جڏنهن ٻن چئنلن جي فريڪئنسي مڪس ٿي وڃي ٿي!

'کِل ڀوڳ' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏3 جولائي 2014۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    ريڊيو جي هڪ چئنل تي ڪرڪيٽ جي ڪمينٽري ته ٻئي چئنل تي ميڪ ڪرڻ جا طريقا پئي نشر ٿيا ته اوچتو ڪنهن غلطي جي ڪري ٻنهين جي نشريات مڪس ٿي وئي اچو ته پاڻ به ٻُڌون ته نشريات مڪس ٿي ڇا اچي رهي هُئي.
    حسين ڏسجڻ لا ڪئپٽن فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو. رانديگر وار سُڪائڻ لا ميدان طرف وڃي رهيا آهن. وارن جي پڄ بلڪل سُڪل آهي. مساج، فشل ۽ ماسڪ لا آفريدي تيار بيٺو آهي ۽ ويڪسنگ لا شغيب موجود آهي.

    ميڪ اپ کي دير تائين قائم رکڻ لا شعيب اختر شارٽ ليگ تي بيٺو آهي. اک جي چوڌاري هڪ رن جي ٻيهر واڌ ٿي آهي. ۽ سامعين بلش آن ليک بريڪ ڪرائي پيو، پويلين جي طرفا مسڪو لڳايو، کاڏي تي هڪ شاندار ڇڪو..

    فائونڊيشن اپلا ڪندي بولر سلپ ٿي ويو، لپ اسٽڪ لڳائيندي بال بائونڊري لائين پار ڪري ويو، چهري کي آخري تڄ ڏيندي اسٽيڊيم ۾ ٻيهر ڀليڪار ڪجي ٿي.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو