مختصر ڪهاڻي _ آخري چمي

محمد اسلم عباسي

سينيئر رڪن
مختصر ڪهاڻي _ آخري چمي،
عباس سارنگ

جيجل امان! ته پوءِ مون کي اجازت آهي تھ مان پنھنجي ڌرتيءَ لاءِ جنگ جوٽڻ وڃان.
جيجل ماءُ جي اکين ۾ آگم خوشي جو وسڪارو لائي ڏنو، پنھنجي جانٺي جوان پُٽ واتان اُھو ٻڌي سندس ڪنڌ فخر سان اوچو ٿيندو .ويو
ابا وڃ ۽ پنھنجي ڌرتيءَ لاءِ جنگ جوٽ ۽ ھڪـ ڳالھ ياد رکجانءِ گولي تنھنجي سيني تي ھجي ، جيڪڏھن گولي تنھنجي پُٺيءَ تي ڏٺم تھ ٿڃ نھ بخشيندي سانءِ.
۽ اھو چوندي جيجل ماءُ پنھنجي جوان پٽ جي نرڙ تي آخري چمي .ڏني
۽ جڏھن سندس جوان پُٽ جو لاش آيو تھ سندس سڄو جسم گولين سان چچريل ھو.
 
Back
Top