کَپُرَ گاروڙيُن سين، وڏو وڌئي وَيرُ نانگ نه ويندين نڪري، تو ڏَرَ مٿان پَيرُ هي تنين جو ڊَيرُ، جن جهوناڳڙهه جلائيو. سر ڪارايل کَپُرَ = اي نانگ، زهريلي نانگ جو نالو، نانگ جو هڪ قسمُ گاروڙيُن = نانگ کي مَنڊُ هڻندڙ جوڳي، جيڪي منڊَ ذريعي نانگن کي قابو ڪندا آهن وَيرُ = دشمني ڏَرَ = خوف، دهشت ڊَيرُ = ديرو, آستان، ويڙهو جهوناڳڙهه = جهوناڳڙهه جو جهنگ جنهن ۾ نانگن جا ويڙها هئا جلائيو = ساڙي ڇڏيو، جوڳين پنهنجي يوگ ٻل ۽ شڪتيءَ سان ان جهنگ کي ساڙي خاڪ ڪري ڇڏيو هو. * اي نانگ تون انهن جوڳين سان دشمني وڌائي آهي جيڪي نانگ کي پنهنجي مَنڊَ سان قابو ڪندا آهن. * سو تون هاڻي سر بچائي هتان نڪري نه سگهندين. تو پنهنجي لاءِ پاڻ ئي مصيبت پيدا ڪئي آهي. * هي ڏس جهوناڳڙه جو اُهو آستان جنهن کي جوڳين پنهنجي شڪتيءَ ساڙي خاڪ ڪري ڇڏيو آهي. سمجهاڻي سر ڪارايل جو هي بيت بظاهر ته زهريلن نانگن ۽ جوڳين متعلق آهي پر دراصل ڀٽائي هن بيت ذريعي ڌرتيءَ جي انهن سمورن غدارن، ڦورن، لٽيرن، قوم دشمن وڏيرن، پيرن، ميرن ۽ وقت جي حڪمرانن کي للڪاريو آهي، جيڪي هن ڌرتيءَ جي وسيلن جي ڦرلٽ ۾ شامل آهن. ڀٽائي سنڌ جي سمورن قوم دشمنن کي خبردار ڪيو آهي ته توهان جي ٺڳين، بدمعاشين، چالاڪين ۽ غدارين جو وقت گذري ويو. توهان قوم سان غداري ڪري پنهنجي لاءِ پاڻ کڏَ کوٽي آهي. هاڻي هن ڌرتيءَ جا لکين، ڪروڙين وارث، مالڪ ۽ ڌڻي جاڳي پيا هن جيڪي توهان کي تباهه، برباد، نيست ۽ نابود ڪري ڇڏيندا. ____ سائين مظفر منگي جي فيسبوڪ ٽائيم لائين تان ورتل