برلن (ع آ نيوز) جيئن ته جوراب ايترا مهانگا ناهن هوندا ۽ انهن کي سستي اگهه تي وڪرو ڪيو ويندو آهي پر جرمني جي هڪ ڪمپني جوراب تيار ڪيا آهن جن جي قيمت حيرت انگيز طور تي 1200 ڊالر (هڪ لک ويهه هزار رپيا) آهي. ڪمپني جو چوڻ آهي انهن جورابن جون رڳو ڏهه جوڙيون ٺاهيون ويون آهن ۽ ان ۾ اُن جو هڪ بهترين ۽ ناياب قسم استعمال ڪيو ويو آهي، جيڪو برفاني جانورن جي وارن مان هٿ ڪيو ويو آهي.