جديد دور جو جديد ٻٽون۔۔۔۔۔

'آئي ٽي بابت تازيون خبرون' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏23 اپريل 2010۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    توهان جديد دور جي جديد شين کي ڪمپريس ۽ بهتر سڪيورٽي سان مارڪيٽ ۾ ته ڏٺو هوندو پر اڄ مان توهان کي جديد ٻٽون يا wallet بابت ٻڌائيندس ۔۔۔۔۔
    اسان ٻٽون ۾ پنهنجيون قيمتي شيون رکندا آهيون جهڙوڪ ڪريڊٽ ڪارڊ يا بينڪ ڪارڊس سان گڏ هر وقت معقول رقم جيڪا سفر جي دوران هر لمحي ڪم ايندي رهندي آهي۔۔۔ جيڪڏهن اهڙو قيمتي ٻٽون ڪاٿي ڪري پئي، گُم ٿي وڃي يا ڪير چوري ڪري وجهي ته توهان جي ڪيفيت ڪيئن هوندي۔۔۔
    اهڙن تڪليف ڏيندڙ حالتن کي سامهون رکندي TungstenW ڪمپني هڪ اهڙو biometrics ٻٽون ٺاهي مارڪيٽ ۾ آندو آهي۔۔۔ هن ٻٽو جي خصوصيت اها آهي ته هي ٻٽون تيسيتائين نه کلندو جيسيتائين مالڪ جي آڱرين جي لڪيرين کي سڃاڻي نه وٺي۔۔۔

    [​IMG]

    هن ٻٽون کي گڏ موجود يو ايس بي ليڊ ذريعي ڪمپيوٽر سان منسلڪ ڪيو ويندو آهي جنهن سان هن ۾ موجود خودڪار پروگرام کُلي ويندو آهي جنهن جي ذريعي ٻٽون جو مالڪ پنهنجيون fingerprint سيٽ ڪندو آهي۔۔۔ هن ٻٽون جي اضافي خوبي اها آهي ته هن کي بلو ٽوٿ ذريعي پنهنجي موبائيل سان پڻ منسلڪ ڪري سگهجي ٿو ۔۔۔ جنهن ڪري اتفاقي وسري وڃڻ، ٻٽون جي ڪري پوڻ، گُم ٿي وڃڻ يا چوري ٿيڻ ممڪن نه رهندو ڇو ته جيڪڏهن ٻٽون کي مالڪ کان ڏهه فوٽ پري ڪيو ويندو ته ٻٽون ۾ موجود خودڪار الارم وڄڻ شروع ٿي ويندو۔۔۔
    ڪيئن آهي نه 21 صدي حيران ڪندڙ۔۔۔۔۔۔
     
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: جديد دور جو جديد ٻٽون۔۔۔۔۔

    تمام پياري معلومات آهي ادا

    پر ادا اهوٻٽون پاڪستان ۾ ملندو يا نه جيڪڏهن پاڪستان ۾ ملي ته واه واه نه ته سائين نثار ابڙي صاحب کي چئي ڪري سعودي مان گهرائي وٺان اصل ۾ اهو ٻٽون مون لا۽ تمام ضروري آهي ان ٻٽون نه هئڻ ڪري هڪ دفعو پهريائين به علي علي انٽرنيشنل مون جي جمع پونجي کڻي فرار ٿئي ويو هو

    پر هاڻ پاڻ به پڪو انتظام ڪندس

    اهڙي بهترين شيئرنگ پيش ڪرڻ تي توهان کي جس هجي

    سدائين گڏ
     
  3. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: جديد دور جو جديد ٻٽون۔۔۔۔۔

    ادا رشيد صاحب ڳالهه وڻي، ۽ انشاءالله اهيو ٻٽون وٺبو۔
     
  4. muhammad awais soomro

    muhammad awais soomro
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏27 فيبروري 2010
    تحريرون:
    11
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: جديد دور جو جديد ٻٽون۔۔۔۔۔

    ادا رشيد صاحب ڳالهه وڻي، ۽ انشاءالله اهيو ٻٽون اسان به وٺنداسين ڀاء
    سدائين گڏ
    ________
     
  5. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: جديد دور جو جديد ٻٽون۔۔۔۔۔

    ادا توهان ڳاله ت ڀلي ڪئي آهي پر جڏهن اهو ٻٽون پاڪستان ۾ ايندو ت وٺنداسين...
     
  6. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,018
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: جديد دور جو جديد ٻٽون۔۔۔۔۔

    ادا رمضان اچڻ وارو اٿئي ڀلي تياريون ڪر ۽ پاڻ واري هيلپر سائين نثار ناز جي به ڀلي مدد وٺ ادا ڀلي تون اهو پرس وٺ پر هڪ ڳاله ياد رکجان مان به انٽر نيشنل آهيان ادا مون وٽ اهڙو سافٽ ويئر آهي جنهن جي مدد سان اهو تو واري بٽون به نه ٽڪندو ان ڪري توکي برادري مشورو اهو آهي ته جيو اصر جيني دو واري نسخي تي عمل ڪندي پهنجي ڪمائي جو اڌ مون واري بنگلي تي پهچائي وڃجان جي نه ته پاڻ کي خبر اٿئي ته هو به ويندي ته ها به ويندي۔ ۔ ۔ ۔ ۔ ۔ :)):))
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو