• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

پروفيسر ڊاڪٽر عبدالقادر چاچڙ

عبدالحئي چاچڙ

سينيئر رڪن
پروفيسر ڊاڪٽر عبدالقادر چاچڙ
پروفيسر ڊاڪٽر عبدالستار ولد علي محمد ولد عبدالستار انصاري جو جنم 6 آڪٽوبر 1945ع تي لاهور جي سنڌي محله (موجوده حبيب جا گدام) لڳ شيران واله لاهور ۾ ٿيو.
پرائمري تعليم.................اسڪول سکر، ميٽرڪ سال گورنمينٽ هاءِ اسڪول سکر ۽ انٽر سال 1965 ۽ بي اي سال 1967ع ۾ گورنمينٽ اسلاميه ڪاليج سکر مان پاس ڪيائون.
ايم اي جي ڊگري سال 1972ع ۾ سنڌيونيورسٽي ڄامشورو ۾ حاصل ڪيائون.
ايم فل جي ڊگري سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان بعنوان ”حضرت علي رضه جي دور ۾ خانه جنگي“ سال حاصل ڪيائون.
پي ايڇ ڊي جي اعلي ڊگري به سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان ”سنڌ ۾ ديني ادب جي تاريخ“ جي عنوان سان علامه ابوالفتح صغيرالدين جي نگراني ۾ سال 1985ع ۾ حاصل ڪيائون.
نوڪري:
1962ع ۾ پرائمري استاد جي حيثيت ۾ ٿيو. 1976ع ۾ سنڌيونيورسٽي ڄامشورو ۾ ليڪچرار جي حيثيت ۾ اپائنٽمينٽ ٿين. ڊاڪٽر صاحب چيئرمين شعبه اسلامي تاريخ ۽ چيئرمين شعبه اسلامي ڪلچر ۽ ڊين فيڪلٽي آف اسلامڪ اسٽيڊيز جهڙن اهم عهدن تي رهيا.
سائين انصاري صاحب 2005ع تي ريٽائر ٿيا.
انهن جي بيعت حضرت مولانا احمدعلي لاهوري رحه سان هئي.
ڊاڪٽر صاحب جا مضمون ماهوار ”شريعت“ به ڪافي سالن کان هر مهيني ڇپجن ٿا. ان کان سواءِ سندن تحقيقي مقالا سنڌ يونيورسٽي رسرچ جرنل، پيس ريسرچ جنرل سنڌ يونيورسٽي، پشاور ۽ لاهور جي يونيورسٽين جي ريسرچ جرنلس ۾ سندن تحقيقي مقالا شايع ٿيا آهن.
ڊاڪٽر مختلف ملڪي ۽ بين الاقوامي ڪانفرنس ۾ به پنهنجا تحقيقي مقالا پيش ڪيا آهن.

کين انگريزي، اردو ۽ سنڌي ٻولين سان گڏوگڏ عربي ٻوليءَ تي به وڏي دسترس حاصل آهي.
 
Back
Top