نهج البلاغه تي هڪ سراسري نظر

'مختلف موضوع' فورم ۾ غلام قاسم تسنيمي طرفان آندل موضوعَ ‏6 جولائي 2014۔

  1. غلام قاسم تسنيمي

    غلام قاسم تسنيمي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    225
    ورتل پسنديدگيون:
    156
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    علم پرائڻ ۽ پکيڙڻ
    ماڳ:
    ڪوٽڙي
    نهج البلاغه تي هڪ سراسري نظر
    تحرير: غلام قاسم تسنيمي

    مهاڳ
    ڪنهن به شخصيت کي سڃاڻڻ جا مختلف طريقا آهن، ڪڏهن سندس ڪردار ۽ عمل وسيلي کيس پرکيو ويندو آهي ته ڪڏهن وري سندس ڳالهيون، گفتا، خطبا ۽ خط سندس شخصيت جي عڪاسي ڪندا آهن ۽ ڪڏهن وري ٻين ماڻهن جي ان بابت تاثرات مان سندس شخصيت تي روشني پوندي آهي.

    اميرالمومنين امام علي کي به انهن رستن وسيلي سڃاڻي سگهجي ٿو، ڪڏهن الله سائين جي پاڪ ڪلام ۽ رسول اڪرم جي حديثن ۽ ٻين مسلمان ۽ غير مسلمان ماڻهن جي ان بابت تاثرات مان ته ڪڏهن وري سندس پاڪ پاڪيزه ۽ عظيم الشان سيرت مان ته ڪڏهن سندس ارشاد فرمايل خطبن، مڪتوبن، دعائن، وصيتن ۽ حڪمت ڀريل مختصر جملن مان.
    نهج البلاغه جي نالي سان هي نفيس ۽ سهڻومجموعو، جيڪو هيئنر اسان جي هٿ ۾ آهي ۽زمانو ان کي پراڻو نٿو ڪري سگهي، بلڪه زماني جي گذرڻ ۽ نون نظرين ۽ فڪرن جي ظاهر ٿيڻ مسلسل ان جي حيثيت ۾ واڌارو آندو آهي، علي عليه السلام جي خطبن، دعائن، وصيتن، مڪتوبن، ۽ مختصر اقوالن جي چونڊ آهي. جيڪو سيد رضي هٿان تقريبا هزار سال اڳ سيڙهيو ويو.
    جنهن ڳاله ۾ شڪ نٿو ڪري سگهجي اها هي ته علي عليه السلام ڇو جو ”مرد سخن“ هو ان ڪري ڪيترائي خطبا پڙهيائين. ۽ مختلف مناسبتن مطابق حضرت جا ڪيترائي مختصر حڪيمانه قول ٻڌڻ ۾ آيا. اهڙي نموني ڪيترائي مڪتوب خصوصا پنهنجي خلافت جي دور ۾ لکيائين. جنهن جي حفاظت ڪرڻ ۾ مسلمانن جي خاص دلچسپي رهي آهي.
    مسعودي جيڪو سيد رضي کان سو سال اڳ هو (ٽئين صدي جي آخر ۽ چوٿين صدي جي شروعات) پنهنجي ڪتاب ”مروج الذهب“ جي ٻئي جلد ۾ ”في ذڪر لمع من ڪلامه و اخباره و زهده“ جي عنوان هيٺ لکي ٿو:“علي عليه السلام جي مختلف جاين تي چيل خطبن منجهان ماڻهن 480 کان وڌيڪ خطبا ياد ڪيا آهن. علي عليه السلام في البديهه ، بغير لکڻ ۽ تياري ڪرڻ جي اهي خطبا ارشاد فرمايا هئا. ماڻهن اهي لفظ به ياد ڪيا ۽ عمل ۾ ان کان فائدو ورتائون.
