جهمپير جو جادوگر نصير مرزاسنڌ جي وستين ۽ واهڻن منجهان، هِي جهمپير شهر ته صفا جهڙو ڪو جادو نگر! هي اِجهو جڏهن به اُن ڏانهن وڃان، يا اُن وٽان لنگهان. لڳيم، جادوگر بالما... ’سامري جادوگر‘ ان ئي ته ديار ۾ ڪڏهن رهندو وسندو هوندو. اڙي بابا! رهندو وسندو ڇا!؟ هُو ته اُتي اڄ به، ڪنهن ڪاٺ ماڙيءَ ۾ رهي وسي پيو. ها! سندس نالو آهي: رسول بخش درس! ڪو زمانو هو جو اهو ئي رسول بخش اُتي سون مياڻيءَ جي ڪنهن اسٿر پهاڙ جيان پيو نظر ايندو هو، بلڪل ڪنهن شينهن سمان. خير، اهو سڀ ڪجهه ته هُو اڄ به آهي، پر اڳي هُو جو ظاهري ڏيک ويک ۾ ڪنهن ’ٽڪر‘ وانگر لڳندو هو. اصل ۾ رسول بخش ۽ جادو نگر جهمپير جو اول اول دلپذير تذڪرو، دراوڙ نسل جي قلمڪار، علي بابا جي زباني ئي مون ٻڌو هو، تڏهن بنا ڀاڙي هڪ ڏينهن ريل ۾ چڙهي سائين نثار حسيني، طارق عالم ۽ اسرار شام سان گڏجي ان ديار جهمپير جي انهيءَ گهر جي ڏاڪڻ تي وڃي پير رکيا هئا، جتي صبح شام ”ننڍيءَ وڏيءَ گندريءَ؛ مٿي ماڙيءَ ڌوم“ جو منظر وڃي اکين سان ڏٺو هئم، تڏهن شام ٿيندي ئي رسول بخش سان گڏجي شهر جي هنبس ڀري بازار، پوءِ مڇيءَ مڏي ۽ هٽ واڻين سان ڳُتيل سوڙهين پراسرار گهٽين ۾ وڃي گهڙياسين ۽ پوءِ سڏ پنڌ تي ڪينجهر جو خاموش ڪپر وڃي ڏٺوسين، جنهن سان شِوَ جو صدين پُراڻو اجاڙ مندر... ان جي ڀرسان گدامڙي، پپر ۽ بڙَ جا قديم ڪُٻا وڻ، (۽ ايڏا ته مقدس، ڄڻ اهي گوتم ٻُڌ ۽ مهاوير جون اکيون ڏسيو ويٺا هجن) هونئن رسول بخش جي اُن ماڙيءَ ۾ مون بي شڪ ته علي بابا کي به ڏٺو، ته چترڪار رضوان منگي ۽ حسن درس کي به، پر جنهن بزرگ مون کي اُتي گهڻو ’هانٽ‘ ڪيو، اُهو هو رٽائرڊ ريڊيو پروڊيوسر ”ڀائي جان قيوم علي“ خاموش ۽ هڪڙو پراسرار انسان! ۽ هو جيئن ته، ڀٽائي صاحب فرمايو آهي ته: ”مِيءَ هٿ ۾ مڪڙي، ڄام هَٿَ ۾ ڄار....“ ائين ئي ڀائي جان قيوم کي وري مون ان ديار ۾ ٻن ئي شوقن ۾ مبتلا ڏٺو. ڪينجهر ڪپ ڄار اُڇلي مڇيون ڦاسائڻ جو شوق ۽ اُتان واپسيءَ تي گهران ڪلهي تي کڻي آندل وڏي ڪئسيٽ رڪارڊر تي، سهگل جا راڳ ويهي ٻڌڻ جو جُنون، اڙي بابا... هِي سهگل صاحب جي آواز ۽ سندس ڳايل ڪجهه گيتن تي آئون ان ئي ماڙيءَ تي ته، اڪن ڇڪن ٿيو هئس... ڀلا ڪهڙن ڪهڙن راڳن ۽ ٻولن تي...!؟ ’جب دل هِي ٽوٽ گيا‘.... ’اڪ بنگلي بني نيارا...‘ ’جهولنا جُهلاؤ آؤ ري....‘ ’ توري بالي عمريا‘... ’۽ بالم آن بَسو موري من ۾‘.... وغيره. ۽ اسانجو هِي رسول بخش ٺٽي ديار جي مٽي آهي، ۽ چون ٿا، ٺٽي کي ٺٽو ملڪ بنايو هو ڄام نندي ۽ هوڏانهن ڪينجهر کي وري ڪينجهر بنايو هو بادشاهه ڄام تماچيءَ! اڙي بابا! ٺٽي ديار جا اهي ٻئي بادشاهه به پنهنجي اکين تي. پر ڳالهه دراصل هِي آهي ته، ان تر ۾ هِي پنهنجو ته بادشاهه ڄام نندو به رسول بخش درس ته وري ڄام تماچي به هو ئي. ۽ ڪو زمانو هو، جو هن يار يگاني سان ملڻ ۽ ان ديار ۾ ڪا چانڊوڪي رات گڏ گذارڻ جو ايترو ته سوداءُ اسان جي سر تي سوار ٿيو، جو سياري جي هڪ سرد رات ۾، مها شو مندر آڏو زمين تي پٿراڻيون وڇائي مٿان ٿُلهيون سوڙيون وجهي. ولهه ۾ سارو وقت هڪ رات نه فقط وڃي گهاري هئيسين، پر سارو وقت هِي ڳائيندا به رهيا هئاسين: سڄي رات جاڳي عبادت ڪبي، ڪچهري رڳو سُونهن بابت ڪبي. ته بس هتي ان روداد رقم ڪرڻ جو خاص الخاص مقصد رڳو هِي ته، رسول بخش درس ۾ پنهنجو ته بابا ساهه ڦاٿل هوندو هو ساهَه! ۽ هن جو وري ساههَ ڦاٿل رهندو هو سنڌ ۾.... سنڌ جي ڌرتي، سنڌ جي سوڍن، سنڌ جي دودن، سنڌ جي تاريخ.... ان جي ماڳن مڪانن، موسيقي... موسيقارن ۽ ڪلاڪارن ۾... جن لاءِ هُن پاڻ ۽ پنهنجي قلم کي اڄ تائين وقف ئي ته ڪري رکيو آهي ۽ جنهن پنهنجي گذريل حياتيءَ جا سڀ ورهيه جهمپير ۾ يارن جي چاڪري ۽ ميزبانيءَ ۾ ئي پئي صرف ڪيا آهن. ۽ هي اسانجو رسول بخش درس جيڪو، ڏيک ويک ۾ ڪالهه وانگر برابر ته جبل يا ٽڪر پيو نظر ايندو آهي، اِجهو سندس قلم به اهڙو ئي ته ارڏو آهي، جهڙو هو پاڻ آهي. مٿان حَساس هو به ايترو... جو هر ڏُک ڀري سِٽَ ۽ دکي راڳ ٻڌڻ سان هِي سندس ٻئي اکيون ڄڻ سانوڻ جا ڪارو ڪنڀار ڪڪر بڻجي وينديون آهن، ته بس پنهنجي اهڙي ڏکڻي مرڪڻي يار جي لکيل بوڪ سيريز جو هِي تازو ٽيون ڀاڱو ”سنڌ هيرن جي کاڻ“ پڙهڻ لاءِ جيئن ئي کوليو، ته سندس پاران ارپنا طور لکيل هنن زبرست سِٽن تي آئون بيهي ئي ته رهيو هئس. لکيو اٿس: ”هِي ڪتاب دؤر حاضر جي دولهه دريا خان شهيد بشير خان قريشي... ۽ روحاني پٽ، حسن درس جي نالي، جيڪي ٻيئي:”اندر روح رهيام سڄڻ اوطاقون ڪري“ ائين هِي ڪتاب، سياسي، ادبي ۽ فني هستين تي لکيل خاڪن، ساروڻين ۽ ماڳن مقانن جي سير سياحتن بابت به برابر ته آهي، پر منهنجي لاءِ هِي ڪتاب جهڙوڪر رسول بخش جي آٽو باءِ گرافي به ته آهي.... خير.... جن هستين تي رسول بخش هِي خاڪا لکيا آهن. هتي اهي نالا پڙهو: سائين جي ايم سيد، بشير خان قريشي، پلي برادران... استاد منظور علي خان... حسن درس، جيجي زرينه بلوچ، روبينه قريشي، يوسف لغاري، جمن دربدر، طالب پالاري ۽ استاد فتح علي خان وغيره... سن جي سائين بابت رسول بخش جو هِي ڇا ته جملو آهي: ”جي ايم سيد، معنى ديس سان محبت جو حَسين مثال“. بشير خان واري خاڪي ۾ لکيو اٿس: ”سيد جي صوفياڻي جلال جي صورت، ڄڻ ته بشير خان هو“ اڇڙي ٿر واري جمن دربدر جي ڪُٺل ڪوڪارن بابت لکيو اٿس. ”سندس آواز اهڙو آهي، جهڙو مور جو ٽهوڪو... استاد منظور علي خان جي رس چس ۽ رچاءَ ڀرئي آواز جو گڻ ڄاڻائيندي لکيو اٿس ته، اُهو من ۾ جهٽ ان ڪري به لهي ويندو هو، جو هو تلفظن سان چِٽو ۽ وجداني ڪيفيت ۾ ڳائيندو هو. ان ڪري پنهنجي سحر ۾ جهٽ جڪڙي وٺندو هو. جيجي زرينه بلوچ واري خاڪي ۾ لکيو اٿس: ” ٿڌن مٺن اداس ۽ ويڳاڻن سُرن ۾ اترڙو ٿو لڳي“ ڳائيندي هئي، ته چؤطرف کان ڄڻ سِيءَ سياٽا مُنهن ڪڍندا نظر ايندا هئا... پلي برادران ... راڄ محمد، عبدالڪريم ۽ وفا پليءَ بابت لکيل خاڪي جو رسول بخش ڇا ته عنوان تجويز ڪيو آهي: ” ناري جا سخي“...