• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

نئون غزل ( جميل سومرو )

نئون غزل
( جميل سومرو )


عيد گذري در تڪيندي هوءَ نه آئي
وقت گذريو غم ڪٽيندي هوءَ نه آئي

لوڪ تي ٿيون بارشون پئي پيار جون
مان رُنس ڍنڍڪار ڏيندي هوءَ نه آئي

قيد خاني ۾ هيس يا گهر اندر
رات ٿي تنها سوچيندي هوءَ نه آئي

هر گهڙي خاموش هئي شاعر جيان
سمنڊ اٿليو اک ڇنڊيندي هوءَ نه آئي

ٻيڪڙيل ها در سموري شهر جا اڄ
شهر ۾ خوشبو ونڊيدي هوءَ نه آئي

شاعريءَ جا لڙڪ هاڻي ڪير اگهندو
 
Back
Top