رقص جي نـ آهــي اجازت ديــس ۾!

محمد اسلم عباسي

سينيئر رڪن
رقص جي نـ آهــي اجازت ديــس ۾
ادل سومرو

سمنڊ تي ڪا زندگي بيچين هئي
ڇولين جي نغمگي بيچين هئـي

رقص جي نـ آهــي اجازت ديــس ۾
ڪيتري هو نرتـڪي بيچين هـئي

رات کي اُلڪا ورائــي هـا ويــــا
جھوپڙي ۾ ڪـا بــتي بيچين هئي

تنهنجي چپن تي اچي ها شعر ڪـو
ڊائريءَ ۾ شاعـري بيچين هـئي

شخص هر ڪو منتظر تـو لاءِ هـيو
شهر جي هر چودڳي بيچين هـئي

هــو اڃا طوفان گھــري ننـڊ ۾
ڇو ڏيئي جي روشني بيـچين هـئي

سـانوري برسات جان آئينءَ نـ تـون
منهنجي دل جي ڌرتتي بيچين هــئي​
 
Back
Top