منهنجون توسان محبتون آهن…

محمد اسلم عباسي

سينيئر رڪن
منهنجون توسان محبتون آهن…
منصور سيتائي

سر مٿان جي به تُهمتون آهن،
عشق ! تنهنجون عنايتون آهن.

درد، پيڙا ۽ حسرتون آهن،
سُونهن جون سڀ امانتون آهن.

جو به قومي غدار آ يارو،
اُن جي حصي ۾ ذلتون آهن.

دل جي تختيءَ تي روح سان رچيل،
تنهنجي اکڙين جون آيتون آهن.

هر خوشيءَ کان مونکي مِٺو آهي،
درد تنهنجي ۾ لذتون آهن.

سُور منصور ٿو سهان ڇو جو،
منهنجون توسان محبتون آهن…
 
Back
Top