ڇا سنڌ جي نياڻي جو خون به لڙهي ويندو۔۔۔۔؟

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏24 اپريل 2010۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڪجهه ڏينهن پهريان اقوامِ متحده جي طرفان سنڌ جي نياڻي محترمه بينظير ڀٽو جي قتل جي مفصل رپورٽ منظرِ عام تي آئي پر انتهائي افسوس جو امر اهو آهي ته ڪروڙين روپين جي خرچ سان تحقيق ڪرڻ کان پوءِ به نتيجو واضح نه ٿيو ته آخر بي بي جو قاتل ڪير هو۔۔۔۔۔۔
    ان دوران ميڊيا اقوامِ متحده طرفان جاري ڪيل هن رپورٽ کي واضح طور عوام تائين آندو ۽ رپورٽ جي هر نقطي کي واضح ڪيو ويو ۔۔۔ رپورٽ مطابق قتل جي ذميداري ان وقت جي حاڪم پرويز مشرف جي حڪومت مٿان به ڏني وئي آهي ۽ گڏو گڏ محترمه جي سڪيورٽي تي معمور پنهنجي ڪارڪنن کي پڻ ذميدار قرار ڏنو ويو آهي۔۔۔ هتي مان توهان جي معلومات ۾ اضافي لاءِ ايڪسپريس ٽي وي جي پروگرام فرنٽ لائين جي وڊيوز لڳائي رهيو آهيان جن ۾ تفصيلي بحث، مختلف شخصيتن کان رايا وٺڻ کان سواءِ پرويز مشرف جو ان وقت ٻاهرين ميڊيا کي ڏنل ڏکيو ۽ سخت سوالن جي جوابن تي مشتمل انٽرويو جي پڻ جهلڪ موجود آهي ۔۔۔۔
    هنن وڊيوز کي ڏسڻ کانپوءِ راءِ شماري ۾ پنهنجي راءِ ڏيڻ نه وساريندا۔۔۔۔۔۔۔۔

    [m]http://www.zshare.net/video/75046417c1eab596[/m]​
    فرينڊس ڪارنر جي تعاون سان
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ڇا سنڌ جي نياڻي جو خون به لڙهي ويندو۔۔۔۔؟

    مون پڪ سڃاتا پنهنجا هئا، ڌارين سان گڏ ڌاڙي ۾ ۔۔۔

    بس قاتل ته واضح آهن پر ٻليءُ کي گهنڊڙي ٻڌي ڪير؟

    ادا رشيد يار! سنڌي قوم جي معصوميت چئجي يا مجرمانه خاموشي چئجي پر آخري ڳالهه ته سنڌ جي هڪ هيرو قسم جي شخصيت کي ختم ڪيو ويو ۽ هاڻ ان جا قاتل پڪڙجن يا نه، فرق ڇا پوندو، ڇا اهڙي شخصيت وري واپس ايندي ۔۔۔ ياد رهي ته اهڙيون شخصيتون صدين ۾ پئدا ٿينديون آهن ۔۔۔

    پاڪستان قائم آهي ۔۔۔ ڀٽو خاندان کي ڪيئن ختم ڪيو ويو ۔۔۔ ؟ اهو پاڪستان جي تاريخ جو سياح ترين باب آهي ۔۔۔ سنڌ قربانيون ڏئي پئي ۔۔۔ ڏسجي ته اهو واريءَ جو ڪوٽ ڪيستائين قائم رهي ٿو ۔۔۔
     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ڇا سنڌ جي نياڻي جو خون به لڙهي ويندو۔۔۔۔؟

    بينظير ڀٽو جو اسٽريٽجڪ قتل ۽ قاتل ايجنسيون
    حسن مجتبيٰ
    April 24th, 2010

    محترمه بينظير ڀٽو جي قتل جي متعلق معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ گڏيل قومن جي جاچ ڪميشن جي رپورٽ سان ثابت ٿي ويو آهي ته بينظير ڀٽو جي قتل ۾ اڳوڻو فوجي آمر مشرف سندس فوج سندس ايجنسيون سندس حاضر سروس ۽ سندس رٽائرڊ چمچا ملوث هئا.
    وه خون مين لت پت پنڊي ۾ بندوقين ٿين بم گولي ٿي
    وه تنها پياسي هرني ٿي اور هر سو قاتل ٽولي ٿي.
    پاڪستاني فوج جو هاڻوڪو سربراهه جنرل ڪياني به ملڪ جي اڳوڻي وزير اعظم ۽ هڪ عالمي سطح تي مشهور پارٽي جي مشهور سربراهه جي قتل ۾ هڪ بدترين ڪردار ادا ڪيو جنهن کي ڪڏهن به وساري نٿو سگهجي. ”شينهن تنهنجي وات مان به پاڪستانين جي منپسند نياڻي جي رت جي خوشبو“ پر اڃان تائين پاڪستان يا پاڪستان کان ٻاهرين ملڪن ۾ ڪنهن به ماءُ جي پُٽ ۾ ايتري جرئت ناهي ته هو سرعام اِها ڳالهه چئي سگهي، پاڪستان جو ”شير دل“ چيف جسٽس به اِها ڳالهه چوڻ جي جرئت نٿو ڪري سگهي.
    محسوس ٿيندو آهي ته آصف علي زرداري اصل قاتلن کي سڃاڻيندو هو پر مظلوم ۽ بيوس آصف علي زرداري ۾ ايتري جرئت ناهي ته هو فوج جي چيف آف آرمي اسٽاف ۽ آءِ ايس آءِ جي چيف ۽ رحمان ملڪ اينڊ ڪمپني کي به يو اين رپورٽ جاري ٿيڻ کانپوءِ شوڪاز نوٽيس جاري ڪري سگهي جيڪا مثال طور بينظير ڀٽو جي قتل ۾ سنون سڌو ملوث ڪونه هئا ۽ ان کي ترت طبي امداد پهچائڻ ۾ رنڊڪ وجهڻ ۽ سندس حياتي بچائڻ ۾ غير ذميواري جي حد کان وڌيڪ ڏوهه ڪرڻ ۾ شامل ضرور هئا.
    پر بينظير ڀٽو جو قتل پاڪستان ۾ اداري جي سطح تي ٿيو آهي حفاظتي انتظام جي ماهر ليکڪ ۽ تجزيه نگار ڊاڪٽر عائشه صديقه چيو آهي ته توهان پاڻ اندازو لڳائي سگهو ٿا ته پاڪستان ۾ ايترا اداره موجود ناهن جو اِهو معلوم نه ٿي سگهي ته انهن ادارن مان بينظير ڀٽو جي قتل جي سازش ڪهڙي اداري ڪئي هوندي؟ پاڪستان ۾ بينظير ڀٽو جهڙي مشهور سياستدان جو قتل هڪ وڏو ”اسٽريٽجڪ قتل“ آهي.

    اهڙي اسٽريٽيجي بابت فوج ۽ ان جي انٽيليجنس ايجنسين کي تڏهن يا وري ڪجهه عرصي کانپوءِ معلوم ٿيو هوندو جڏهن هو ضياء الحق جي فوجي بغاوت وارا قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جو سربراهه بڻجي ڪري ملڪ ۽ وزير اعظم هائوس ”شب خون“ ڪرڻ لاءِ ويو هو. فوجي جرنيلن کي الاهي ڏينهن گذرڻ کانپوءِ اِهو چوندي ٻڌو ويو ته ”اسانکي 5 جولاء واري رات ذوالفقار علي ڀٽو کي سندس خاندان سميت قتل ڪرڻ گهرجي ها. جيئن هڪ اداري ڪاڪول ملٽري اڪيڊمي ۾ تربيت حاصل ڪندڙ بنگلاديشي فوج جي آفيسرن ۽ جرنيلن پنهنجي ملڪ جي باني بنگله بندهو شيخ مجيب الرحمان کي سندس خاندان سميت (حسينه کان علاوه) قتل ڪري ڇڏيو هو. پر پاڪستان جي فوجي عوام ۽ انهن جي ايجنسين اِها حڪمت عملي بعد ۾ ٺاهي جنهن ۾ انهن ٿوري تبديلي ڪرڻ کانپوءِ ڀٽو خاندان جي سڀنيءَ نوجوانن کي هوريان هوريان قتل ڪيو.