هِي خاڪا لکندي لکندي رسول بخش انهن ۾ پنهنجي اگهائي سگهائيءَ جا به ته روز نامچا رقم ڪندو ويو آهي. مثال طور، ٿر مٺيءَ ۾ استاد فتح علي خان سان ملهائجندڙ راڳ رهاڻ وقت هو سخت ناچاڪ هو، پر ان جي باوجود ان ۾ شرڪت جي دعوت مليس، ته يارن کي نياپو موڪليائين: ”استاد فتح علي خان اِتي ڳائيندو.... سو بابا، طبيعت خراب هوندي به، اهڙو پهچبو جو... واهه واهه!“ هونئن استاد فتح علي بابت لکيل خاڪي ۾ رسول بخش جي نثر مان سچ پڇو ته پير علي محمد شاهه راشديءَ جي نثر جهڙي سرشاري، باغ بهاري ۽ جهلڪ به نظر آئي اٿم... خير.... قصو ڪوتاهه.... جهمپير، ۽ هن ڪتاب ”سنڌ سڄي هيرن کاڻ“ جي تذڪري تان ان جي مصنف ۽ پنهنجي يار دلدار رسول بخش درس بابت هلندي هلندي هڪڙي مزيدار ڳالهه هِيءَ به پڙهو، ته هِي ڪي بس ٿورا ئي ورهيه ٿيا هوندا، جو صبح سان ڪنهن چئنل جي اسڪرين تي اوچتو ئي اوچتو، هڪ پَٽي ڦرڻ شروع ٿي وئي: ”رسول بخش درس گذاري ويو“ ابول! قهر ٿي ويو.... ۽ فورن آلين اکين سان، جهٽ مون سندس ئي سيل نمبر تي ڪال ڪئي. اڙي هان!! هِي ڇا!؟ پَرئين پار کان هن پاڻ ئي مون سان ڳالهايو، ۽ مون به تڙي کڙي وٺي رؤنشو ڪيو... ” ڀه.... ڀه.... ڀُوت ڀُوت....“ تڏهن جهٽ چيائين: اڙي يار! رسول بخش درس پيو ڳالهايان. ڇڏ مسخري! ۽ شديد پريشانيءَ منجهان هِي به چوندو رهيو... هِي يار! الاهي ڪهڙن سڄڻن مون سان ”ايڪٽوٽي“ ڪئي آهي، جو صُبح کان فونن مٿان فون پيا اچن....اِجهو انهن منجهان جان ڇڏائڻ لاءِ ٻه منٽ ٿيا جو چئنل وارن کي فون ڪري اطلاع ڏنو اٿم. ”بابا لانجهو ۽ اگهو ضرور آهيان، پر آهيان بابا جيئرو....“ اڙي يار.... ۽ هاڻي هڪ دفعو ٻيهر مون ڀوڳ ڪندي چيومانس: اها تڪڙ ڇو ڪيَو ڪامريڊ!.... اڙي بابا سائين! ٿورو ترسو ۽ ڏسو ته ها.... سنڌ واسي توهان سان ڪيترو پيار ٿا ڪن ۽ اوهين منجهن مقبول ۽ معروف ڪيترا آهيو!؟ ۽ ائين پنهنجي هر دلعزيزيءَ جو به ته ٿورو لطفڙو وٺو ها نه.... ۽ ان کان پوءِ، اهڙي ترديد، بي شڪ ته جاري ڪري ڇڏيو ها.... تڏهن ٽهڪ ڏيندي وراڻيائين اڙي يار... ڇڏ ان قصي کي، ڏي خبر هاڻي ڪڏهن ٿو جهمپير اچين!؟ اڙي يار... تو ته وساري ڇڏيو آهي اسان کي ۽ ان کان پوءِ نئين حياتي ملي وڃڻ جي خوشيءَ ۾.... بود ۾ ڀرجي، سرشاريءَ منجهان پنهنجي سُريلي آواز ۾ جُهونگارڻ لڳو: منهنجو ساههَ سڄڻ توکي ساري، اڄ مُنهڙو وڃ ڏيکاري. روزاني ڪاوش، سومر 10 فيبروري 2014ع