زندگي ۾ هر انسان کان ڪجهه ڪوتاهيون، ڪميون ۽ غلطيون ٿي وينديون آهن، جيتوڻيڪ انهن جو سلسلو ۽ ڳاڻيٽو الاهي طويل هوندو آهي پر پوءِ به ڪجهه ڳالهيون ذهن ۾ هميشه رهجي وينديون آهن. زندگيءَ ۾ مون کان به ڪيتريون ڪميون ۽ ڪوتاهيون ٿيون آهن. ان حوالي سان مان هتي اعتراف ڪيان ٿو ته جڏهن مونکي سرڪاري اسپتالن ۾ ميڊيڪل سپرينٽينڊنٽ ٿيڻ جو موقعو مليو ته مان ڪوشش باوجود مريضن کي سرڪاري سهوليتون ڏياري نه سگهيس. مثال سرڪار طرفان مريضن لاءِ مليل پئسا ۽ فيون مريضن تي استعمال نه ڪرڻ ڏنا ويا. جيتوڻيڪ مون پبلڪ اڪائونٽ ڪميٽي ۾ سڀني جي سامهون گذارش ڪئي ته صحت کاتي طرفان مريضن لاءِ مقرر ڪيل سهولتون مريضن کي نه ٿيون ملن ۽ پئسا ضايع ٿي رهيا آهن. جيڪو مريضن سان ظلم آهي بي ايماني به آهي ۽ هڪ وڏو فراڊ به آهي. پر اهو فراڊ هلندو رهيو جنهن کي مان به ختم نه ڪرائي سگهيس. ڇاڪاڻ ته مونکي ختم ڪرڻ نه ڏنو ويو