائين جهرڪيون گهڻو تڻو جوڳو“ چڳي چڪيون هيون. ذوالفقار علي ڀٽي، جڏهن ايوبي آمريت جي خلاف عوامي تحريڪ هلائي ته ڪراچي ۽ حيدرآباد جي اڪثريتي اردو ڳالهائيندڙ آبادي به ان وقت سندس ساٿ ڏنو جنهن جي نتيجي ۾ پ پ ڪراچي شهر ۽ حيدرآباد مان پڻ وڌيڪ سيٽون حاصل ڪيون. ”مستقل مفاد“ گروهه کي اها ڳالهه پسند نه آئي، جنهن آخر ڪار مختلف حربا ۽ حرڪتون استعمال ڪري سنڌي اردو ويڇا وڌايا جيڪي اڄ ڏينهن تائين ڀوڳي رهيا آهيون. ذوالفقار علي ڀٽي پنهنجي حڪومتي دور ۾ توڙي محترمه بي نظير ڀٽي پنهنجي اقتداري عرصي ۾ وفاقي ۽ صوبائي ادارن ۾ اردو ڳالهائيندڙ شهرين سان گڏوگڏ سنڌي ۽ بلوچي ۽ پشتو ڳالهائيندڙ نوجوانن ۽ عوام کي ڪنهن ڪنهن حد تائين ملازمت ۽ روزگار جا حق ڏنا، پر جيئن ته ڪنهن به سول سياسي حڪومت کي ”مڪمل اختيار“ ڪڏهن به نه ڏنا ويا آهن، ان ڪري نه ته اهي حڪومتون پنهنجو چونڊيل عرصو مڪمل ڪري سگهيون نه ئي عوام جا اهنج گهٽائڻ جي لاءِ قابل قدر قدم کڻي سگهيون، جڏهن ته غير سياسي ۽ اڻ چونڊيل حڪومتن ڄاڻي واڻي سنڌ ۾ نفرت ۽ ڇڪتاڻ وارو ماحول نه صرف برقرار رکيو پر تعصب، دهشت ۽ هٿيارن جي استعمال کي پڻ زور وٺرايو ۽ ويڙهايو ۽ حڪومت ڪريو جي نسخي تي عمل ڪيو. گذريل ويهن سالن جي عرصي جي دوران سنڌ ۾ قبائلي جهيڙا به وڌندا رهيا ته ڌاڙيلن جي طرفان اغوا جون وارداتون به وڌنديون رهيون ته ساڳئي وقت برساتي ٻوڏن ۽ قدرتي آفتن جي نتيجي ۾ لکين سنڌي سنڌ جي مختلف علائقن مان لڏي اچي ڪراچي ۾روزگار ڪرڻ لڳا آهن. هن وقت ڪراچي جي ڪورنگي، لانڍي، ابراهيم حيدري فيڊرل بي ايريا ۽ نيو ڪراچي جي انڊسٽريل ايريا ۽ سائيٽ سميت اهڙا ڪيترائي علائقا آهن جتي سنڌي نوجوان ۽ بي روزگار پورهيت پورهيو ڪري رهيا آهن، اهڙي طرح سيڪيورٽي گارڊن جي مختلف ڪمپنين ، پيٽرول پمپن ۽ ڪيٽرنگ ڪمپين ۾ ڪيترائي سنڌي نوجوان روزگار ڪري رهيا آهن، جڏهن ته عام رازڪو ڪم هجي يا عام ڏهاڙِي جي مزدوري هجي، ٺيلهي تي ڀاڄي وڪڻڻ وارو هجي يا رڪشو ۽ ٽيڪسي هلائيندڙ هجي، سچ پچ ته سنڌ ۾ اهڙي ڪا به ذات نه آهي، جيڪا هن وقت سنڌ جي گادي واري شهر ۾ موجود نه هجي.

اهڙي طرح ڪيترائي لکيل عام نوجوان يا ڪمپيوٽر ۽ آءِ ٽي جا ”سند يافته ” نوجوان ڪيترن ئي مختلف ادارن ۾ قسمت آزمائي ڪري رهيا آهن.

اهو درست آهي ته هن وقت به ڪراچي جا ڪيترائي علائقا ”نوگو ايريا“ بڻيل آهن ۽ اهو به سچ آهي ته سنڌي نوجوان توڙي عام شهري، متعصب حلقن کي هضم نه ٿي رهيا آهن ۽ ممڪن آهي ته خدشا به سچا هجن ته کين ڄاڻي واڻي ٽارگيٽ ڪيو پيو وڃي ته جيئن اُهي هتان هليا وڃن پر انهن سڀني تلخ حقيقتن جي باوجود اهو سچ آهي ته گذريل ويهن سالن جي عرصي دوران ڪراچي شهر ان جي پسگردائي ۾ سنڌي خاندان وڏي انگ ۾ آباد ٿي چڪا آهن.

