پيشيورانه مشاورت: وقت جي اهم ضرورت

'مختصر پر سبق آموز' فورم ۾ اظهار جسڪاڻي طرفان آندل موضوعَ ‏5 جولائي 2014۔

?

ڇا توهان ٻين جي ڪيريئر ڪائونسلنگ ڪريو ٿا؟

  1. ها

    33.3%
  2. نه

    66.7%
  3. ڪيريئر ڪائونسلنگ ڇا هوندي آهي؟

    0 ووٽ
    0.0%
هڪ کان وڌيڪ ووٽ ڏئي سگهجن ٿا.
  1. اظهار جسڪاڻي

    اظهار جسڪاڻي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏23 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    128
    ورتل پسنديدگيون:
    110
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    مائيننگ انجنيئر
    ماڳ:
    ٽنڊوڄام
    پيشيورانه مشاورت: وقت جي اهم ضرورت

    اظهار مٺل جسڪاڻي​

    قدرت انسان کي اهڙو دماغ عطا ڪيو آهي، جنهن کي استعمال ۾ آڻي، هو دنيا کي تسخير ڪري سگهي ٿو. دنيا ۾ انسان جي ابتدا به جاکوڙ سان ٿئي ٿي. جنهن جو مثال ان معصوم ٻار جي ان عمل مان حاصل ڪري سگهجي ٿو، ته جڏهن هڪ ابهم ٻار کي بُک لڳي ٿي، ته هو پنهجي عقل جي ذريعي روئڻ جهڙو بلند آواز ڪڍي، پنهجي توجهه مرڪوز ڪرائي ٿو ۽ کيس اها به خبر پئي ٿي، ته مون کي کير يا کاڌو ڪيئن حاصل ڪرڻو آهي؟ ڪيئن پيئڻو آهي؟ اهڙي ريت زندگي جو پهريون ڏاڪو به جاکوڙيندي شروع ٿئي ٿو ۽ مرڻ گهڙي تائين، ڪنهن نه ڪنهن شيءَ جي جاکوڙ رهندي آهي.
    عقل جي ڳالھ ڪجي ته جيئن عمر گذري ٿي، تيئن انسان وڌيڪ علم سکي ٿو، تجربو حاصل ڪري ٿو. جنهن سان اڃا وڌيڪ عقل اچي ٿو۔ عقل انسان کي تعليم سان، تجربي سان، مشاهدي ۽ غلطين مان ايندو آهي، پر ڪنهن کي وڌيڪ دانائي ملي ٿي، ته ڪنهن کي گهٽ۔۔۔ بس سڄو دارومدار سندس محنت، دلچسپي، شوق ۽ آس پاس ۾ موجود موقعن ۽ ذريعن تي آهي.
    اسان جو موضوع ٻار جي مستقبل جو آهي ۽ انهن جي صحيح فيصلن ڪرڻ تي غور ڪنداسين. ڪجھ حقيقتون آهن، جنهن کي توهان تائين پهچائڻ پنهنجو فرض ٿو سمجهان. ڇاڪاڻ ته جيڪي غلطيون اسان ڪري ويٺا آهيون، اهي غلطيون اسان جو ايندڙ نسل نه دهرائي.
    والدين کان وٺي استادن تائين، اڄڪلھ ڪچن ذهنن ۾ اِهو ٿو وڌو وڃي، ته جيترو پڙهندا اوترا وڏا ماڻهو (پئسي وارا) ٿيندا. ڪچي عمر ۾ ئي اهو ٿو سيکارجي، ته وڏو ماڻهو ڇا ٿيندو آهي؟ رڳو پئسو ئي وڏو ماڻهو ڪري سگهي ٿو؟ انسان جي پنهنجي ڪردار behavior جو ڄڻ ته ڪجھ ڪونهي؟ وري کڻي پڇو ته بابا ائين ڇو ٿا ڪريو؟ جواب ملندو اڄڪلھ دؤر ئي اهڙو آهي. ڪير به اهو نه ٿو سوچي، ته دؤر اهڙو ٿيو ڪيئن؟ اسان جهڙن جيڪري ئي اهڙو دؤر ٿيو آهي. اسان جي سوچ ۽ عمل جيڪري ئي اهو سڀ ڪجھ ٿيو آهي. معاشرو ئي انهي جو ذميوار آهي ۽ اسان به هن ئي معاشري جا فرد آهيون. سڌي يا اڻ سڌي طرح اسان ئي دؤر کي اهڙو ڪيو آهي. اسان جهڙا ٻيا ماڻهو، ننڍن دماغن ۾ اهي ڳالهيون ويهاري ويا آهن. اسان انهن جي خاتمي کي ڇڏي، پاڻ انهن جي نقشِ قدم تي هلو پيا. جيڪڏهن پڙهائي صرف پئسي لاءِ آهي، ته تعليم لاءِ اهو ڇو چيل آهي، ته ماءُ جي هنج کان وٺي قبر تائين تعليم پرايو؟ ائين ڇو چيل آهي، ته علم ان نيت سان حاصل ڪريو، ته ان سان شعور ايندو، آگهائي ملندي، نه ڪي پئسي ڪمائڻ لاءِ. ڇو ته روزي تقدير سان ملندي آهي، تعليم سان نه. شروع کان ئي ٻار کي مثبت سوچ سيکاريو، ته جيئن هو سمجهداري سان فيصلو ڪري، نه ڪي لالچ سان. ڇڏيو ته ٻار پنهنجي پيشي جو پاڻ طعين ڪري، ان کي صحيح سڃاڻي، ايمانداري سان مڪمل ڪرڻ جو جذبو ماڻي.
    اڄ ڪلھ جي مارا ماري واري دؤر ۾ سٺي تعليم ۽ نوڪري جي تحفظ لاءِ، ذري گهٽ هر نوجوان ڏاڍو پريشان رهي ٿو. اڪثر ڪري ته يونيورسٽين جا ڊگري هولڊر به، پڙهائي کانپوءِ به ان پريشاني ۾ مبتلا هوندا آهن. ان ڪري ضروري آهي، ته پهرين کان ئي صحيح فيصلو ڪجي، ته جيئن پوءِ پڇتائڻو نه پوي. اڳئين دؤر ۾ ته پڙهيل لکيل گهٽ هوندا هئا. ان ڪري سڀني کي نوڪري ملڻ ڪا وڏي ڳالھ نه هئي، پر هاڻ ملڪ جي آبادي وڌندي رهي ٿي ۽ ملڪ جي ترقي جو وهنوار اڃا ساڳيو آهي. اسان جو ملڪ ايترو ترقي يافته نه آهي، جو هر ڪنهن شعبي يا مطالعي جي ميدان جي کپت هجي. ان ڪري اسان کي پنهنجي ملڪ جي صورتحال، پنهنجي ترجيحات ۽ مالي وسائل کي نظر ۾ رکندي، ڪو اهڙو فيصلو ڪرڻ گهرجي، جنهن ۾ ماڻهو جو مستقبل محفوظ هجي.
    يونيورسٽي ۾ داخلا وٺڻ وقت، پنهنجن دوستن کان ۽ وڌ کان وڌ پنهنجي والدين جي فيصلن سبب، ڪيترا ئي نوجوان گمراھ ٿيندا آهن.. ان جو مطلب اهو هرگز نه آهي، ته اڄ ڪلھ جا والدين پنهنجي ٻارن لاءِ فڪر مند نه آهن، پر والدين پنهنجي عمر وارن کي ۽ ٻين کي ڏسي، پنهنجي سوچ ڪندا آهن، ته منهنجو ٻچو وڏو ٿي فِلاڻي جهڙو آفيسر ٿئي. جنهن سان پئسا ۽ اختيار اچي. ان ڪري سڀني کي گذارش آهي، ته اسان جو هلندڙ وقت اهڙو آهي، جتي اٽي، لٽي ۽ اجهي لاءِ ماڻهو پنهنجين زندگين جو نظرانو به ڏيندا رهن ٿا ۽ پنهنجا عضوا وڪڻي به پيٽ گذر ڪرڻ لاءِ مجبور آهن. هر نوجوان کي، ڪنهن به يونيورسٽي جي، ڪنهن به شعبي ۾ داخلا وٺڻ کان پهرين، ڪجھ اهم ڳالهين کي دماغ ۾ رکڻ گهرجي. ڪجھ مون جهڙا ڄٽ، يونيورسٽي جي نالي کي ڏسي، پنهنجي مستقبل جو غلط فيصلو ڪري ويهندا آهن ۽ ڊگري کان پوءِ پيا اندر ئي اندر مرندا آهن. جلد بازي ۾ پنهنجي قابليت، شوق، ذوق، هوشيارپ ۽ اندر ۾ موجود هنر کي وساري، صرف ڊگري جي نالي کي يا يونيورسٽي جي ڪري، پنهنجي مستقبل جو غلط فيصلو ڪري ويهندا آهن. ڪنهن به شعبي ۾ داخلا وٺڻ کان پهرين، ڪجھ اهم ڳالهين تي سوچڻ ضروري آهي جهڙوڪ:
    توهان ۾ ڪيتري قابليت آهي؟
    ڪهڙي سبجيڪٽ ۾ دلچسپي ۽ ڪهڙي سبجيڪٽ تي عبور آهي؟
    ڇا ٿيڻ جو شوق آهي؟
    اڪثر شاگردن کان مستقبل جو شوق پڇبو آهي، ته جواب ۾ يا ڊاڪٽر يا وري انجنيئر ملندو آهي، پر انهن کي اِها خبر نه هوندي آهي، ته ڊاڪٽر ته ڇا جو؟ جيڪڏهن انجنيئر ته ڪهڙو انجنيئر؟ ڪا خبر ئي نه هوندي آهي! بس، هِتان هُتان، انهن نالن جو ذڪر ٻڌي، ٻيءَ ڪا واٽ، ڪو option نه هئڻ جي ڪري، جواب ۾ اِهي ٻه لفظ ٻڌائيندا. وري ڪير پسند جو سبجيڪٽ پڇندو، ته گهڻن جا جواب انهن جي شوق جي ابتڙ هوندا!؟ شوق آهي انجنيئر ٿيڻ جو، پسنديده سبجيڪٽ وري انگريزي، ڪيميسٽري يا سنڌي! ابا شوق آهي ڊاڪٽري جو، پر پسنديده سبجيڪٽ فزڪس ۽ رياضي آهي! ان ڪري انهن ننڍڙين، نامڪمل ۽ نابالغ ڳالهين جي آڌار تي، پنهنجو مستقبل خراب نه ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن ڪير چوي ٿو، ته انجنيئر ٿيڻ جو شوق آهي، ته اهو به سوچي ته ڪهڙو انجنيئر؟ روڊ ٺاهڻ وارو، پاڻي جو، بجلي جو، ٽيليفون جو، ڪپڙي جي مهارت جو، گاڏين ۽ مشينن جو، ڪيميڪلز جو، پئٽرول ۽ گئس جو يا اڃا ڪنهن ٻئي مهارتي موضوع جو. انجنيئرنگ ۾ گهڻيون ئي اهڙيونfields هونديون آهن، جن جي انٽر تائين بلڪل به خبر نه هوندي آهي. جيڪڏهن ان متعلق ڪجهه پڙهيل به هوندو آهي، ته اهو علم ايترو ڪافي نه هوندو آهي، جو ان جي آڌار تي، پنهنجي فيلڊ جو انتخاب ڪري سگهجي. هي زندگي جي اهم فيصلن جي سيڙهي آهي، ان ڪري ٻين جي هٿان اهو فيصلو نه ڪريو. صلاح هر ڪنهن کان وٺو، پر فيصلو پنهنجي نوعيت جي حساب سان، اوهان شاگرد پاڻ ڪريو.
    پنهنجي زندگي جو هي اهم قدم کڻڻ، فيصلو ڪرڻ لاءِ، هيٺين ڳالهين بابت اوهان کي ڀرپور ڄاڻ، معلومات رکڻ لازمي آهي:
    سوچيو، ته توهان ڪير آهيو ۽ جهان ۾ ڇا جي لاءِ آيا آهيو؟
    دوست توهان جي زندگي جي هر پهلو جا ساٿي ته آهن، پر توهان جي ڪيريئر سان وابسطا ناهن، ان لاءِ دوستن جي ڪري، سندن پسند جي ڪنهن اهڙي فيلڊ ۾ نه وڃو، جتي پاڻ ڪجھ نه ڪري سگهو.

    [​IMG]

    مائٽ توهان جا صلاحڪار آهن، پر فيصلو ڪرڻ وارا نه آهن. انهن جي راءِ کي نظر ۾ ضرور رکو، پر فيصلو پنهنجي حساب سان ڪريو. هميشه انهن کان صلاح وٺو، پر سدائين انهن جي صلاح تي نه ڀاڙيو. ڇاڪاڻ جو توهان جي خبر اوهان کان سواءِ ڪنهن ٻئي کي نه آهي. ان ڪري توهان جو فيصلو ڪو ٻيو انسان نه ٿو ڪري سگهي.
    اڪثر ماڻهو صلاح ڏيندا آهن، ته جيڪا به فيلڊ کڻو، ان ۾ ٽاپ ڪريو ۽ يونيورسٽي ۾ ئي نوڪري پڪي. ايترو ته عقل فهم هر ڪنهن کي آهي، پر اڄ ڪلھ اهو تمام ڏکيو ڪم آهي. جيڪڏهن ڪو ماڻهو پهرئين پوزيشن حاصل ڪري، يونيورسٽي ۾ نوڪري سان لڳي ٿو وڃي، پر ان کي پڙهائڻ جو شوق ناهي، نه استاد ٿيڻ جي قابليت آهي، ته ان جو ڇا ٿيندو؟ ڏٺو وڃي ته حڪومت جي ذميواري آهي، ته هو هر پڙهيل لکيل نوجوان کي روزگار ڏئي، پر پنهنجي ملڪ جا حال هر ڪنهن کي ساريل آهن. حڪومت روزگار نه ٿي ڏئي سگهي، ته ايترو ته ڪري، ته ملڪ جي کپت جي حساب سان، هر يونيورسٽي ۾ ان شعبي جو سيٽون ضرورت جي بنياد تي طئه ڪيون وڃن، ته جئين جيترا به، ان مان گريجوئيٽ ٿين، اوترا روزگار سان به لڳي وڃن. ڪيترن ئي شاگردن کي خبر ئي نه هوندي آهي، ته انهن کي ڪرڻو ڇا آهي؟ جنهن ۾ داخلا ٿي، انهي ۾ لڳيو وڃن! نتيجو اهو ٿو نڪري، يا ته چار سال جي ڊگري به ڇهن سالن ۾ ڪڍندا، ۽ جي چار سالن ۾ ڪڍي به ويا، ته کين ايندو ڪجھ نه!؟ صرف امتحان پاس ڪري، ڊگري جو پنو حاصل ڪرڻ لاءِ، پنهنجي مائٽن جو خرچ، اميدون ۽ پنهنجا چار سال وڃائن ٿا.
    هن دؤر ۾ پڙهائي ڪاروبار ٿي پئي آهي. جيترو سٺو ٻار پڙهندو، اوترو اڳيان نڪرندو. ڪجھ پراڻي ذهنيت وارا والدين، پنهنجي وڏن جو مثال ڏيندي ڳالهيون ڪندا آهن، ته فِلاڻو بغير ڪنهن سٺي اسڪول پڙهڻ جي، بغير ٽيوشن جي، هتي وڃي پهتو. اتي اها ڳالھ به ياد رکو، ته اُهو دؤر ڪهڙو هو! تڏهن پڙهيل لکيل ماڻهن جو تعداد ڪيترو هو؟ پڙهائي جو معيار ڇا هو؟ ملڪ جي آبادي ڪيتري هئي؟ ملڪ ۾ ڪرپشن ۽ سفارش تي ڪيتري قدر نوڪريون ملنديون هيون؟ والدين جو فرض آهي، ته اڄ جو فيصلو هن دؤر مطابق سوچي سمجهي ڪري.
    حقيقت اها آهي ته جيڪڏهن ڪنهن به فيلڊ ۾ پنهنجي شوق، محنت، دل ۽ جذبي سان ڪم ڪجي، ته ڪاميابي، اطمينان ۽ پئسو پاڻهي توهان وٽ ايندو.
    حڪومت جون به ڪجھ ذميواريون آهن، ته هر صوبي ۾ ڪيئرير ڪائونسلنگ جا ادارا هجڻ گهرجن. جيڪڏهن حڪومت ناڪام ٿي وڃي، ته وس وارا ۽ سماج جا ذميوار فرزند، اِها ڊيوٽي نڀائي سگهن ٿا.

    ڪيريئر ڪائونسلنگ، طالبِ علم کي صرف معلومات فراهم ڪرڻ جو ادارو آهي. جيڪو مستقبل ۽ قومي ترقي جي ڪرادار کي نقطهءِ نظر ۾ رکي، غير جانبدار رهنمائي فراهم ڪري، ڪيرئير جي تعمير لاءِ هڪ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو، پر افسوس! هڪ ته اهڙا ادار اٽي ۾ لوڻ برابر به نه آهن، پر جيڪي آهن، انهن لاءِ بدقسمتي سان چوڻو ٿو پوي، ته اهي صرف معلومات فراهم ڪن ٿا، پر پيشه ورانه مشاورت نه ٿا ڪن.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    تمام بهترين مضمون سائين
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    تمام سٺو مضمون جوڙيو اٿو ،،،،، سچ ته اهو آهي ته اسان وٽ ڪائونسلنگ نه هجڻ جي برابر آهي.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو