منصور سرور
سينيئر رڪن
ڏسي توکي ڏسان مَنَ ٺري ٿو پَوان
عجب روح کي پرين راحت ٿو بخشين
کِلين تون، پاڻئون پاڻ مُرڪي ٿو پَوان
عشق کي پياري چاهت ٿو بخشين
جڏهن به نا اُميد ٿي روئي سُمهان
خوابن ۾ تَسلي ڏئي محبت ٿو بخشين
نظم لکان يا غزل هر سِٽ سِٽ ۾ تون
لفظن کي حُسنَ پنهنجي اطاعت ٿو بخشين
پکي پُکڻ هي رنگين رنگ سارا توسان
خوبصورت نَگر ٿي سياحت ٿو بخشين
عالمِ تنهائي ۾ اڪيلڙو ٿي ويهان”قاضي“
پَل پَل ۾ ساٿ پنهنجو ڏئي فرحت ٿو بخشين
قاضي منير احمد