• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

وفائن کي چئو هاڻي اسان جي موڪلاڻي آ

غزل

وفائن کي چئو هاڻي اسان جي موڪلاڻي آ
بره بي چين ڪيو ڏاڍو محبت ڪين ماڻي آ
محبت ماندڪائي آ چاهت ٿي چري هردم
سڳو سوريندي سڪ سهڻاحياتي ٿي ساڻي آ
جفائن سان ڪندي جهيڙا هيڻا حال ٿي پيا هن
تڪي راهو ن ٿڪا آهيون نه ٿيو تون ته ساڻي آ
هتي آ مينهن وسڪارو هتي برسن اکيون آليون
ٿڌا شوڪاراشامل هن محفل جي پڄاڻي آ
وره جي رات ڪاري ۾ اندر کي تات تنهنجي آ
اڀري هو وهائو پيو سڏڪن جي وراڻي آ
ستارن کي ڪري هڪ هڪ ڳڻيو سين يار ڳڻتين ۾
وئي هي رات پوري ٿي خبر ڪا ڪين ڄاڻي آ

......رسول بخش دائودپوٽه
 
Back
Top