محمد اسلم عباسي
سينيئر رڪن
نه ڪر فون مون ڏي نه ڪو خط لک تون
ڪوثر ٻرڙو
ڪوثر ٻرڙو
چوي ٿي ته مونکي تون سارڻ ڇڏي ڏي
صبح شام سڪ مان سنڀارڻ ڇڏي ڏي
صبح شام سڪ مان سنڀارڻ ڇڏي ڏي
نه ڪر فون مون ڏي نه ڪو خط لک تون
۽ پنهنجو چئي تون پڪارڻ ڇڏي ڏي
۽ پنهنجو چئي تون پڪارڻ ڇڏي ڏي
چوي ٿي ته توڏي ڪڏهن ڪين اچبو
تون پلڪن سان رستا ٻهارڻ ڇڏي ڏي
تون پلڪن سان رستا ٻهارڻ ڇڏي ڏي
چوي ٿي ته مون لاءِ نه ڪي روءُ رڙ تون
هجر ۾ هنجون روز هارڻ ڇڏي ڏي
هجر ۾ هنجون روز هارڻ ڇڏي ڏي
چوي ٿي ته مون لاءِ سوچي ۽ ساري
تون ڳڻتين ۾ جند جان ڳارڻ ڇڏي ڏي
تون ڳڻتين ۾ جند جان ڳارڻ ڇڏي ڏي