• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

غــــــزل .....ڪئي شـــباب ٿا ٽڙن سُـــــرور جــــــــــي بدن مٿان

ڪئي شـــباب ٿا ٽڙن سُـــــرور جــــــــــي بدن مٿان
وري خــــواب ٿا کــــــــڙن سُرور جـــــــي بـدن مٿان

اسان جي چاهـ جي جبين اتي صدا جهڪي پئي
جــــتـــــي ثـواب ٿا وسن سُرور جـــــــــي بدن مٿان

جتي حسين چپن منجهان ڪئي چميون ڇڻيون
اتي گـــــلاب ٿا ڦـــــــٽن سُـــرور جي بدن مـــــــــٿان

سهاڳ رات جي نـــڪور پــــيار جــــي ادا جيـان
نــــوان حــــجاب ٿا چڙن سُرور جـــي بدن مـــٿان

کلي فضا ۾ ڄڻ ته ناز ڪو سنگيت ٿو پَسان
ڪئي رباب ٿا وڄــــن سُرور جـــي بدن مــــٿان
 
Back
Top