ڪمال آ! پو به بچي ويو!

'کِل ڀوڳ' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏3 جولائي 2014۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    ڪنهن ڪرڪٽ ميچ ۾ فاسٽ بائولر انتهائي تيز بال اُڇلايو، بيٽس مين وڪيٽن جي بلڪل سامهون هو ۽ بال وڃي پيڊ تي لڳو.
    بائولر : (دانهن ڪندي اپيل ڪئي) هائو از اٽ!
    امپائر : ناٽ آئوٽ!
    بائولر ڪاوڙ ۾ گهڻو تيشجي ويو ۽ غضبناڪ ٿي وري ٻيو بال اڃا به تيزي سان ڦٽو ڪيائين. هن ڀيري بال بيٽ سان لڳي ويو ۽ مٿي اُڇليو ۽ سيڪنڊ سلپ تي بيٺل فيلڊر اُن کي جهٽي ورتو ۽ هن ڀيري وري سڀني فيلڊرن هڪ آواز سان اپيل ڪئي!
    فيلڊرز : هائو از اٽ !
    ايمپائر : (ڪنڌ ڌوڻي) ناٽ آئوٽ!
    بائولر وري تيشجي پيو ۽ فيلڊرس اچي کيس گهڻو ٿڌو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ گهڻي مشڪل سان کيس ٿڌو ڪيو. بائولر وري بائولنگ ڪرڻ لا اڃا وڌيڪ تيزي سان اسٽارٽ ورتو ۽ بال بيٽس مين کي بلڪل سمجهه ۾ نه آيو ۽ هو هٽي پري ٿي بهي رهيو، بال لڳڻ سان ٽئي اسٽيمپون به پاڙن کان نڪري پري وڃي ليٽيون، پر بائولر ڪو احتجاج يا اپيل ڪانه ڪئي۽ پاڻ ئي ايماپئر جي ويجهو گُذرندي انڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيو۽ پنهنجي اسٽارٽ طرف ٻئي بال ڪرڻ لا مُڙندي پاڻ سان ڳالهائڻ لڳو
    بائولر : (پاڻ سان) ڪمال آ.. ڪيئن ته ذري تان بچي ويو!
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏3 جولائي 2014
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو