• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

انسانن جا حيران ڪندڙ رڪارڊ

منصور سرور

سينيئر رڪن
لاهور (ع آ نيوز) انسان به قدرت جو هڪ عظيم شاهڪار آهي جنهن مختلف وقتن تي حيرت انگيز ريڪارڊ جوڙيا آهن جو ڏسندڙن جو ان تي اعتبار ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو ٿي پوندو آهي. ڇو جو ماڻهو اهڙي عجيب ڪم کي ڪندي پهرين ڪڏهن نه ڏٺو ويو هوندو آهي. اهڙا ماڻهو دنيا جي مختلف حصن ۾ رهن ٿا جيڪي مختلف ڪرتب ڪندي نوان نوان ريڪارڊ ٺاهين ٿا. ڪجهه کي اوهان سان به ملايون ٿا. ڀارت جو هڪ شهري جنهن جو نالو اينٿوني وڪٽر آهي ان پنهنجي ڪن جا وار 7.2 انچ ڊگها آهن ۽ سندس ان ئي ڪارنامي جي ڪري هن جو نالو گنيز بڪ آف ورلڊ ريڪارڊ ۾ لکيو ويو آهي. هڪ آمريڪي شهري گڊمين پپوٽون جيڪو 0.47 انچ تائين اک جي تارن کي گهمائي ٿو. ان اهو ڪرتب 2007 ۾ ڏيکاريو هو. هڪ آمريڪي شهري جيڪي بيني 12 سيڪنڊن تائين 8 نانگن کي پنهنجي وات ۾ پڪڙي رکڻ جو انوکو ريڪارد جوڙيو هو. 68 سالن جي امريڪي عورت به 28 فٽن جا ننهه رکيا هئا هن اهي ننهه 1979 کان 2008 تائين رکيا هئا
news-1404243184-4363-300x291.jpg
 
Back
Top