منصور سرور
سينيئر رڪن
عبدالعزيز چنڊ
انسان جي جواني خوابن سان ڀرپور هوندي آهي. ٻار هوندو آهي ته خبر نه هوندي اٿس ته خدمت ڇا آهي. ڪنهن کان ٻڌندو آهي ته وڏو ٿي ڊاڪٽر ٿيندس، خدمت ڪندس. اها خبر کيس خير ڪانه هوندي ته ڪٿي ڊاڪٽري ۽ ڪٿي خدمت. ”ڪيڏانهن منهن مريم جو، ڪيڏانهن ٽنڊوالهيار.“
عجيب فلسفا انسانن جي ڪنڌ ۾ ڪنهن وزندار ٽوڪري جيان لٽڪيل رهن ٿا. ٻارن کي وڏن کان خبر پهچندي آهي ته ڊاڪٽري ۾ خدمت آهي، ٻيا پيشا رڳو خدمت وٺندا آهن يا ڊاڪٽرن کان خدمت پنندا آهن. ڪو پروفيسر ٿيو ته ڇا، ڪو ايڌي ٿيو ته ڇا، ڪو آفيسر ٿيو ته ڇا، اهي سڀ غير ضروري انسان ۽ پيشا آهن. خدمت ته رڳو ڊاڪٽري ۾ آهي.
جيئن ڪو ڪوڙو حڪيم اشتهار ڏيندو ته ڦڪي ته منهنجي ڀلي، باقي جعلي ۽ ڪوڙن حڪمين کان بچو.
تيئن پيشو يا نوڪري يا علم يا خدمت، سڀ ڊاڪٽري ۾ آهي. اهو اهڙو فلسفو ٻارن جي ذهنن ۾ وڌو ويو آهي، جيڪو سائنس نه پڙهندو هوندو، انهيءَ کان به پڇبو ته بابا وڏو ٿي ڇا ڪندين؟ چوندو ڊاڪٽر ٿيندس، خدمت ڪندس. پڇبن ته بابا، استاد ڇو نه ٿا ٿيو؟ چوندا سائين اسان کي ته استادن جي شڪل ئي ڪو نه وڻي. وري جي ڪو مارڻو يا سختي ڪندڙ استاد هوندو سو ته صفا قاتل دشمن سمجهيو ويندو آهي. ٻار چوندا سائين وڏا ٿي، ڊاڪٽر ٿينداسين، پهرين انهيءَ ماستر کي پورو ڪنداسين. پڇبو، بابا ماستر مارڻ ڪهڙي خدمت آهي؟ چوندا سائين اها خدمت ڪونهي، اها مجبوري آهي، ٻيون به الاهي شيون ماريندا آهيون، تاڪه دنيا ۾ ۽ گهر ۾ سڪون هجي، اهڙي ئي طرح استاد مان جند ڇڏائڻ خدمت نه آهي پر مجبوري آهي.
اڄڪلهه خدمت جي اعليٰ معيار تي لٿل ڊاڪٽرن جو وڏو انگ ڪنهن خاص بازار جي بڻجڻ جو سبب بڻجي ٿو، اڳي سونارن جي، ڪپڙي وارن جي، فروٽ وارن جي بازار هوندي هئي، هاڻ ڊاڪٽر جي بازار لڳل هوندي آهي. انهيءَ بازار ۾ پنهنجي علم ۽ تجربي جو کٽيو کائيندڙ ڊاڪٽر پنهنجو دوڪان لڳائيندا آهن.
هاڻ خدمت، بازار ۾ اچي دوڪان کولي ويهي رهي آ، جڳن کان ڳائيندڙ ۽ نچندڙ به انهيءَ خدمت جي دعويٰ ڪندا رهيا آهن. انسان کي چند گهڙيون سڪون ڏيڻ لاءِ نرتڪيون ۽ سندن مددگار خدمت پيش ڪندا آهن ۽ انهي بازار ۾ به ساڳيو دوڪان هوندو آهي. دوڪان جو وکر پئسن تي وڪامندو. خدمت لاءِ دوڪان ڪونهن کلندا، جتي عيوضو ورتو وڃي، اها خدمت نه آهي، اهو واپار آهي، ڌنڌو آهي.
