بيجنگ (ع آ نيوز) چين جي هڪ عورت جيڪا پنهنجي مڙس جي اڳوڻي محبوبه تي ڏمريل هئي ان بدلي وٺڻ جي باهه ۾ مڙس جي اڳوڻي محبوبه کي سر عام باهه ڏئي ڇڏي آهي. تفصيل موجب چين جي صوبي ينان جي ڪنمنگ صوبي ۾ اهڙي قسم جو واقعو پيش آيو جتي هڪ جنوني عورت پنهجي مڙس جي اڳوڻي محبوبه مٿان تيل هاري ان کي باهه ڏئي ڇڏي جنهن کان پوءِ ان جو جسم سڙي رک ٿي ويو، هي واقعو اتي بيٺل سون جي تعداد ۾ ماڻهن ڏٺو. عورت جنهن جو نالو شائي پئي ٻڌايو ويو هن کي شڪ هيو ته ان طلاق جو ڪارڻ ان جي مڙس جي اڳوڻي محبوبه آهي تنهن تي هن اهڙي ڪاروائي عمل ۾ آندي. هن پاڻ به زهر کائي پنهنجي زندگي جو انت آندو. ان ڪري چوندا آهن بدلي جي باهه ڪنهن کي به ناهي ڇڏيندي.