• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

آدم به روئي ويٺو ناني حواسان هاڻي

ترقي ۾ تار ٿيندي آسمان تي پڳاسين
پنهنجي دنيا ڪري دمب عنوان تي پڳاسين
فڪر معاش ۾ هت وساري ويٺاسين رب کي
معيشت ۾ توڻي جو، ڪارون کي پڳاسين
تسڪين ڪين ٿي ڪڏهن احساس آس جي
تسخير ڪائنات ۾، جو فرعون کي پڳاسين
هامان جا ٿي هامي، وڙهندا رهياسين رب سان
حرڪتن ۾ پنهنجي هاتڪ حيوان کي پڳاسين
ماريندي ماڻهو سهڻا دنيا وئي ٿي دوزخ
لالچ ۽ حرص ۾ هت شيطان کي پڳاسين
آدم به روئي ويٺو ناني حوا سان هاڻي
بدلائي ڪير بديون بهتان تي پڳا سين

.......رسول بخش دائودپوٽه
 
Back
Top