ڌنڌن ۾ به فرق آهي، ڪي دوڪاندار مناسب ۽ مقرر ريٽ وٺندا. گراهڪ آسانيءَ سان وکر وٺي سگهندو، کيسي تي اجايو بار محسوس نه ڪندو، ٻيو دوڪاندار اسان جي پاڙي واري ظالم وانگر هر شيءِ ڏهه روپيه مهانگي ڏيندو. اسان جو يار شوڪت لوهار کيس قاتل چوندو آهي.
ڊاڪٽرن جي ”بازار“ ۾ وڏو آزار آهي، مرض کي سمجهندڙ تمام گهٽ ڊاڪٽر آهن، نوٽن جا پارکو ۽ خوشبوء تي نوٽ سڃاڻندڙ گهڻا اچي ويهي رهيا آهن. هي بازار آهي، دوڪان جو حق هر ڪنهن کي آهي، بازار ۾ پنهنجو هر هنر، علم، ڪاريگري، نالو، ساک، وڪڻڻ جا بندوبست آهن.
خدمت، انسانيت، خدا ترسي ۽ الله کان نه ڊڄڻ جا سڀ بندوبست آهن، ائين ڪونهي ته هتي ماڻهو دين کان غافل آهن. هر پنجن منٽن کانپوءِ ڊاڪٽر کي، سندس سيڪريٽري يا منشي مسجد موڪليندا رهندا. پڇبو بابا، ڊاڪٽر صاحب ڪٿي؟ چوندا ڊاڪٽر صاحب مسجد ۾ آهي، ڀائي نماز ٿي وئي، مريض هتي تڙپن پيا، همراهه مسجد ۾ ڇا پيو ڪري؟ چوندا سائين، ڊاڪٽر صاحب رزق ۾ برڪت لاءِ روزانه اڌ ڪلاڪ ”دعا“ کي ڏيندا آهن. چئبو يار، هتي ته ٻه منٽ مشڪل سان مريض کي ٿو ڏئي. سيڪريٽري چوندو، سائين جيڪو مريض موڪلي، مٿي وارو، انهيءَ کي ٻاڏائبو ۽ پڪاربو نه.
مريض ته رزق ڪو نه ڏيندو، مريض ته رُڳو هزار روپيه ڏيندو ۽ بس، وري اچي نه اچي، چو دوا کانپوءِ بچي نه بچي. Geography چئنل تي ڏيکاريندا ته ڪيئن نه وڏا ٺڳ، اصل نامي گرامي ۽ خانداني، گڏجي سڏجي دنيا جي مشهور ملڪن جي، مشهور بازارن ۾ ويندا آهن ۽ هڪ خاص سسٽم سان اتي ايندڙ سياحن کي لٽيندا ۽ ڦريندا آهن. هي به انهن بازارن جي ڀيڻ بازار آهي. هو ٺڳ پاڻ کي صرف Professional (ڌنڌوڙي) سڏائيندا آهن. ڇو ته ٺڳ لفظ ڪنهن کي به چڱو ڪو نه لڳندو. هن بازار ۾ ٽاپ جا خدمت ڪندڙ Professional ويٺل هوندا آهن.
ننڍي هوندي رام جي ۽ ٽن ٺڳن جو قصو ڪتابن ۾ پڙهندا هئاسون، ٽي ٽي، چار چار خدمت ڪندڙ ۽ Professional ماڻهن کي ڦري ايندا آهن، هڪ کان بچيو ته ٻيو، ٻئي کان نڪتو ته ٽيون قابو ڪندس.
نه مريض کان هسٽري وٺبي نه مريض ۽ مرض جان Symptoms ڏسبا. هزار روپيه وٺي، شڪل به پوري ڪو نه ڏسندا، پني تي اٺ ڏهه ٽيسٽون لکي ڏيندا.
جهڙو مريض نه هجي، ڪو بيابان يا سمنڊ هجي، جتان ڪٿان کوٽي ڏسوس، مرض اٿس ڪٿي، ڊاڪٽر ٻڌندو به ڪو نه، ته مريض ڇا ٿو چئي.
