سڄي دنيا ۾ هر 3 سيڪنڊن بعد ارڙهن سالن کان گهٽ عمر جي ڇوڪري جي شادي ٿيندي آهي ۽ هڪ سال ۾ 1 ڪروڙ کان وڌيڪ ڇوڪرين کي ننڍي عمر ۾ پرڻايو وڃي ٿو. اهڙي قسم جون وڌيڪ شاديون آفريقا، وچ اوڀر ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ ٿينديون آهن. گڏيل قومن موجب 18 سال کان گهٽ عمر جي ڇوڪري جي شادي انساني حقن جي ڀڃڪڙي آهي. سڄي دنيا ۾ 5 ڪروڙ نياڻين جون شاديون ٿينديون آهن ۽ اِهو انگ ايندڙ ڏهاڪي تائين 10 ڪروڙ کان وڌڻ جا امڪان آهن. هٿ پير لهڻ مهل ننڍي عمر ۾ ماءُ بڻجندڙ ڇوڪرين جي فوت ٿيڻ جي شرح وڌي وڃي ٿي سڄي دنيا ۾ ستر هزار مائون پهريون ڀيرو هٿ پير لهڻ وقت فوت ٿي وينديون آهن. برطانوي خابرو اداري جي رپورٽ موجب چائلڊ ميرج جنهن سڄي دنيا جي لکين ٻارڙين کان معصوميت کسي ورتي ۽ هنن کي غربت، جهالت ۽ بيماري جي حالت ۾ زندگي گذارڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي. ننڍي عمر ۾ شادي ٿيڻ ترقي جي رستي ۾ وڏي رنڊ آهي. اهڙي قسم جي شادين ۾ ڇوڪرين کان هنن جي پسند جي متعلق پڇيو نٿو وڃي. ڪيترا ئي ڀيرا ننڍي عمر جي ڇوڪرين کي وڏي عمر جي ماڻهو سان پرڻايو وڃي ٿو. برطانوي ٿنڪ ٽئنڪ موجب معاشي ۽ سماجي ترقي ۾ رنڊڪ جو وڏو ڪارڻ اهڙيون شاديون آهن ۽ اسين هنن شادين خلاف آواز بُلند ڪري رهيا آهيون. اهڙيون شاديون جن ۾ ڇوڪرين کي خاموشي سان وڪرو ڪجي ٿو هنن ڇوڪرين جو بيماري ۾ متبلا ٿيڻ جو امڪان پڻ وڌي وڃي ٿو. ڇوڪرين جي حقن لاءِ ڪم ڪندڙ گڏيل قومن جي ڪنونشن 18 سال کان گهٽ عمر جي ڇوڪرين جي شادي کي انساني حقن جي ڀڃڪڙي قرار ڏنو آهي. نائجريا، چاڊا ۽ مالي ۾ ستر سيڪڙو ڇوڪرن کي 18 سال جي عمر کان پهريان پرڻايو وڃي ٿو. بنگلاديش، گني، وچ آفريقي جمهوريه، موز مبيق، برڪينا فاسو ۽ نيپال ۾ پنجاهه سيڪڙو کان وڌيڪ ڇوڪرين جون شاديون ارڙهن سال کان گهٽ عمر ۾ ٿينديون آهن. ايٿوپيا، ملاوائي، مڊغاسڪر، سيراليون، ڪيمرون، اريٽيريا، يوگنڊا، ڀارت، نڪارا گوا، زيميبيا ۽ تنزانيه ۾ اِها شرح چاليهه سيڪڙو کان وڌيڪ آهي. يونيسف موجب اهڙين شادين ۾ زچگي جي وقت ننڍي عمر جي ڇوڪرين جي فوت ٿيڻ جي شرح وڌيڪ آهي. سڄي دنيا ۾ پهريون ڀيرو ماءُ بڻجندڙ ننڍي عمر جون ڇوڪريون فوت ٿي وينديون آهن. اهڙي قسم جي مائن جي گهر جنم وٺندڙ ٻارڙا وقت کان پهريان پيدا ٿيندا آهن يا وري عام ٻارڙن جي مقابلي ۾ هنن جو وزن تمام گهٽ هوندو آهي. شادي هڪ اهڙو ٻنڌڻ آهي جنهن سان پنهنجي بي ترتيب زندگي کي ترتيب ۾ آڻي سگهجي ٿو زال ۽ مڙس کي گاڏي جا ڦيٿا ۽ ان بغير گاڏي نه هلڻ جو مثال اسان اڪثر ٻڌندا رهندا آهيون پر ان وقت ان ڳالهه کي مسلسل نظر انداز ڪيو وڃي ٿو ته ڇا گاڏي ۾ هڪ ڪار ۽ ٻيو موٽر سائيڪل جو ڦيٿو هلي سگهي ٿو؟ زندگي جي سفر کي تڏهن ئي محفوظ منزل تائين پهچائي سگهجي ٿو جڏهن انهن شين جو خيال رکيو وڃي ڪنهن به ذميواري سنڀالڻ ۽ ڪنهن به ڪم جي شروعات کان اڳ تياري ۽ مهارت بنيادي شرط مڃيا ويندا آهن معلومات ۽ تياري نه هئڻ ڪري ڪوبه ڪم ڏکيائي جو سبب بڻجي ٿو ، شادي ۽ گڏيل زندگي جي بنياد رکڻ کان اڳ معلومات ۽ تياري تمام اهم هوندي آهي پر جيئن ته اسان وٽ شادي کان اڳ اولاد کان پڇڻ خاص ڪري نياڻين کان پڇڻ کي ڪا به اهميت نه ڏني ويندي آهي ۽ نه ئي شادي جي صحيح عمر بابت ڪا ڄاڻ حاصل ڪئي ويندي آهي ۽ ان ڪري ننڍپڻ جون شاديون اڄ به ساڳئي طريقي سان جاري آهن جنهن ڪري ننڍپڻ جي شادين سان ڪيترائي مسئلا جنم وٺي رهيا آهن ننڍپڻ جي شادين ڪري نه صرف پاڪستان پر سڄي دنيا ۾ ننڍي عمر ۾ ماءُ بڻجڻ ۽ ويم دوران ڇوڪريون زندگي جيجنگ هارائي وڃن ٿيون ننڍ پڻ جي شاديون ڪا نئين شئي نه آهي ان کي سماجي طور تي قبول ڪيو ويو آهي جنهن تي نسلن کان عمل ٿي رهيو آهي يونيسيف موجب دنيا ۾ هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ نياڻين کي 18 سالن کان اڳ پرڻايو وڃي ٿو ننڍپڻ جون شاديون نه صرف موت جي شرع ۾ اضافي جو سبب بڻجي رهيون آهن پر ان سان گڏ ٻين به ڪيترن ئي مسئلن جو سبب بڻجي رهيون آهن جن تعليم مڪمل نه ڪرڻ اهم آهي ان بابت پلان انٽرنيشنل نالي تنظيم هڪ رپورٽ ۾ ڄاڻايو آهي ته 11 کان 15 سالن جي چار ڪروڙ کان وڌيڪ ڇوڪريون بنيادي تعليم کان محروم آهن جنهن جي هڪ اهم وجه ننڍپڻ جي شادي به آهي اڄ به دنيا ۾ ننڍپڻ جي شادين جو رواج عام آهي جنهن لکين نياڻين جي معصوميت کسي انهن کي جهالت ، غربت ۽ خراب صحت جهڙن مسئلن ۾ زندگي گذارڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي دنيا ۾ هر ٽن سيڪنڊن ۾ 18 سالن کان گهٽ عمر جي ڇوڪري جي شادي ڪئي ويندي آهي جنهن ۾ ڇوڪرين کان سندس مرضي به پڇا ناهي ڪئي ويندي يونائيٽڊ نيشن پاپوليشن فنڊ جي رپورٽ موجب نائجر ۾ 75 سيڪڙو ، چاڊ 72 سيڪڙو ، بنگلاديش 66 سيڪڙو ، گني ۾ 63 سيڪڙو شاديون ننڍپڻ ۾ ڪرايون وڃن ٿيون جڏهن ته مالي ۾ 2010 جي رپورٽ موجب55 سيڪڙو شاديون ننڍپڻ ۾ ڪرايون وڃن ٿيون 2006 تائين اهو تناسب 71 سيڪڙو هو جنهن ۾ ڪجهه گهٽتائي آهي جڏهن ته ملاوائي ۽ موزمبيق ۾ ننڍپڻ جي شادين جو تناسب 50 سيڪڙو آهي ، انڊيا ، زيمبيا ، ايٿوپيا ، يوگينڊا ، نيپال ، سراليون ، ڪيمرون ، نڪاراگوا ، تنزانيه ۽ ٻين ملڪن ۾ 40 سيڪڙو ڇوڪرين جي شادي 18 سالن کان اڳ ٿي وڃي ٿي جڏهن ته 2007 ۾ جاري ڪيل رپورٽ موجب پاڪستان ۾ 24 سيڪڙو شاديون 18 سالن کان گهٽ عمر ۾ ڪرايون وڃن ٿيون رٽگرز ورلڊ پاپوليشن فائونڊيشن مختلف تنظيمن جي گڏيل رپورٽ ۾ ڄاڻايو آهي ته پاڪستان ۾ سڀ کان وڌيڪ سنڌ صوبي ۾ 72 سيڪڙو ننڍپڻ ۾ شاديون ڪرايون وڃن ٿيون جڏهن ته پاڪستان ۾ 50 سيڪڙو ڇوڪرين جون شاديون 19 سالن جي عمر ۾ ڪرايون ويون آهن ۽ 13 سيڪڙو اهڙين ڇوڪرين جون شاديون ڪرايون ويون آهن جن جي عمر 15 سالن کان به گهٽ هئيپاڪستان ۾ ننڍپڻ جي شادين جي وجه ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪنداسين ته اسان کي ڪيترائي سبب نظر ايندا جنهن ۾ قانون تي عمل نه ڪرڻ ، تعليم جي ڪمي ، غربت ، قبائلي رسم رواج جنهن ۾ جائداد ۽ وٽو سٽو به شامل آهن جڏهن ته سنڌ ۾ هندو برادري جي نياڻين جي مبينا اغوا ، گهران نڪرڻ ۽ مذهب تبديل ڪري شادين جي واقعن ۽ اهڙي خوف سبب هندو برادري ۾ ننڍپڻ ۾ نياڻين جي شادي جو رجحان وڌڻ جو اهم سبب بڻجي رهيو آهي پاڪستان ۾ مسلم لا آرڊيننس تحت شادي لاءِ ڇوڪريٰءَ جي عمر گهٽ ۾ گهٽ 16 سال ۽ ڇوڪري جي 18 سال ڪئي ويئي ۽ انهن جي رضامندي به لازم قرار ڏني ويئي جڏهن ته پاڪستان 1990 ۾ اقوام متحده جي ٻارن جي ڪنوينشن ۾ صحيح ڪئي ته ننڍپڻ جي شادين کي روڪيو ويندو ۽ ملڪ ۾ انهن تي پابندي هوندي پر ان تي عمل ڪيترو ٿيو اهو ته سڀني جي سامهون آهي ننڍپڻ جي شادي وقت ڇوڪري کي يڪدم وڏي ذميواري سنڀالڻي پوندي آهي جنهن لاءِ هو تيار نه هوندي آهي جنهن ڪري هن کي ذهني صدمو رسندو آهي ۽ جڏهن هو پيٽ سان ٿينديون آهن ته مسئلن ۾ به اضافو ٿي ويندو آهي جيئن ته هو ان عمل لاءِ تيار نه هوندي آهي ان ڪري اڪثر اهڙن ڇوڪرين کي گهٽ وزن ٻار ڄمندا آهن جيڪي هڪ سال جي عمر کان اڳ ئي موت جي منهن ۾ هليا ويندا آهن جڏهن هڪ ننڍي عمر جي ڇوڪري حمل سان ٿيندي آهي ته ان کي خطرناڪ ويم سمجهيو ويندو آهي ڇو ته ماءُ ۽ پيٽ جو ٻار پنهنجي غذا لاءِ هڪ ٻئي سان مقابلو ڪري ڪنديون آهن جنهن ڪري ويم دوران يا ان کان اڳ ڪمزوري جي ڪري ماءُ موت جي منهن ۾ هلي ويندي آهي ۽ ٻار جي زندگي به خطري ۾ هوندي آهي ننڍي عمر جون ڇوڪريون شادي بعد جڏهن حمل سان ٿينديون آهن ته انهن کي ڪيترين ئي مشڪلن ۽ بيمارين کي منهن ڏيڻو پوندو آهي جن ۾ فسٽولا به شامل آهي هڪ رپورٽ موجب پاڪستان ۾ سال ۾ پنج هزار شادي شده عورتون پيشاب جي نالي جي بيماري فسٽولا ۾ مبتلا ٿينديون آهن گهٽ عمر جي شادي شده ڇوڪرين ۾ اها بيماري ٻين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ آهي ننڍي عمر ۾ شادي ڪيل ڇوڪرين جو جسم ۽ هڏيون ڪمزور هونديون آهن ۽ هڏين ۽ جسم جي نشونما کان اڳ ان کي ٻار پيدا ٿئي ته اهي فسٽولا جي بيماري ۾ مبتلا ٿي سگهن ٿيون جتي ننڍپڻ جي شادين جي ڪري ڇوڪرين کي ڪيترائي مسئلا هوندا آهن اتي اها بيماري انهن لاءِ تمام گهڻي پريشاني جو سبب بڻبي آهي ان بيماري جي ڪري عورتن کي گهران ڪڍڻ ۽ طلاق جهڙا مسئلا به سامهون ايندا آهن ننڍپڻ جي شادي هڪ اهڙو ناسور آهي جنهن کي ختم ڪرڻ لاءِ نه صرف قانون ٺاهڻ پر ان تي عمل ڪرائڻ جي به ضرورت آهي هاڻ ان ڳالهه تي به زور ڏنو پيو وڃي ته شادي لاءِ ڇوڪري جي عمر به 18 سال ڪئي وڃي پر ان ڳالهه تي عمل تڏهن ممڪن آهي ته ان لاءِ اهو شرط لازمي رکيو وڃي ته ڇوڪرو يا ڇوڪري جي شادي لاءِ انهن جو شناختي ڪارڊ لازمي قرار ڏنو وڃي شهرن ۾ يا ڳوٺن ۾ شادي لاءِ نڪاح نامو ضرور ڀريو وڃي ۽ ان ۾ شناختي ڪارڊ نمبر به هئڻ گهرجي ان سان گهڻو ئي بهتر نتيجو نڪرندو ۽ انهن شين تي عمل ڪرائيندڙن تي ڳرا ڏنڊ رکيا وڃن ۽ سزا به ڏني وڃي ته جيئن ان عمل کي .روڪي سگهجي ڪالم نگار : دلــدار علي چنا دادو سنڌ 03123080970 Email: dildar_noor@live.com
پيارا اوهان تمام سٺو لکيو آهي ..... پر اسان وٽ علماء ڪائونسل ۽ اسلامي نظرياتي ڪائونسل جا پنهنجا فيصلا آهن، ان تي بحث به ٿيندو رهيو آهي.
تمام سٺو ليک پر ادا اوهان سنڌ سلامت مان ئي ڪاپي ڪري پيسٽ ڪرڻ کان اڳ ڪجهه تبديلي ڪيوها ته بهتر لڳي ها. http://www.sindhsalamat.com/threads/26297/
ڇا ڪرڻ گهرجي . ٻارن جي تحفظ لاءِ موجود قانون لاڳو ڪيا وڃن ۽ موجوده پاليسين تي عمل ڪيو وڃي. . ٻارن جي تحفظ لاءِ وڌيڪ نوان قانون، پاليسيون ۽ پروگرام آندا وڃن جن ۾ جسماني سزائن ۽ ٻارن لاءِ هاڃيڪار رواجن تي بندش لڳائڻ ۽ ڇوڪرين لاءِ شادي جي ڄمار گهٽ ۾ گهٽ 16 سالن کان واڌائي 18 سال ڪرڻ شامل آهن. . هنن قانونن ۽ پاليسين جون ڀڃڪڙيون ڪندڙن کي بنا معافي مثالي سزائون ڏنيون وڇن رڳو اهڙن ماڻهن کي معاوضي جي رقم ڏيڻ ڪافي ناهي جيڪي ميڊيا جي ذريعي نمايان ٿي ويا آهن جڏهن ته ليکن ماڻهو خاموشي سان مصيبتون برداشت ڪري رهيا آهن. . غربت گهٽائڻ ۽ ملازمت جا موقعا وڌائڻ لاءِ اثرائتا اُپاءُ ورتا وڃن ڇو ته وڏا پنهنجي مايوسي ۽ ڪاوڙ ٻارن تي ڪڍن ٿا. . تعليم ۽ صحت جون مناسب سهوليتون فراهم ڪيون وڃن.