    معسودي جهڙي محقق ۽ دانشمند جي گواهي ٻڌائي ٿئي ته علي عليه السلام جا خطبا ڪيترا گهڻا هئا. نهج البلاغه ۾ ته فقط 239 حصا خطبي جي نالي سان نقل ٿيا آهن، جڏنهن ته مسعودي انهن جي تعداد 480 کان وڌيڪ ٻڌائي ٿو. ان کان پوء مختلف طبقات طرفان مولى جي ڳالهين کي محفوظ رکڻ جو اهتمام بيان ڪري ٿو.
    نهج البلاغه جو سهيڙيندڙ، سيد رضي
    سيد رضي ذاتي طور تي علي عليه السلام جي ڪلام جو عاشق هو. هوء اديب، شاعر ۽ سخن شناس ماڻهو هو. ثعالبي جيڪو هن جو هم عصر هو ان جي باري ۾ لکي ٿو:“ هو اڄوڪي زماني جو عجيب ترين ۽ عراقي سادات جو شريف ترين شخص آهي حسب ۽ نسب جي عظمت کان سواء روشن ادب ۽ مڪمل فضل سان مزين آهي. هو آل ابي طالب جي تمام شاعرن کان بهتر آهي جڏنهن ته آل ابي طالب ۾ ڪيترائي نامور شاعر آهن. جيڪڏنهن مان ائين چوان ته تمام قريش ۾ ڪو شاعر انجي برابري جو نه آهي ته حقيقت کان پري نه چيو اٿم.”[1]
    سيد رضي پنهنجي انهيءَ دلچسپي ڪري جيڪا کيس ادب سان عام طور تي ۽ علي عليه السلام جي ڪلام سان خاص طور تي هئي، مولى جي ڪلام کي گهڻو ڪري فصاحت، بلاغت ۽ ادب جي نظر سان ڏٺو آهي. انهي ڪري ان جي چونڊ ۾ انهي ڳاله تي ڌيان ڏنو اٿس.
    مطلب ته اهڙي ڪلام انجي توجه وڌيڪ حاصل ڪئي آهي جنهن ۾ بلاغت جي لحاظ کان خاص خاصيت هئي، تنهنڪري ان پنهنجي چونڊ تي نهج البلاغه جو نالو رکيو آهي. ان جي سند به ذڪر نه ڪئي آهي. فقط ڪجه خاص جاين تي خصوصي مناسبت جي ڪري ان ڪتاب جو ذڪر ڪيو آهي جنهن ۾ اهو خطبو يا مڪتوب نقل ٿيو آهي.
    جڏنهن ته تاريخ يا حديث جي مجموعي ۾ پهريان سند کي معين ڪرڻ گهرجي نه ته انجو ڪو اعتبار نه رهندو، پر هڪ ادبي اثر جي حيثيت انجي لطافت ، سٺاڻ ۽ جوڙجڪ ۾ آهي. انجي باوجود اهو به نٿو چئي سگهجي ته سيد رضي هن اثر جي تاريخي يا ٻين لحاظن جي حيثيت کان غفلت ڪئي آهي ۽ ان جي توجه فقط ادبي پاسي رهي آهي.
    خوش قسمتي سان هن دور جي ڪجه عالمن نهج البلاغه جي اسناد ۽ مدارڪ کي گڏ ڪرڻ تي سندرو ٻڌو آهي. شايد سڀني کان وڌيڪ تفصيلي ڪتاب “نهج السعاده في مستدرڪ نهج البلاغه” ، جيڪو عراق جي شيعه عالم محمد باقر محمودي جي توسط سان لکيو ويو آهي. هن قيمتي ڪتاب ۾ علي عليه السلام جي تمام خطبن، حڪمتن، مڪتوبن، دعائن ۽ مختصر قولن کي گڏ ڪيو ويو آهي.
    هي ڪتاب هاڻوڪي نهج البلاغه ۽ انهن حصن کي به شامل آهي جن جي سيد رضي چونڊ نه ڪئي آهي يا انجي اختيار ۾ نه هيا. ظاهري طور تي ڪجه مختصر قولن کان سواء سڀني جي سند هٿ ڪئي وئي آهي. اها ڳاله به اڻ چئي نه رهي ته علي عليه السلام جي ڪلام کي فقط سيد رضي گڏ نه ڪيو آهي بلڪه ٻين عالمن به انهي موضوع تي مختلف نالن سان ڪتاب لکيا آهن جن مان سڀني کان مشهور آمدي جو “غرر و درر” آهي.
    نهج البلاغه جون ٻه اهم خاصيتون
    قرآن مجيد کان پوءِ جيڪو ڪتاب سڀني کان مٿانهون آهي، اهو نهج البلاغه آهي. جنهن لاءِ چيو ويو آهي ته “دون ڪلام الخالق فوق ڪلام المخلوق”. نهج البلاغه ۽ قرآن مجيد کي ڀيٽي ڏسجي ته انهن ۾ ڪيتريون ئي مشترڪ ڳالهيون ملنديون جن مان اها پروڙ پوي ٿي ته ٻنهي جو سرچشمو هڪ آهي. هڪ الله جو ڪتاب ته ٻيو سندس ولي جو بيان آهي.
    انهن مشترڪ خصوصيتن مان به ٻه خاصيتون ٻين کان وڌيڪ ڌيان جوڳيون آهن. هڪ انهن جي جامعيت آهي، قرآن وانگر نهج البلاغه به هڪ جامع ۽ ڪامل ڪتاب آهي جنهن ۾ انساني زندگي جي تمام گهرجن، مسئلن، درد ۽ دوائن کي نهايت سٺي ۽ سهڻي نموني بيان ڪيو ويو آهي ۽ ائين ڇو جو نه هجي جڏهن ته پاڪ رسول پاڻ علي کي علم جي شهر جو دروازو ٻڌايو آهي. انا مدينه العلم و علي بابها.
    بلڪه علي عليه السلام جو ڪلام ايترو ته جامع ۽ ڪامل آهي جو ڪڏهن متضاد ڏسجي ٿو جئين ته جڏهن انسان، مولا جي زهد ۽ بيداري بابت چيل ڪلام ۾ سوچ ۽ ويچار ڪري ۽ وقتي طور تي اهو وساري ڇڏي ته هي ڳاله ڪرڻ وارو، خود هڪ عظيم اجتماعي شخصيت جو مالڪ هو جنهن جو حڪم هر جاء تي نافذ هو ۽ پنهنجي زماني جو ”مالڪ الرقاب“ دلين جو مالڪ هو، ته ان کي ڪو شڪ نه رهندو ته هي ان جو ڪلام آهي جيڪو زهد ۽ ڪنڊ ۾ ويهڻ کان سواء ڪا به شي نٿو سڃاڻي ۽ ان جو عبادت ۽ ذڪر کان سواء ڪو ٻيو ڪم نه آهي ان گهر جي ڪنڊ يا جبل جي ڪنهن غار کي اڪيلائپ لاء چونڊيو آهي ۽ پنهنجي آواز کان سواء ڪجه نٿو ٻڌي، هو پاڻ کان علاوه ڪنهن کي نٿو ڏسي، معاشري جي گوڙ گمسان ۽ هلچل کان بي خبر آهي.
    ڪنهن کي به يقين نه ايندو ته جيڪو ڪلام زهد جي باري ۾ ايترين ڇولين وارو آهي، اهو ان جو ڪلام آهي جيڪو جنگ جي ميدان ۾ دشمن جي لشڪر جي مرڪز تائين وڃي ٿو ۽ دشمن جو سر ڪٽڻ لاء تيار آهي، بهادرن کي رت ۾ رنگين ڪري ٿو پاڻ کان به رت وهيس ٿو ۽ ان با وجود اهو انسان پنهنجي زماني جو سڀني کان وڏو عابد ۽ زاهد آهي.
    سيد رضي ان وقت چوي ٿو: مان اها ڳاله ڪيترائي ڀيرا دوستن سان ڪئي آهي ۽ انهن کي اچرج ۾ وجهي ڇڏيو آهي.
    ٻئي اهم خصوصيت هي آهي ته نهج البلاغه، قرآن وانگر هميشه نئون ۽ تازو رهي ٿو. جڳ جو چرخو کيس پراڻو نٿو ڪري سگهي. اڄ به سندس پڙهڻ وارو ائين محسوس ڪندو ته امام علي اڄ ئي مسجد ڪوفي ۾ ويهي ڪري هي خطبا ارشاد فرمايا آهن. اڄوڪي دور بلڪه رهندي دنيا تائين معاشري جي مسئلن ۽ انهن جو حل ان ڪتاب منجھ موجود آهي جڏهن به سندس مطالعو ڪجي ته ڪيترائي ئي نوان هيرا موتي نصيب ٿيندا. ابن ابي الحديد معتزلي جو چوڻ آهي ته نهج البلاغه جو خطبو 221 مون پنجاھ سالن ۾ هزار کان وڌيڪ ڀيرا پڙهيو آهي ۽ هر ڀيري جڏهن به ان کي پڙهيو آهي ڊڄ، خوف ۽ وحشت مون کي وڪوڙي وئي آهي، منهنجي دل تي وڏو اثر ٿيو ۽ عضون ۾ ڏڪڻي پيدا ٿئي آهي. (شرح نهج البلاغه، ج11، ص153)
    نهج البلاغه جا مضمون
    جئين ته مٿي به عرض ڪيوسين ته نهج البلاغه هڪ جامع ۽ ڪامل ڪتاب آهي جنهن انساني ۾ سعادت جا سڀ مضمون بيان ڪيا ويا آهن البته انهن سڀني جو تفصيلي انگ اکر ڏيڻ اڻ هوندو نه به هجي ته نهايت جاکوڙ جوڳو ڪم آهي جيڪو هن حقير جي وس جي ڳالھ نه آهي. باقي مختلف عالم سڳورن نهج البلاغه جي موضوعن جي فهرست تيار ڪئي آهي جن مان استاد محمد دشتي جي فهرست ٻين کان وڌيڪ جامع آهي، ان پنهنجي فهرست ۾ نهج البلاغه جي ارڙنهن هزار ننڊن وڏن موضوعن جي نشاندهي ڪئي آهي. اسان هتي نهج البلاغه ۾ ذڪر ٿيل ڪجھ اهم علمن جي مختلف موضوعن ڏانهن اشارو ڪنداسين:
    عقائد جي حوالي سان الله، ملائڪ، حضرت آدم، ابليس، وحي، رسالت، نبوت، قرآن، سنت، قضا، قدر، علم غيب، روح، ازل و ابد، موت و حيات، قبر جو عذاب، برزخ، قيامت، صور، صراط، جنت، جهنم جهڙن اهم موضوعن جو بيان ٿيو آهي.
    احڪام جي حوالي سان نماز، روزو، حج صدقو، قرباني، نماز استسقا، حرام، حلال، وياج، ذخيره اندوزي، مال، حدود، چوري، شراب، ميراث، گواهي، هجرت، جادو جنگ وغيره جا مضمون ملن ٿا.
    افراد جي حوالي سان 167 ماڻهن جو ذڪو ٿيو آهي جن ۾ حضرت آدم، حضرت ابراهيم، حضرت محمد مصطفى، آل نبي، اسحاق، اسد الله، اسد الاحلاف، بني اسرائيل، اسماعيل، اشتر، اشعث، امرءُ القيس، ابو ايوب، حارث همداني، داود، ابوذر، سلمان وغيره قابل ذڪر آهن.
    جانورن جي حوالي سان 65 قسمن جي جانورن جو ذڪر ڪيو آهي جهڙوڪ: اٺ، شينهن، مڇر، نانگ، مور، چمڙو، ڪانوَ، هاٿي، ڪتو، ڪول وغيره.
    20 قسمن جا نباتات، 12 قسمن جا ستاره ۽ افلاڪ، 15 قسمن جا معدنيات ۽ 43 جاين جا نالا به نهج البلاغه ۾ آيا آهن. ان سان گڏوگڏ 111 آيتون، 38 حديثون ۽ 12 دعائون ڏانهن به اشارو ٿيو آهي. (نهج البلاغه، اردو ترجمه، سيد ذيشان حيدر، ص14)
    نهج البلاغه بابت مختلف دانشورن جا تاثرات
    نهج البلاغه ڪنهن جي به تعارف جو محتاج نه آهي پر پوءِ به جيڪڏهن ان بابت مختلف برک دانشرون ۽ هاڪاري عالمن جي تاثرات کي ڏسجي ته سندس عظمت چٽي ڏينهن وانگر عيان ٿي وڃي ٿي.
    نهج البلاغه جي سهيندڙ سيد رضي جو ان بابت چوڻ آهي: كان أميرُ المُؤمِنِينَ (عليه السلام) مشرَعُ الفَصاحَةِ وَ مَورِدُهَا... وَ عَنهُ أخذَت قَوانِينُهَا وَ عَلَى أمثِلَتِه حَذا كِلَ قائل خَطِيب وَ بِكَلامِه اِستَعَانَ كُلُّ وَاعِظِ بَلِيغِ وَ مَع ذَلِكَ فَقَد سَبَقَ وَ قَصرُوا وَ تَقَدَّمَ وَ تَأخَّرُوا لِأَنَّ كَلامَهُ (عليه السلام) اَلكَلامُ الَّذِي عَلَيهِ مسحَةٌ مِنَ العِلمِ الإلهي وَ فِيهِ عبقَةٌ مِنَ الكَلامِ النَّبَوِي، امير المومنين فصاحت جي پيڙه ۽ سي چشمو آهن جنهن جا قاعدا ان کان ورتا ويا آهن هر ڳالهائڻ وارو خطيب سندس پيروي ڪري ٿو ۽ هر نصيحت ڪندڙ ان کان مدد ورتي آهي ان جي باوجود ان تائين نه پهتا ۽ پٺ تي رهجي ويا ڇو جو ان جي ڪلام تي خدا جي علم جو سايو آهي ۽ نبي جي ڪلام جي خوشبو آهي.
    مرحوم محمد عبده مصر جو اڳوڻو مفتي انهن ماڻهن منجهان آهي جنهن کي وطن کان دوري ۽ اتفاق نهج البلاغه سان سڃاڻپ ڪرائي ٿو۽ اها سڃاڻپ عشق جو سبب بڻجي ٿي ۽ عشق ان مقدس ڪتاب جي سمجهاڻي ۽ نوجوان عرب نسل تائين ان جي پيغام پهچائڻ جو ڪارڻ ٿئي ٿو.
    هو پنهنجي شرح جي مقدمي ۾ لکي ٿو: تمام عربي زبان ڄاڻيندڙن ۾ ڪو به هڪ ماڻهو اهڙو نه آهي جنهن جو اهو يقين نه هجي ته قرآن ۽ رسول پاڪ جي ڪلام کان پوء علي عليه السلام جو ڪلام سڀني کان ڀلو ۽ جامع آهي.
    ميخائيل نعيمه جيڪو اڄوڪي دور جو عيسائي لبناني ليکڪ آهي، جرج جورداق جي ڪتاب “الامام علي عليه السلام” جي مقدمي ۾ لکي ٿو: علي عليه السلام فقط جنگ جي ميدان جا فاتح نه هئا بلڪه هر ميدان جا فاتح آهن. دل جي سچائي، ضمير جي پاڪائي، بيان جي جذابيت، واقعي انسانيت، ايمان جي حرارت، عاليشان خاموشي، مظلومن جي مدد، حقيقت کي تسليم ڪرڻ، جنهن شي کي به ڏسو هو ان جو فاتح آهي.
