• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

تون به ڏسندو رهين مان به ڏسندو رهيس

محمد اسلم عباسي

سينيئر رڪن
تون به ڏسندو رهين مان به ڏسندو رهيس
جميل سومرو

ٻن ٽڪن تي سفر جا سنوان رخ مَٽي
ٿيڙ کائي سرِ راهه وِڪجِي وَيا
ڪو به رهبر نه پهچي سگهيو ماڳ تي
قوم جي خواب کي ڪا نه ساڀيا ملي
کير جهڙين اميدن کي دانگيو وَيو
آس جي منهن مٿان ڪارا ليڪا ڪڍي
نقش مقصد جا سارا مٽايا وَيا
ديس جي جن جوانن ڏنيون زندگيون
تن جي قربان گاهن کي ميٽيو وَيو
تن شهيدن جي رت سان مذاقون ڪري
پيٽ پنهنجي کي لڪ ڇپ ۾ پاليو وَيو
۽ مٽيءَ سان به تعديون ڪَيون ليڊرن
رات وچ ۾ بدل جا لبادا کڻي
پنهنجي چهرن کي اوڍيو لڪايو وَيو
سوئرن سونهن ۽ سنڌ وڪڻي ڇڏي
ڪنهن مذمت جي تڪليف ڀي ڪانه ڪئي
ڪيئي ويڪُو پڌر تي هنبوڇيون هڻي
ڪيئن بنا نڪ جي خوب نچندا رهيا
ڪنهن نه تن جي ضميرن کي ڀونڊا ڏنا
ڪنهن نه ٻانهن تي ڪاري پَٽي ڪا ٻَڌي
تنهنجي ڌرتيءَ کي تنهنجي ئي سامهون سڀئي
هُو لُٽيرن جيان هر لُٽيندا رهيا
وارثن کي ڄنڊن کان جهلي بي ڌڙڪ
شهر جي چونڪ تي ئي ڪُٽيندا رهيا
هُو پگهارن تي ڀرتي ٿيل ها سڀئي
مون منجهان ها مگر مُنهن جا نرڄا هُئا
غير ٿورو هُئا منهنجا پنهنجا هُئا
شهر جي چوڌرين جا ڪي چمچا هُئا
هُو ڀيانڪ مهانڊن تي چهرا رکي
مون کي پنهنجو ڪري مون کي دوکا ڏيئي
منهنجا رهبر بڻيا منهنجا اڳواڻ ٿيا
ٺاهه سمورا ٺڳيءَ جا ٿا سمجهون سڀئي
پر ڪجي ڀي ته هاڻي ڪجي ڇا ڪجي
هاڻ جي ايم سيد ڪو ڪٿان آڻجي
ڇوٽڪاري جي خواهش کي ڪيئن ماڻجي
هي لقا قوم سان بند پنبڻيون ڪري
تون به ڏسندو رهين مان به ڏسندو رهيس
05.07.2014
 
Back
Top