مختصر ڪهاڻي _ آخري چمي، عباس سارنگ جيجل امان! ته پوءِ مون کي اجازت آهي تھ مان پنھنجي ڌرتيءَ لاءِ جنگ جوٽڻ وڃان. جيجل ماءُ جي اکين ۾ آگم خوشي جو وسڪارو لائي ڏنو، پنھنجي جانٺي جوان پُٽ واتان اُھو ٻڌي سندس ڪنڌ فخر سان اوچو ٿيندو .ويو ابا وڃ ۽ پنھنجي ڌرتيءَ لاءِ جنگ جوٽ ۽ ھڪـ ڳالھ ياد رکجانءِ گولي تنھنجي سيني تي ھجي ، جيڪڏھن گولي تنھنجي پُٺيءَ تي ڏٺم تھ ٿڃ نھ بخشيندي سانءِ. ۽ اھو چوندي جيجل ماءُ پنھنجي جوان پٽ جي نرڙ تي آخري چمي .ڏني ۽ جڏھن سندس جوان پُٽ جو لاش آيو تھ سندس سڄو جسم گولين سان چچريل ھو.