جَهنگُ کامي پَٽُ ٿيو، ڀَڳي چَورَان لڪَ سَيڪَڙُو ۽ سڪَ، ٻئي گڏيا پاڻ ۾. سر کاهوڙي کَامي = سڙي، جلي چَورَان = چَورَن جي لڪَ = ڍَڪُ، لڪڻ جي جاءِ سَيڪَڙو = سڪندڙ، عاشق * جهنگ کي جيڪڏهن باهه ساڙي ڇڏي ته چورن جي لڪڻ جي جاءِ ئي نه رهي. * تڏهن وڃي عاشق جي اندر جي اُساٽ ۽ اڃ لهندي ۽ محبوب ۽ منزلون ماڻبيون. سمجهاڻي ڀٽائيءَ جي نظر ۾ جهنگ علامت آهي وحشت، بربريت، درندگي، ظلم، ڏاڍ ۽ جبر جي. هن ڌرتيءَ تي جيڪو جهنگل جو راڄ آهي, جيڪا وسيلن جي قومي ۽ طبقاتي ڦرلٽ ٿئي ٿي. جيڪي ظلم, ڏاڍ ۽ جبر ذريعي حق تلفيون ٿين ٿيون. اهيي سڀ بدمعاشيون جڏهن گڏيل جدوجهد ۽ انقلاب ذريعي ختم ٿينديون تڏهن هن ڌرتيءَ جا ماڻهون آزاد فضائن ۾ گيت ڳائي خوشيون ملهائيندا. هڪ ٻي معني' انسان جو اندر به هڪ جهنگل جي مثال آهي جنهن ۾ ڪيئي خونخوار جانور ۽ درنده رهن ٿا. انسان جي اندر ۾ ٻيائي، ساڙ, حسد ۽ ڪيئي ظلمتون، وحشتون ۽ درندگيون پلجن ٿيون. جڏهن انسان پنهنجي اندر کي صاف ٿو ڪري ته سندس من سنڌوءَ جي اڇي، اجري، صاف ۽ شفاف جل جهڙو ٿيو پئي. تڏهن انساني قدر مانُ ۽ مڃتا ماڻين ٿا. تڏهن پيار، محبتون، امن، انصاف، ڀائيچارو ۽ رواداريون مڃتا ماڻين ٿا. تڏهن محبتن جا ميلا مچن ٿا ۽ پيار ڪندڙ دليون هڪٻئي سان ملي هڪ ٿي وڃن ٿيون. ____ سائين مظفر منگي جي فيسبوڪ ٽائيم لائين تان ورتل