وري ڊاڪٽرن کي اخلاقيات (Ethics) پڙهائيندا هوندا؟ (شڪي ڳالهه ٿي ڏسجي)
اهڙا به ڊاڪٽر ڏسڻ جو شرف حاصل ٿيو، جهڙو ماڻهو عمرو يا زواري ڪري آيو. پنج پنج مريض، هڪ نمبر تي، گڏ پيا ويندا ڪمري ۾، ڪو مريض، ڪهڙي ذات جو، ڪو ڪٿان جو، ڪا عورت ته ڪو ڪراڙو، ته ڪو جوان مڙس، ڏيو سائين منهن. عورت چئن ڌارين مردن جي منهن تي پنهنجي زناني بيماري ڪيئن بيان ڪري؟ ڪراڙو صلاح وٺڻ آيو ته (Piles) ٿي پيا آهن. هاڻ شرم کان ڇا ٻڌائي؟
هي انڌير نگري، چرٻٽ راجا وارو قصو آهي، جيڪو دانهن ڪندو سو ڦاسندو. سچ چوڻ لاءِ ڪو چريو يا ٻار هجي، جيڪو بادشاهه سلامت کي چئي ته، بادشاهه سلامت ڪپڙا وسري ويا اٿوَ پائڻ، ٻيو ڪو چوندو ته مارجي ويندو، گستاخ بادشاهه کي اگهاڙو ٿو چوين.
بازار ۾ ويٺل، لاڳاپيل فن جا ڪاريگر به پنهنجي باجي، دهل ۽ دمامن سان موجود رهن ٿا.
هزار روپيه ڏئي، ڪاغذ تي ٽيسٽون لکرايو، ٽي هزار انهيءَ کي ڏيو، وري ڊاڪٽر دوا لکندو. سامهون وارو اسٽور سندس آهي. چار هزار جون دوائون ٿينديون، دوائون کائڻ کانپوءِ ٻئي ڏينهن مريض وڌيڪ مرڻ جهڙو ٿيندو. وري صلاح وٺڻ ايندو، هزار روپيه ڏيندو، وري ٽيسٽون ڪرائيندو، وري نيون دوائون لکندو. رام جي ۽ ٽي ٺڳ- يار اهي ڳالهين وارا، خدا جو سونهن ته رڳو ليکڪ نه هئا، لڳي ٿو ته ولي الله هئا. رام جي، جو نالو مٽبو،
رام جي اڄ مريض هوندو. ٽي خدمت ڪندڙ پارٽيون بازار مسيحا ۾ موجود هونديون.
شايد هي ڪو سلسلو آهي، هڪڙا ٺڳجندڙ آهن، ٻيا ٺڳيندڙ آهن، هڪڙا جدي پشتي حاڪم آهن، وڏيرا آهن، ٻيا زمانن کان سندن هاري آهن، نوڪر آهن. ڇا ڪائنات کي خوبصورت بنائڻ لاءِ ائين ڪيو ويو آهي يا اصل انسان ”خدمت“ ڪندڙ، باقي ٻيا سندن پيٽ ڀرڻ وارا آهن.
ڊاڪٽري خدمت، سياستدان خدمت، واپڊا خدمت، پوليس خدمت، وڪيل خدمت، هتي ته لڳي ٿو خدمت کي دست ٿي پيا آهن.
خدمت هڻي غريب جا لاهه پٽي ڇڏيا آهن. ڇاهي خدمتون آهن يا خاموش قاتل آهن، جيئن واپڊا وارن، ڊٽيڪشن بل هڻي، عوام کي اڌ مئو ڪيو آهي، تيئن ڊاڪٽرن وڏيون فيون ٽيسٽون ۽ سندا دڪان کولي، مريض کي ماريو آ.
سلام آهي ۽ دعائون انهن ڊاڪٽرن کي جيڪي اڄ به ٽيهه روپيه في ۽ هلڪي ۽ سستي دوا سان علاج شروع ڪن ٿا. (ڊاڪٽر ناريجو صاحب ۽ سندن جهڙن ولي صفت ڊاڪٽرن کي سلام).