وَهه واهه تنهنجا ڀاڳَ نصير مرزااڄ بابا پاڻ مان اڙيا اٿَو، هڪڙا پڪوڙا، ۽ ٻيا حيدرآباد جا ذات پڪوڙائي. هونئن هِيءَ جنس پيدا الائي ڪهڙن سائنِسدانن ڪئي هئي؟ يو پِي سِي پِيءَ وارن ڀائي لوگن يا الائي شڪارپور سکر يا حيدرآباد وارن ڀائي بند واڻين. ۽ برابر ته اهڙي ايجاد جو اتو پتو پاڻ کي اڄ تائين ناهي پئجي سگهيو، ها! البته ايتري سا سُڌ ٻُڌ ضرور پئجي وئي اٿم، ته جنهن به غريب پرور پڪوڙائيءَ پاڻِيءَ سان بيسڻ ڳوهي، باهه تي پهرئين تيل ڪڙاهي چاڙهي هوندي، اُهو اسان پرو لتارين جو، پڪ سان ته وڏو ئي هڏ ڏوکي هوندو، ته بس، بابا لک لک سلام اهڙن پڪوڙائي ابن پڪوڙاين تي، جن اسان جهڙن فنڪارن، هارين، پورهيتن ۽ قلم جي مزدور ماڻهن جي رُکي سُکي مانيءَ لاءِ پڪوڙن جي نالي ۾ هِيءَ سستي ۽ عاليشان چهر...بطور ڳُنڌڻ جي پيدا ڪري ڇڏي.... هونئن اهڙا اوائلي پڪوڙائي، پڪ سان ته رنگ رنگيلي سڀاءَ وارا ئي هئا، جو غريب غُربي کي موهڻ لاءِ طرحين طرحين جا پڪوڙا ٺاهي کڻي ٿالهه جي زينت بڻايائون.... ۽ انهن جا نالا کڻي رکيائون، ’سَنها پڪوڙا‘، ’ٿُلها پڪوڙا‘، ’مِرچائي پڪوڙا‘، ’ڪَچوريون پڪوڙا‘، ’ميهن جا پڪوڙا‘، ’بيدن جا پڪوڙا‘، ’بيهن ۽ پٽاٽن جا پڪوڙا‘، ’ڪچالو‘ ۽ سائي ڀاڄِيءَ جي پتن جا پڪوڙا.... ۽ هوڏانهن گهرن اندر روزانو وري مِرچوءَ ۽ ٽِيڪم ماءُ غريب ماين کي موهڻ لاءِ پاپڙن، وڙُين ۽ سنڱرين جو کِٽراڳ عام ڪيو. گڏوگڏ آچار، مُربا، رنگ رنگ جون چَٽڻيون.... پوءِ سَٺ سَتر سالَ اڳ هِي جيڪي دهليءَ وارا حيدرآباد ۾ نازل ٿيا، ته هتان جي گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ هوڪا ٻڌڻ ۾ اچڻ لڳا....”بابوُجِي ۾ لايا مَجيدار.... چَنا چُور گرم“ ته ٻئي پاسي کان آواز اچڻ لڳا.... ”گول گپي والا آيا، گولا گپي والا....“ ۽ انهن سڀني شين سنڌي خلق کي اڄ اهڙو ته کڻي چاٽ-چٽورو بڻائي ڇڏيو آهي، جو ڪنهن پڪوڙا شوڪين جي پيٽَ ۾ پُراڻو اَلسر هجي يا اپينڊڪس، هاءِ بلڊ پريشر يا فُل ڪوليسٽرول، اهو مري ته ڀَل پيو مري پر ڪڙهائي پڪل اهي قاتل مرچائي پڪوڙا اهو کائيندو ضرور.... ياد اٿم، اسان جي ننڍپڻ ۾ اهڙي وکر جا دُڪان، شهر جي بس ڪن ڪن ئي مخصوص پاڙن، چوڪن يا گهٽين ۾ هوندا هئا، پر هاڻي حيدرآباد جا پسگردائيءَ وارا علائقا پريٽ آباد، ٽنڊو مير محمد، گرو مندر، لطيف آباد، قاسم آباد، حُسين