    ذوالفقار علي ڀٽو، شاهنواز ڀٽو، مرتضيٰ ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو ۽ ڪلينڪي ڊيڊ بيگم نصرت ڀٽو پر ذوالفقار علي ڀٽو کانپوءِ پاڪستاني ايجنسين جو پهريون ۽ سڀ کان وڏو امن پسند نشانو بينظير ڀٽو هئي، کيس سياست ۾ اچڻ جي پهرين ڏينهن کان ٽارگيٽ بڻايو ويو ۽ محترمه بينظير ڀٽو کي لاڳيتو سازشن ۽ حملن جو شڪار بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي جنهن جي تاريخ اوهانجي خدمت ۾ پيش ڪرڻ چاهيان ٿو.

    پهريون ڀيرو بينظير ڀٽو کي قتل ڪرڻ جي سازش ۽ ڪوشش 1980 ۾ سکر سينٽرل جيل ۾ ڪئي وئي جتي هو اونهاري جي موسم ۾ بغير بجلي واري سيل ۾ تنها قيد هئي. اڪيلي لاوارث ۽ يتيم ۽ پاڪستاني فوجي جرنيلن جي دشمن جي ڌيءُ کي مارڻ لاءِ فوجي انٽيليجنس ايجنسين سکر جيل ۾ قيدين جي ذريعي کيس قتل ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن ۾ قيدين پنهنجي ڀيڻ کي نه رڳو ڇيهو رسائڻ کان نه انڪار ڪيو پر جيل ۾ بغاوت پڻ ڪيائون.

    بينظير ڀٽو جي خلاف هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌ ۾ دادو ضلع ۾ سنڌي قومپرست اڳواڻ جي ايم سيد جي ڳوٺ سن ۾ سازش ڪئي وئي جنهن ۾ محترمه بينظير ڀٽوجي پيجارو جيپ تي ڌاڙيلن جي ذريعي حملو ڪرايو ويو. بينظير ڀٽوجي پيجارو جيپ مٿان سنڌي قومپرست اڳواڻ جي ڳوٺ جي لڳ ڌاڙيلن حملو ڪيو پر بينظير ڀٽو کي سول انتظاميا جي عهديدارن پهريان کان ان سازش جي اطلاع ڏئي ڇڏي هئي. محترمه بينظير ڀٽو سندس جيپ ان سازش واري روٽ تي موڪلي ڇڏي هئي پر پاڻ جهاز جي ذريعي لاڙڪاڻو پهچي وئي هئي. بعد ۾ جي ايم سيد پريس کي ٻڌايو ته بينظير ڀٽو مٿان سندس ڳوٺ جي لڳ حملو ڪرڻ لاءِ ملٽري انٽيليجنس جي هڪ ميجر کوسي قبيلي مان سندس مريدن مان ڪجهه ڌاڙيلن کي اهڙو منصوبو ٺاهڻ لاءِ تيار ڪيو هو.

    سنڌ جي ٻنهيءَ پاسن جي ڪچي وارن علائقن جي رهواسين خاص طور تي اوڀر سنڌ جي علائقن ۾ رهندڙ عام ماڻهن کي خبر آهي ته خيرپور ميرس کان وٺي لاڙڪاڻي جي ضلعن ۾ خاص قبيلن جي ڌاڙيلن ۽ قبائلي رتوڇاڻ ۾ مصروف ماڻهن مان چونڊيل ماڻهن جي حمايت ڪندڙ ايس ايس پي ساڳيو ميجر امتياز آهي جنهن جو نالو شهيد جمهوريت محترمه بينظير ڀٽو جي قتل جي رپورٽ ۾ شامل آهي.

    ميجر امتياز جنهن کي بعد ۾ بينظير ڀٽو جو چيف پرنسپل آف سيڪيورٽي ۽ سندس دور ۾ اسلام آباد جو ايس ايس پي مقرر ڪيو ويو ساڳيو ميجر امتياز 27 ڊسمبر جي ڏينهن راولپنڊي ۾ محترمه بينظير ڀٽو مٿان ٿيل حملي جي وقت بينظير ڀٽو سان ساڳئي گاڏي ۾ موجود هو جنهن مٿان حملو ٿيو پر تمام گهٽ ماڻهن کي خبر هوندي ته 1992ع ۾ جڏهن سنڌ ۾ ڌاڙيلن ۽ دهشتگردن جي خلاف آپريشان جي نالي تي فوج ڪارروائي شروع ڪئي هئي ته خيرپور جي ساڳئي ايس پي ميجر امتياز کي ملٽري انٽيليجنس ايجنسين جي رپورٽن سبب معطل ڪيو ويو هو، رپورٽن ۾ ڄاڻايو ويو هو ته ميجر امتياز سنڌ ۾ ناريجو قبيلي جي ڌاڙيلن جي حمايت ڪندو آهي.

    هاڻي خبر ناهي ته ساڳئي ادارن سندس ماضي جي بنياد تي ميجر امتياز کي استعمال ڪيو آهي يا وري هو پاڻ گڏيل قومن جي رپورٽ ۾ ڄاڻايل ڏوهاري ۽ لاپرواهه ايجنسين آءِ ايس آءِ ۽ ملٽري انٽيليجنس ۾ ڪنهن نه ڪنهن ايجنسي جو ڪارڪن هو جن جا سينيئر عهديدار فيض آباد چوڪ کان وٺي جنرل اسپتال ۽ چڪلاله ايئرپورٽ تي نظر نه ايندڙ ڳجهن وانگر لٿا هئا جن کي صرف ايس پي خرم شهزاد، ڊي آءِ جي سعود عزيز، ڊاڪٽر مصدق يا ڏسندڙ اکيون ۽ ٻڌندڙ ڪن سڃاڻي سگهن ٿا يا وري تڏهوڪو آءِ ايس آءِ جو چيف جنرل نديم تاج، چيف آف آرمي اسٽاف جنرل ڪياني جيڪو ان سڄي تاريخي خوني معاجري کان اڳ ۽ ان جي درميان غائب به هو ۽ حاضر به هو! جنهن جو نالو گڏيل قومن جي رپورٽ ۾ بار بار فوجي آمر مشرف سان سندس حمايتين ۽ اُن سياسي قتل جي حالتن ۽ حقيقتن تي ٻڌل خوني فلم ۾ بنيادي ڪردارن وانگر شامل آهي. لاجسٽڪلي اُها سڄي تاريخي واردات يا اسٽريٽجڪ قتل پاڪ فوج جي ٽڪاڻي واري شهر ۾ پڄاڻي تائين پهتو پر اهڙي وڏي واردات کي جنهن سان پاڪستان جو بنياد لُڏي ويو آهي پاڪستاني ميڊيا ۽ ان جا صحافي ائين پيش ڪري رهيا آهن جيئن اِهو بينظير ڀٽو جو قتل ناهي پر فيض آباد چوڪ تي ٿيل هڪ ڪار ايڪسيڊنٽ هو
     
  4. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: ڇا سنڌ جي نياڻي جو خون به لڙهي ويندو۔۔۔۔؟

    سائين محترمه جو خون شايد لڙهي چڪو آهي۔۔۔
     
  5. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ڇا سنڌ جي نياڻي جو خون به لڙهي ويندو۔۔۔۔؟

    آءُ ادي مست جي ڳالهه سان ٻه سئو سيڪڙو متفق آهيان ته سنڌ جي ڌيءَ جو خون لڙهي ويو آهي ۔۔۔
     
  6. Humair Altaf Mangi

    Humair Altaf Mangi
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 مئي 2010
    تحريرون:
    9
    ورتل پسنديدگيون:
    3
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    انجينئر
    ماڳ:
    شڪارپور / ڪراچي
    جواب: ڇا سنڌ جي نياڻي جو خون به لڙهي ويندو۔۔۔۔؟

    نه نه ائين ڪيئن لڙندو خون!
     
  7. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: ڇا سنڌ جي نياڻي جو خون به لڙهي ويندو۔۔۔۔؟

    ادا ڇا چئجي ، ۽ ڪنهن کي چئجي،
    هت ته مان صرف اهيو چوندس ته ( مون پڪ سڃاتا پنهنجا هئا ڌارين سان گڏ ڌاڙي ۾ )
     
  8. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: ڇا سنڌ جي نياڻي جو خون به لڙهي ويندو۔۔۔۔؟

    سائين بلڪل خون لڙهي چڪو آهي
    ان خون کان اڳ ذوالفقار علي ڀٽو
    مير مرتضي
    شاهنواز
    ڪنهن جا قاتل گرفتار ٿيا آهن؟
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو