مولانا قاضي عبدالرزاق روهڙائي رحه

'سنڌ جا تاريخي ماڳ ۽ مقام' فورم ۾ عبدالحئي چاچڙ طرفان آندل موضوعَ ‏5 جولائي 2014۔

  1. عبدالحئي چاچڙ

    عبدالحئي چاچڙ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2013
    تحريرون:
    60
    ورتل پسنديدگيون:
    218
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    233
    مولانا قاضي عبدالرزاق روهڙائي رحه
    پروفيسر ڊاڪٽر عبدالقادر چاچڙ
    مولانا قاضي عبدالرزاق جي ولادت 18 سيپٽمبر 1892 ع تي روهڙي شهر ۾ ٿي.
    روهڙي شهر ٻن ڦٽل شهرن اروڙ ۽ بکر جي آبادي تي مشتمل آهي.اروڙ سنڌو دريا جي رخ مٽائڻ ڪري ۽ بکر کي انگريزن طرفان فوجي ڇانوڻي ڪري ويران ٿيا.اروڙجا اڪثر رهواسي روهڙي لڏي آيا ۽ بکر جا رهندڙ ڪي ماڻهو سکر لڏي ويا ۽ ڪجهه خاندان روهڙي آيا
    اهڙيءَ طرح روهڙيءَ جا قديم خاندان عالمن يا اميرن جي اولاد مان آهن جنهن ۾ رضوي سادات، جيلاني سادات، وارمبارڪ جا مجاور مخدوم، قاضي خاندان، خضري آساتانه جا مجاور خواجائي، آخوند ،شيخ وغيره شامل آهن.
    روهڙي جي قاضي خاندانن جو نسبي سلسلو حضرت خالد بن وليد رَي الله عنه سان ملي ٿو.انهيءِ خاندانن جا وڌا محمد بن قاسم سان گڌ سنڏ ۾ آيا هئا.
    روهڙي جي قاضي خاندانن ۾ عالم۽ فاضل اصل کان آيا آهن جيڪي هميشه قضا جي منصب تي فائز رهيا آهن. انهيءِ ڪري ئي کين قاضي چيو وڃي ٿو. اهڙن عالمن، فاَلن مان مولانا قاضي عبدالرزاق روهڙائي پڻ هڪ آهي.
    مولانا قاضي عبدالرزاق ابتدائي تعليم روهڙيءِ ۾ حاصل ڪئي.1905ع ڌاري گورنمينٽ ناز هاءِ اسڪول ۾ انگريزي جي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ داخل ٿيو.1908ع ڌاري مدرسه الاسلام ۾ داخل ٿيا ۽ 1912ع تائين مئٽرڪ پاس ڪري ورتي.
    امام انقلاب مولانا عبيدالله سنڌي رحه جي خالقڏنه هال ڪراچي ۾ تقرير ٻڌائين جنهن کين لوڏي ڇڏيو.
    مولانا جي تقرير جو مٿس ايترو اثر ٿيو جو انگريزي تعليم چڏي سنڌ جو مشهور ديني درسگاه پير جهنڊي ۾ اچي داخلا ورتائين.
    مولانا قاضي عبدالرزاق پير جهنڊي ۾ مولانا عبيدالله سنڌي وٽ قرآن شريف جو تفسير شروع ڪيو ته اوچتو حضرت شيخ الهند محمودالحسن رحه جي حڪم سان مولانا سنڌي پنهنجي خاص شاگرد مولانا عندالله لغاري کي ساڻ ڪري 1914ع ڌاري افغانستان هليو ويو. قاضي صاحب اهڙي حالتن کانپوءِ برصغير جي مشهور علمي ۽ روجحاني شخصيت مولانا احمد علي وٽ لاهور آيا. سال کن اتي پڙهيا ۽ حضرت لاهوري رحه کان فيضياب ٿيا.
    1916ع ڌقري لاهور کان گهر موٽي آيا ۽ ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ طرفان مسلم بورڊنگ هائوس ۾ استاد مقرر ٿيا. 1918ع ۾ سنڌ مدرسه الاسلام ۾ عربي جي استاد جي حيثيت ۾ سندن تقرر ٿيو.انهي وقت علامه ڊاڪٽر عمر بن دائود پوٽو آخري سالن ۾ پڙهي رهيو هو. دائود پوٽي صاحب تي قاضي عبدالرزاق جو گهرو اثر پيو، علامه دائود پوٽي پنهنجي تصنيفن ۾ کيس پنهنجو استاد م_يو آهي. پاڻ سنڌ مدرسه الاسلام ۾ 17 سال 1919ع کان 1936ع تائين استاد رهيا.
    مولانا قاضي عبدارزاق 1930ع ڌاري هڪ ماهوار رسالو “علمي دنيا“ جي نالي سام شروع ڪيو. انهيءِ جي پهرئين شماري ۾ عالمن ۽ اديبن جا حالات ۽ تصويرون شايع ڪيائين .انهيءِ سلسلي ۾ ڊاڪٽر محمد عمر بن دائود پوٽي رحه جيڪا پنهنجي تصوير موڪلي هئي. ان تي پنهنجي قلم سان هي اکر لکيا هئائين.“ تلميذک السابق عمر محمد دائودبوته“ انهيءَ وقت علامه دائود پوٽو سنڌ مدرسه الاسلام جو پرنسپل هو.
    طبيعت جي ناچاڪي ڪري سنڌ مدرسه الاسلام کي الوداع چئي انهي جي مشهور اخبار “الوحيد“ ۾ نائب ايڊيٽر ٿيا. 1936 ع ۾ سنڌ بمبئي کان جدا عي ته نه موقعي تي الوحيد اخبار سنڌ آزد نمبر شايع ڪيو جنهن جي اشاعت ۾ قاضي عبدالرزاق صاحب جو وڏو هٿ هو انهيءَ زماني ۾ مولانا دين محمد وفائي الوحيد جو چيف ايڊيٽر۽ شيخ سبڌي سرپرست هو مولانا قاضي عبدالرزاق صاحب1939ع ڌاري ٻيهر سنڌ مدرسه الاسلام۾ استاد مقرر ٿيا 1949ع تائين پاڻ سنڌ مدرسه الاسلام۾ خدمتون سرانجام ڏيندورهيان1949ع ۾ پنهنجي پياري شاگرد علامه دائود پوٽي جي اصرار تي سنڌ مدرسه کي ڇڏي ڪراچي جي مشهور اين جي وي هاءِ اسڪول ۾ عربي جا استاد مقرر ٿيا
    مولانا قاضي عبدالرزاق صاحب1957ع ۾ 65 سالن جي ڄمار ۾ ملازمت کي چڏي تصنيف جو ڪم شروع ڪيو قاضي صاحب ڪتاب تصنيف ڪري پاڻ ڇپائي پوءِ پوري سنڌ ۾ وڪرو ڪنداهئا اهڙي گشت دوران سندس رهاڻيون علمي ادبي ماڻهن سان ٿيندون هيون
    مولانا قاضي عبدالرزاق صاحب امام انقلاب مولانا عبيدالله سنڌي ۽ مرشد الموحدين مولانا سيد تاج محمود امروٽي کان گھڻو متاثر هئا سندس محفل ۾ مٿين ٻنهي عظيم شخصيتن جو ذڪر گھڻو ٿيندوهو
    قاضي صاحب نيڪ طبع جو مالڪ ،سنت جو پابند هو سنڌ مدرسه الاسلام ۾ مقرري دوران شاگردن ۾ مثبت تبديلي آندائون انهي ڪري اڪثر شاگرد سنت جا پابند ۽ شرڪ ۽ ڪفر کان پري رهيا.
    مولانا قاضي عبدالرزاق صحافت ۾ نه پاڻ م_ايو. 1930 ع ۾ “علمي دنيا“ جو ايڊيٽر رهيو. سال 31،32 1933 ۾ “ڪاميابي“ رسالو جاري ڪيائون جنهن جا ڪيترائي پرچا آهن . پاڻ سنڌ جو مشهور انقلابي اخبار“الوحيد۾“ ۾ به ڪم ڪيائون.
     
    9 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو