مرتضٰي ناز

اکين ۾ ٿا هُرن سپنا صدين جي جاڳ ٿي تڙپي
چپن تي ٿا اچن نغما صدين جي جاڳ ٿي تڙپي

اڃا بارش ڀنل ڇاتيون حسين ڪنهن رقص ۾ آهن
بدن تي ٿا نچن جلوا صدين جي جاڳ ٿي تڙپي

ڪٿي معصوم جذبن جو اڃا قتلام آ جاري
ڪنن ۾ ٿا ٻرن سڏڪا صدين جي جاڳ ٿي تڙپي

اڃا تنهنجون حسين ٻانهون ڏسان ٿومان تصور ۾
هٿن ۾ ٿو کڻان گجرا صدين جي جاڳ ٿي تڙپي

اسان سپنن سندو دلڪش سجايو شهر هو جن تي
اهي ئي ٿا جلن نقشا صدين جي جاڳ ٿي تڙپي
 
Back
Top