تنهنجي فرقت ۾ مان سمجھان خدا ويجھو آ

محمد اسلم عباسي

سينيئر رڪن
تنهنجي فرقت ۾ مان سمجھان خدا ويجھو آ
شبنم اندرا پوناوالا

تنهنجي فرقت ۾ مان سمجھان خدا ويجھو آ،
تنهنجي قربت ۾ به جلوو پرينءَ جو هوندو.

آه هرجاءِ سندس نور ته خطرو ڇاجو؟
وڃبو دوزخ ۾ ته پَڪ انجو ئي جلوو هوندو.

ٻار معصوم ۾ ڀڳوان جي مورت ٿا چون،
هو جوانيءَ ۽ بزرگيءَ جو به چمڪو هوندو.

رس ڦلن منجھ سندس سونهن گلن ۾ به سندس،
ته ڪرڙ ڪنڊ ٻٻر ۾ ڇا ڪو ٻيو هوندو.

 
Back
Top