سنڌي ٻوليءَ جو جياپو! منوج ڪمار مقابلي جي هن دور، جنهن ۾ وڏيون ٻوليون تيزي سان پنهنجو اثر ۽ حاڪميت وڌائينديون پيون اچن ۽ جنهن دور ۾ ننڍيون ٻوليون سُسنديون پيون وڃن ۽ ڪن صورتن ۾ مرڳو پنهنجو وجود بچائڻ واري جدوجهد ۾ آهن، تڏهن پنهنجي ٻولي جي باري ۾ ڊپ ۽ وسوسا فطري آهن. ڇا اسان جي ٻولي پنهنجو وجود برقرار رکندي يا نارائڻ شيام جي انهي شعر وانگر اسان رڳو پنهنجي ٻولي جو ذڪر ڪتابن ۾ پڙهنداسين؟ ٻين ٻولين جي انهي وڌندڙ اثر جو مقابلو اسان جي ٻولي ڪري سگهندي يا اُها مقابلي جي انهي ميدان مان ٻاهر نڪري ويندي؟ ڇا اسان جو ايندڙ نسل پنهنجي ٻولي جي باري ۾ ايترو ئي فڪرمند هوندو يا ايندڙ نسل کي پنهنجي ٻولي سان اهو لڳاءُ نه هوندو؟ اهي سوال ۽ انهي جهڙا کوڙ سوال اسان جي ٻولي سان وابسته ماڻهن جي ذهن ۾ آهن. جيستائين موجوده وقت ۽ ويجهي مستقبل جي ڳالهه آهي ته سنڌي ٻولي کي يقينن ڪو يڪدم خطرو ڪونهي. اسان وٽ ملڪ ۾ ۽ ملڪ کان ٻاهر سنڌي ٻولي ڳالهائيندڙن جو وڏو انگ موجود آهي، جيڪو انگ ٻولي کي جيئرو رکڻ لاءِ ڪافي آهي. اسان وٽ هڪ متحرڪ اليڪٽرانڪ ميديا ۽ پريس آهي، جيڪا ماڻهن کي ٻولي سان رابطي ۾ رکيو ويٺي آهي. اسان وٽ ڪتابن جو ڇپجڻ ۽ ادب جي تخليق جو سلسلو موجود آهي. سنڌي ٻولي اسڪولن، ڪاليجن کان وٺي ڪن جڳهين تي يونيورسٽين ۾ پڙهائي ۽ امتحان وٺڻ لاءِ استعمال ٿيندي آهي. اهي سڀ عمل پنهنجي جڳهه تي خوش آئيند آهن. انهي سان اسان کي گهٽ ۾ گهٽ اها پريشاني ڪونهي ته اسان جي ٻولي ڪا ويجهي مستقبل تائين ڪنهن خطري جو شڪار آهي. پر سنڌي ٻولي جي حوالي سان ڪجهه اهڙا لقاءَ آهن، جيڪي اڳتي هلي يقينن ڳڻتي جوڳا ثابت ٿي سگهن ٿا. مثال طور تي هاڻ سنڌي ٻولي جو پڙهڻ ۽ پڙهائڻ تيزي سان ٻهراڙي ۽ ننڍڙن شهرن تائين محدود ٿيندو پيو وڃي. جڏهن ته وڏن شهرن ۽ خاص طور تي مٿئين طبقي ۾ سنڌي ٻولي پڙهڻ جو سلسلو ختم ٿيندو پيو وڃي. انهي جو مقصد ايندڙ ڪجهه سالن ۾ اسان وٽ اسان جو پڙهيل لکيل ۽ سماجي طور تي ترقي ورتل حصو سنڌي پڙهي يا لکي نه سگهندو، ۽ ايندڙ ڪجهه ڏهاڪن ۾ اهي ماڻهو جيڪي اسيمبلين، يا بيوروڪريسي، ڪارپوريٽ سيڪٽر يا پاليسي ٺاهڻ واري حيثيت ۾ هوندا انهن مان اڪثريت کي سنڌي نه ايندي. نتيجي ۾ انهن کي پنهنجي ٻولي ۽ پنهنجي ماڻهن سان اها وابستگي نه رهندي. ٻيو ته جڏهن ڪنهن ٻولي جي زوال جي شروعات ٿيندي آهي ته انهيءَ جو پهريون قدم اهو هوندو آهي ته اها ٻولي لکت مان آهسته آهسته ختم ٿيندي فقط ڳالهائڻ تائين محدود ٿيندي ويندي آهي. مون کي اهو محسوس ٿئي پيو ته سنڌي ٻولي سان اهو ٿي رهيو آهي. سنڌي ٻولي هاڻ تيزي سان رڳو ادب ۽ صحافت تائين محدود ٿيندي پئي وڃي. جڏهن ته علم جا ٻيا شعبا جهڙوڪ معاشيات، ٽيڪنالاجي، سائنس، نفسيات، سماجيات ۽ فلسفي سميت جديد دنيا جا کوڙ اهڙا مضمون ۽ موضوع آهن، جن ۾ سنڌي ٻولي جو استعمال يا ته بلڪل ڪونهي يا صفا گهٽ آهي. اهڙي صورتحال ۾ انهن علمن لاءِ شاگردن يا عالمن کي ٻين ٻولين ڏانهن واجهائڻو ٿو پوي. نتيجي ۾ سنجيده علمن ۽ بحثن ۾ سنڌي ٻولي جو استعمال گهٽجندو پيو وڃي، ۽ نيٺ اهو بلڪل ختم ٿي ويندو. ساڳي طرح ڪنهن به ٻولي جي زوال جي اها به نشاني هوندي آهي ته انهي ۾ ٻين ٻولين جو اثر تيزي سان وڌندو ويندو آهي. اهو اثر انهن جي لفظن جي ذخيري تي به هوندو آهي ته انهيءَ جي وياڪڻ ۽ جملن جي ساخت تي به هوندو آهي. ڪافي وقت سنڌي ٻولي تي نظر رکندڙ ماهر اهو محسوس ڪن پيا ته رشتن جي نالن کان وٺي عام واهپي جي اسمن ۾ ٻين ٻولين ۽ خاص طور تي اردو جو اثر ۽ جديد علمن ۽ بحثن ۾ انگريزي لفظن جو اثر وڌندو پيو وڃي. ايئن به ڪونهي ته ٻوليون ڪي جامد هوندون آهن ۽ انهن تي ٻين ٻولين جو اثر نه ٿيندو آهي. پر سنڌي ٻولي واري پسمنظر ۾ اهو اثر هڪ طرفو آهي ۽ انهن جڳهين تي آهي جتي انهي جي ضرورت ڪونهي. يعني جتي اصلوڪا سنڌي لفظ موجود آهن اتي به اهي تيزي سان غائب ٿيندا پيا وڃن ۽ انهي جڳهه تي ٻين ٻولين جا لفظ جڳهه وٺندا پيا وڃن. نه فقظ اهو پر وياڪڻ ۽ جملي جي استعمالن ۾ خاص طور تي فعلن جي پڇاڙي ۽ موئنث مذڪر ۽ جمع واحد جي استعمال ۾ ٻين ٻولين جا اثر به ڪافي واضح آهي. اهي سڀ لقاءَ ظاهر ڪن ٿا ته سنڌي ٻولي جا ڳالهائيندڙ نفسياتي طور تي ٻين ٻولين جي اثر کي پنهنجي ذهن ۾ قبول ڪري چڪا آهن. جيڪڏهن اهو سلسلو جاري رهيو ته سنڌي ٻولي جي منفرد حيثيت، مخصوص لفظن جو ذخيرو ۽ جملن جي ساخت ختم ٿي ويندي ۽ سنڌي ٻولي وڃي ڪنهن ٻي ٻولي جو ڪو لهجو وڃي ڀاسندي. پر ڇا انهي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪجهه ڪري سگهجي ٿو؟ اهو سوال پنهنجي جڳهه تي هڪ وڏو بحث آهي ۽ شايد هتي ايترو تفصيل سان انهي تي ڳالهائي نه سگهجي. پر اسان وٽ عام طور تي انهي سموري مامري کي منهن ڏيڻ لاءِ مٿان کان ڪوششون وٺڻ جو سلسلو مروج آهي. اسان وٽ عام طور تي اهو سمجهيو ويندو آهي ته جيڪڏهن سنڌي ٻولي کي ملڪ جي قومي ٻولين مان هڪ جو درجو مليو ته سنڌي ٻولي جي صورتحال بهتر ٿي ويندي. يا اهو سمجهيو ويندو آهي ته جيڪڏهن خانگي اسڪولن ۾ سنڌي ٻولي پڙهائي ويندي ته صورتحال بهتر ٿي ويندي. اِهي قدم يقينن اهم آهن. ملڪ ۾ ڳالهائيندڙ سڀني وڏين ٻولين کي قومي ٻولي جو درجو ملڻ گهرجي ۽ اهو انهن جو حق آهي. ساڳي طرح خانگي اسڪولن ۾ سنڌي ٻولي پڙهائڻ گهرجي اهو به ضروري آهي پر اهي قدم ڪافي نه آهن. سنڌي ٻولي جو جياپو انهي ۾ نه آهي ته انهي جي سرڪاري حيثيت ڪهڙي آهي پر سنڌي ٻولي جو جياپو انهي ۾ آهي ته انهي جا ڳالهائيندڙ انهي کي ڪيئن ٿا سمجهن ۽ ٻولي جو ۽ ڳالهائيندڙن جو پاڻ ۾ ڪهڙو رشتو آهي. جيڪڏهن ڪنهن ٻولي جا ڳالهائيندڙ اهو سمجهن ٿا ته سندن ٻولي سندن علمي، ثقافتي، سماجي ۽ نفسياتي گهرجون پوريون ڪري سگهي ٿي ته اهي پنهنجي ٻولي ڏانهن راغب ٿيندا پر جيڪڏهن ٻولي سندن اهي ضرورتون پوريون ڪري نه ٿي سگهي ته اهي يقينن ٻين ٻولين ڏانهن واجهائيندا. اسان کي سنڌي ٻولي جو جياپو عزيز آهي ته اسان کي سنڌي ٻولي ۾ اهي سڀ شيون مهيا ڪري ڏيڻيون پونديون جيڪي ڪنهن به ٻي ترقي يافته ٻولي لاءِ لازم آهن. اسان کي سنڌي ٻولي کي ٽيڪنالاجي جي ٻولي به ٺاهڻي پوندي ته انهي ۾ مختلف علمن جو مواد به مهيا ڪري ڏيڻو پوندو. اسان کي دنيا جي ڀلي ادب جو ترجمو به ڪرڻو پوندو ته ٻارن کي نصابي ۽ تفريحي مواد به مهيا ڪري ڏيڻو پوندو. اسان کي ڪمپيوٽر ۽ موبائيل فونن جا سافٽ ويئر به ٺاهڻا پوندا ته انٽرنيٽ تي سياست کان وٺي فلمن تائين ويبسائيٽون به تيار ڪرڻيون پونديون. انهي سڀني ڪمن لاءِ اسان کي انفرادي طور به ڪوششون وٺڻيون پونديون ته ادارن جي سطح تي به. مقابلي جي هن دور ۾ ٻولين جا جياپا ڪافي ڏکيا آهن. انهي لاءِ اسان کي وڏيون ڪوششون وٺڻيون پونديون ۽ فقط ڳالهين مان ڪم نه هلندو. روزاني ڪاوش،ڇنڇر 21 مئي 2011ع manojhalai@yahoo.com