• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اورڪٽ کي بند ڪرڻ جو فيصلو

منصور سرور

سينيئر رڪن
نيويارڪ (ع آ نيوز) ڇا توهان ڄاڻو ٿا ته گوگل پلس گوگل جو پهريون سوشل نيٽ ورڪ نه آهي، ڪيترائي سال اڳ جڏهن سوشل نيٽ ورڪ کي ايتري شهرت مليل نه هوندي هئي جيتري اڄ، تڏهن هڪ نيٽ ورڪ اورڪٽ نالي سان وجود ۾ آيو هو. جڏهن ته هن سوشل نيٽ ورڪ ڏهن سالن دوران ڪا وڏي ڪاميابي ته نه ماڻي پر انڊيا ۽ برازيل ۾ وڏي پئماني تي استعمال ڪيو ويو. هاڻي فيس بڪ ۽ گوگل جي گوگل پلس، يوٽيوب ۽ بلاگر جي ڪاميابي بعد ڪمپني اورڪٽ کي بند ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. ڪمپني هن سال جي 30 سيپٽمبر تي ان نيٽ ورڪ کي باقاعده بند ڪرڻ واري آهي ۽ ان سلسلي ۾ اڄ کان ئي عمل شروع ٿي ويو آهي ۽ ان سوشل نيٽ ورڪ تي وڌيڪ نئين رجسٽريشن بند ڪئي وئي آهي
Google-closes-Orkut-300x300.png
 
Back
Top