    اسان جي دور جو مشهور اديب ۽ قلم ڪار “طه حسين” پنهنجي ڪتاب “علي عليه السلام و بنوه” ۾ هڪ اهڙي ماڻهو جي داستان نقل ڪري ٿو جيڪو جنگ جمل جي واقعي ۾ شڪ ۽ ترديد ۾ مبتلا ٿئي ٿو ۽ پاڻ کي چوي ٿو طلحه ۽ زبير جهڙا ماڻهون ڪيئن غلطي ڪري سگهن ٿا؟ علي عليه السلام فرمائين ٿا:اِنَّکَ لَمَلبُوسٌ عَلَيکَ.اِنَّ الحَقَّ وَ البَاطِلَ لا يُعرَفَانِ بِاَقدَارِ الرِّجالِ، اِعرِفِ الحَقَّ تَعرِفُ اَهلَهُ وَ اعرِفِ البَاطِلَ تَعرِفُ اَهلَهُ
    تون غلطي ڪري رهيو آهين، چو جو ماڻهن جي عظمت ۽ حقارت کي حق ۽ باطل جي معيار تي پرکڻ جي جاء تي حق ۽ باطل کي ان معيار تي تورين ٿو جيڪو تو پهريان کان ئي شخصيتن لاء ٺاهي رکيو آهي. تون حق کي ماڻهن جي معيار تي تورڻ چاهين ٿو نه ائين نه ڪر ، بلڪه پهريان حق کي سڃاڻ پوء تو کي حق وارن جي خبر پئجي ويندي، باطل کي سڃاڻ پوء اهل باطل کي سڄاڻي وٺندين ۽ ان وقت تون ان ڳاله کي اهميت نه ڏيندين ته حق جوطرفدار ڪير آهي ۽ باطل جي پٺڀرائي ڪير ڪري رهيو آهي؟ ان شخصيت جي غلطي تي اچرج ۾ نه پئجي ويندين.
    طه حسين اهي جملا نقل ڪرڻ بعد چوي ٿو: مان خدا جي ڪلام ۽ وحي کان پوء ان جواب کان ڀلو جواب يا سٺو ڪلام نه ڏٺو آهي ۽ نه خبر اٿم.
    نهج البلاغه جون شرحون
    نهج البلاغه جي ڪشش ۽ تاثير کي ڏسندي سندس وجود ۾ اچڻ سان مٿس شرحون لکڻ جو سلسلو شروع ٿي چڪو هو، خود سيد رضي جي دور ۾ مختلف شرحون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون تنهن کان پوءِ ته اهو سلسلو وڏو طولاني ٿيندو ويو. نهج البلاغه جي ترجمن ۽ شرحن بابت مختلف مصنفن پنهنجي وس آهر تحقيق ڪري انگ اکر گڏ ڪيا آهن. البته اها ڳالھ لڪيل نه رهي ته قرآن جي تفسير وانگر نهج البلاغه جي شرح ۽ تفسير ڪندڙن به ان جي پنهنجي ذوق ۽ فن مطابق تفسير ڪئي آهي ڪنهن ادبي رخ کي چٽي ڪرڻ جو جاکوڙ ڪئي آهي ته ڪنهن جو ڌيان فلسفي مسئلن ڏانهن آهي ته ڪي وري تربيتي ۽ اجتماعي حوالي سان نهج البلاغه جي ڇنڊڇاڻ ڪن ٿا.
    ڪتاب “مصادر نهج البلاغه” ۾ هڪ سو ڏهن تفسيرن ۽ شرحن جا نالا ڏنا ويا آهن جڏهن ته “المعجم المفهرس لالفاظ نهج البلاغه، جي مصنف ٽي سو ستر تفسيرن ۽ ترجمن جو ذڪر ڪيو آهي. ڪتابن ۽ تاريخي اثرن تي تحقيقي ڪم ڪندڙ برک ۽ بلند پايه عالم مرحوم محدث تهراني شيعه عالمن طرفان نهج البلاغه بابت لکيل شرحن جو انگ 140 جڏهن ته اهل سنت عالمن طرفان لکيل شرحن جو تعداد 16 ٻڌايو آهي جن مان سڀني کان قديم شرح فخر رازي جي آهي جنهن جي وفات 606 هجري ۾ ٿي.( پيام امام، آيت الله مڪارم شيرازي، ج1، ص60)
    مشهور شرحن منجهان سيد هبه الدين جي شرح منهاج البراعه، ابن ابي الحديد معتزلي جي شرح، ابن ميثم بحراني جي شرح، مرزا حبيب الله موسوي خوئي جي شرح، شيط محمد عبده جي شرح، قابل ذڪر آهن.
    جيتوڻيڪ عالم سڳورن امام علي عليه السلام جي مطلب ۽ مراد کي روشن ڪرڻ لاءِ وڏي جاکوڙ ڪئي آهي پر پوءِ به حقيقت هي آهي ته نهج البلاغه اڄ به مظلوم آهي، اڄ به مٿس گهڻي تحقيق ۽ علمي ڪم جي سخت ضرورت آهي، نهج البلاغه اڃان تائين اسان کان ڪوهين ڏور ۽ مٿي آهي.
    سوچ ويچار جي دعوت
    آخر ۾ امام علي عليه السلام جي حبدارن کي سوچ ويچار جي دعوت عرض رکندي اهو ڇوڻو ٿي پوي ته اسان شيعن کي هي اعتراف ڪرڻ گهرجي ته اسان مولا علي عليه السلام ۽ سندس نهج البلاغه جي باري ۾ ڪوتاهي ۽ ظلم ڪيو آهي. جنهن جي پيروي ڪرڻ تي فخر ڪريون ٿا، اصولي طور تي اسان جي ڪوتاهي هڪ قسم جو ظلم آهي اسان علي عليه السلام کي يا ته سڃاتو نه آهي يا سڃاڻڻ نٿا چاهيون. اسان جي وڌ ۾ وڌ ڪوشش رسول اڪرم جي ان حديثن جي باري ۾ آهي جيڪي علي عليه السلام جي باري ۾ آهن ۽ جيڪي ان حديثن تي ڪن نٿا ڌرن انهن کي گهٽ وڌ ڳالهائڻ آهي، خود علي عليه السلام جي باري ۾ نه آهي. اسان ان ڳاله کان بي خبر آهيون ته اها مشڪ جنهنجو خدائي عطار (رسول اڪرم) تعارف ڪرائيندڙ هجي پنهنجي دل موهيدڙ خوشبو رکي ٿي، سڀني کان وڌيڪ اهو لازمي آهي ته پنهنجي حواس کي ان خوشبو سان معطر ڪريون، خدائي عطار جو تعارف ان لاء هو ته جيئن ماڻهو ان بهترين خوشبو جي ڄاڻ حاصل ڪن. ان ڪري نه هو ته صرف ان جي چوڻ کي ڪافي سمجهن ۽ پنهنجو سڄو وقت ان جي تعارف ۾ خرچ ڪن پر ان جي معرفت حاصل نه ڪن.( سيري در نهج البلاغه، شهيد مرتضي مطهري، ص)
    جيڪڏهن نهج البلاغه ٻين وٽ هجي ها ڇا اهي به ائين ڪن ها؟!!!
    بهرحال اسان جي ڪوشش آهي ته ان عظيم خزاني جي روشني ۾ پنهنجي مسئلن جو حل ڳولجي، نهج البلاغه کي پنهنجو حقيقي درجو ڏجي، ان بنياد تي جيڪڏهن زندگي ساٿ ڏنو ۽ توفيق رهي ته هر رسالي ۾ نهج البلاغه جي روشني ۾ ڪنهن موضوع تي ڪجھ لکبو. آخر ۾ دعا آهي ته الله سائين اسان کي پاڪ ۽ معصوم امامن جي ولايت جي سهي معرفت عطا ڪري ۽ انهن جو قدردان بڻائي.

    [1] . مقدمه عبده بر شرح نهج البلاغه، ص:9
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو