اکين نئين جا رچي آ دنيا جميل سومرو

اکين نئين جا رچي آ دنيا
نگاهه کي سا جچي آ دنيا

ٻه چار سڏڪا ٻه چار سارون
اها ئي هاڻي بچي آ دنيا

وصال کان اڳ ڇني ڇڏيائون
ڪنن جي ڪيڏي ڪچي آ دنيا

وفا پٺيان آ ڊڪڻ اجايو
لڳي ٿو شايد سچي آ دنيا

اسان جڏهن ڀي رُنا ڀنا هون
ٻَڌي هي گهنگهرو نچي آ دنيا

محبتن تي سدائين مڇري
ڇو مچ وانگر مچي آ دنيا
 
Back
Top