آباد، ٽنڊو ولي محمد، ڪاري موري، ڦُليلي.... ۽ پوءِ جيڏانهن به نڪرو ته هر طرف اهي پڪوڙن ئي پڪوڙن جا دُڪان ۽ هر پاسي ڪڙهايون ئي ڪڙهايون... يعني شهر جي اغرب ۾ وڃو يا مغرب ۾.... جتي جتي غريبن جا پاڙا.... اُتي اُتي پڪوڙا.... ۽ پڪوڙائي..... اِجهو پنهنجي ان پڪوڙا شهر جي ياترا لاءِ ڪالهه صدر پهتس، ته اُتي اُٿندي ئي پڪوڙائيءَ جي دڪان بدران، ”ڀيل پوريءَ“ نالي واري گاڏڙي وٽ وڃي بيٺس. يا الله! هِي ڇا ڀلا!؟ ۽ وٺڻ چَکڻ جي خيال سان وڃي ان ريڙهي تي بيٺس، ته ڇا ڏسان..... اُن ڀيل پوريءَ واري مسخرن جي ٽڪنڊي ٽوپِيءَ جهڙو ڪو پيالو کنيو ۽ اُن ۾ ڪو کَٽو پاڻي، پوءِ رَنگ رَنگ جون چَٽڻيون ۽ اغڙم بغڙم مصالحا وجهي، ڪاٺ جي هڪ ڊگهي ڪفگير سان وٺي جو تيزيءَ سان ڦيراٽيون ڏنائين، جو اهڙو لقاءُ ڏسندي ئي منهنجو سچ پچ مٿو ئي ڦِري ويو. هاڻي چَکي جو ڏٺم، ته مرچون ان ۾ ايڏيون ته تيز، جو نڙيءَ مان اُهو رس لاهيندي ئي لگم، ڄڻ بدن تي پيٽرول هاري، پاڻ کي پاڻ ئي تِيلي ڏيئي ڇڏي اٿم. خير.... ڀيل پوريءَ جو هِي ذڪر ته بيان جي ذائقي مَٽڻ لاءِ اجايو وچ ۾ اچي ويو، جو هيءَ پڪوڙا ياترا ڪندي، صدر بازار مان سٽڪ ٻٽڪ ڪندو جنهن هنڌ تي بريڪ اچي مون هنيو، اهو هنڌ هو حيدر چوڪ.... ۽ هِي اِجهو ان جي سامهون ڪُنڊ سان شهر جي جڳ پڌري ”ڪَلُو پڪوڙائيءَ“ جو ڪارو ڪٺ دُڪان.... پر هِي ڪَلو ڀائي پاڻ ڪير.... ڪٿان جو!؟ ۽ نالو اصل سندس ڇا!؟ ته ٻڌو.... دهليءَ جو مغل مرزا.... ۽ نالو هو سندس يوسف بيگ مرزا عرف ڪاليا.... ۽ جنهن منجهان آخر ڦِري ٿيو ڪَلُو.... ۽ ڌنڌي سبب به سَڏيو ويو ڪلو پڪوڙائي ۽ جنهن جا هٿ تريل پڪوڙا بابا، بقول سندس حال حاضر فرزند ارجمند مرزا منور بيگ جي، حيدر بخش جتوئي صاحب به کاڌا، ته شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽ مولانا غلام محمد گرامي ته پاڙيسري هجڻ باعث اُتان ايندي ويندي ئي کاڌا.... ان ئي تر ۾ رسالا روڊ تي پراڻي ڪراچي هوٽل سامهون هڪڙي گهٽيءَ ۾ حيدرآباد جو هڪ ٻيو مشهور پڪوڙائي به ته ورهين کان پڪوڙا ويٺو تري، ڪير!؟ ”ملان پڪوڙائي“ اڙي بابا.... سچ ٿو ٻڌايانوَ، ته ڪنهن حيدرآباد واسيءَ پنهنجي زندگيءَ ۾ ملان پڪوڙائيءَ جا سنها پڪوڙا، آچار مرچون.... ڊبل روٽيءَ سميت سندس ٺاهيل انب چُور واري چٽڻيءَ ۾ ٻوڙي ٻوڙي اڃان تائين جي ناهن کاڌا، ته اهو منش سمجهي وڃي، ته اڃا پيدا ئي ناهي ٿيو. . هوڏانهن کاهي روڊ تي ڪورين جي پڙ واري ڪنڊ تي وري ”شيرو ڀائي“ جي پڪوڙن جو دڪان، اِجهو هي دڪان به، حيدرآباد شهر جو اوترو ئي پراڻو دڪان آهي. جيترو حيدر چوڪ واري ڪلو پڪوڙائيءَ جو پراڻو دڪان. جيستائين حيات هو، ته ان جي هٽ تان ’ناهين جي پڙ‘ واري پنهنجي دِيدي سندري اُتمچنداڻي ۽ ڪامريڊ اي جي اُتم به کانئس ”پڪوڙا“ وٺڻ لاءِ سندس دُڪان تي ايندو ويندو رهندو هو، جو گذريل سال آگسٽ ۾ سندن نياڻي آشا چاند ڀارت مان ياترا لاءِ آئي هئي، ته کيس ” شيرو ڀائي“ جي حال حيات فرزند، احمد ڀائي پڪوڙائيءَ سان خاص سندس هٽ تي ملائڻ لاءِ آئون وٺي جڏهن ويس، ته هن مهربان پڪوڙائيءَ يعني احمد بهشتيءَ پنهنجي هن پرڏيهي پاڙيسرياڻي آشا چاند لاءِ پڪوڙن جو هڪ وڏو پڙو به، نه فقط کيس ٻڌي ڏنو، پر ان لاءِ معاوضو به نه ورتائينس. هوڏانهن قاسم آباد وارن پڪوڙاين مان ته هڪڙو پڪوڙا اسٽاپ تي هڪ وڏو ئي هٽ کوليو ويٺو آهي، جنهن سبب انهيءَ پوري علائقي جو نالو ئي پئجي ويو آهي:”پڪوڙا چوڪ هونئن هِي چَٽ پٽيون ڳالهيون لکندي هِي مٿي جو مون سنڌي، مهاجر، دهلي ۽ پنجابي پڪوڙن جي ڳالهه ڇيڙي، ته اهڙن پڪوڙن ۾ سنڌي پڪوڙن جي خاص خصوصيت بابا هِيءَ، ته اُهي مرچ مصالحن ۾ معتدل، ڀرڪڻا ۽ جلد هضم وڌيڪ ٿين ٿا، جڏهن ته پنجابي، دهلي ۽ مهاجر پڪوڙا، برابر ته بيحد سوادي، مزيدار.... پر کاءُ ته ساڙ سڙيا اهڙا، جو پيٽ ۾ لهڻ سان رڳو باهه باهه باهه..... عجب اتفاق اهڙن غير سنڌي پڪوڙائي ڀائي لوگن جو هِي ڌنڌو اڄڪلهه اهڙو ته چوٽان چوٽ جو، بابا اهي هن وقت لکن سان نه، ڪروڙن سان پيا رانديون رهن، ۽ نه پڇو سائين!! اڄ اهي سڀ پڪوڙائي بلڊنگ جا مالڪ آهن. بلڊنگن جا ۽ ڪن ڪن پڪوڙاين جون ته. رينٽ اي ڪارون به پيون سڄي ملڪ ۾ ڊوڙن ڊُڪن ۽ هوڏانهن اسان جي سنڌي پڪوڙن ۽ سنڌي پڪوڙاين جي حالت هِيءَ جو ”آڻين ۽ چاڙهين، ڏٿ ڏهاڙي سومرا....“ تڏهن ڪالهه جي سارو ڏينهن، مشاهدا ماڻيندي، ٽنڊي مير محمود مان تاجو مڪرانيءَ وٽان، سنهن پڪوڙن جو وڏو پڙو ويڙهائي گهر پئي موٽيس، ته پاڻ وارن اهڙن سنڌي پڪوڙاين جي حالت ڏسندي، چپن تي پنهنجو پاڻ ئي هِي ٻول چڙهندا پئي آيم... پيو ڳاءِ تون ڏُکن جا راڳَ راڳَ وهه واهه سنڌي تنهنجا ڀاڳَ ڀاڳَ وهه واهه سنڌي تنهنجا ڀاڳَ ڀاڳَ روزاني ڪاوش، سومر 20 جنوري 2014ع