اها حقيقت آهي ته اُهي هزارين خاندان ڇڙو ڇڙ آهن ۽ منظم به نه آهن نه ئي ڪنهن سياسي ڌر سان سلهاڙيل آهن، ان ڪري جيڪڏهن انهن هزارين خاندانن سان لاڳاپيل مردن توڙي عورتن جا ووٽ هتي داخل ڪرائجن يا کين اهم سياسي جماعتن ۾ شامل ڪجي ته سچ پچ ڪراچي جي سياسي ماحول کي مثبت ۽ عوام دوست رُخ ۾ بدلائي سگهجي ٿو.

اسان کي اهو نه وسارڻ گهرجي ته ڪراچي شهر ۽ ان جي پسگردائي ۾ اول جيڪي لکين سنڌي خاندان صدين کان يا ڪافي سالن کان آباد آهن ، انهن کي ڪنهن به قيمت تي سياست سميت زندگي جي ڪنهن به شعبي ۾ نظر انداز نه ڪرڻ گهرجي بلڪه انهن کي پنهنجو ٻانهن ٻيلي بڻائڻ گهرجي ۽ انهن کي تحريڪن جي اڳواڻي ڪرڻ لاءِ قائل ڪرڻ گهرجي.

ڪراچي ۾ آغا خاني اسمائيلي، بوهري، عيسائي، پارسي، هندو ۽ لکين اهڙا ڪاٺياواڙي ۽ گجراتي ميمڻ آهن جيڪي پاڪستان ٺهڻ کان به اڳي جا ديس واسي آهن اُهي مصلحتاً يا مجبورن کُلي عام پنهنجو پاڻ کي سنڌي سڏائڻ کان ٿي سگهي ٿو ته هٻڪندا هجن پر انهن کي سنڌي نه سمجهڻ يا نه مڃڻ جو ڪو به جواز نه آهي.سچي ڳالهه اها آهي ته سنڌ ۾ پيدا ٿيندڙ ۽ سنڌ جي وڏن توڙي ننڍن شهرن ۾ آباد ٿيل اردو ڳالهائيندڙ خاندان پنهنجو پاڻ کي سنڌي قوم جو حصو سمجهي رهيا آهن پر بدقسمتي سان مختلف گروهن جي دٻاءُ دهشت ۽ ڊپ جي ڪري هيسيل ۽ مجبور آهن، اهڙي طرح جيڪڏهن اها دعويٰ ڪجي ته ڪراچي شهر سچ پچ ته پاڪستان ۾ سنڌين جو وڏي ۾ وڏو شهر آهي، ته ان ۾ ڪو به وڌاءُ نه ٿيندو. مختلف سياسي جماعتن جي اڳواڻن ۽ عهديدارن کي گذارش آهي ته اُهي پنهنجن تنظيمن ۾ ڪراچي جي انهن پراڻن رهواسين کي اهم حيثيت ڏين ۽ سياست، چونڊن توڙي زندگي جي مختلف شعبن ۾ کين رهنمائي ڪرڻ وارو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار ڪن ته جيئن ڪراچي جي واسين يا سنڌ واسين ۾ وڇوٽيون پيدا ڪندڙ مستقل مفاد قوتن جي سازشن ۽ حرڪتن کي ناڪام بڻائي سگهجي ته ان سان گڏوگڏ لساني، نسلي، مذهبي ۽ مسلڪي تفريق کان پڻ جان آجي ڪرائي سگهجي.

لاڳ
 
ڪراچي منهنجو شهر، سنچ ۽ سنڌين جي جان.....
سُتا اُٿي جاڳ ننڊ نه ڪجي ايتري....!!!
سنڌيو سجاڳ ٿيو، پنهنجي دنگن جي حفاظ پـــاڻ ڪريو....!
الله ايئن مَ ٿئي جو ڪتابن ۾ پڙهجي ته هئي ســـــنـــڌ ۽ ســـــنـــڌ وارن جي ٻولي......!!!
جي جيون تو ۾ سنڌ نه آ، پوء منهنجي توکان دوري آ.......
منهنجي محبت يا نفرت جو مَحَوَر صرف ۽ صرف ســــنــڌ آهي(سائين جي ايم سيد)
 
Back
Top