• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

تعليم جو وري مان انقلاب ٿو گھران

محمد اسلم عباسي

سينيئر رڪن
تعليم جو وري مان انقلاب ٿو گھران
غني غمدل

تعليم جو وري مان انقلاب ٿو گھران
شاد هجي ديس اهو خواب ٿو گھران
ڀيڻ پڙهي ڀاء پڙهي ديس پڙهي
هن ديس مان پوکڻ گلاڀ ٿو گھران
استاد ڪري محنت جي پنهنجي وطن ۾
استاد کان سوال جو جواب ٿو گھران
جي امن گھرو ٿا ته سڀئي ٻار پڙهايو
ٻار پڙهن اهڙو مان ثواب ٿو گھران
استاد ئي هن ديس جو مان ساه ٿو چوان
غريب جو به ٻار ٿيڻ نواب ٿو گھران
ڇا لاء ٿئي ڪارو ڪاري ماڻهو مرن ڇو
ظلم جو مان بند ڪرڻ باب ٿو گھران
ڳاء غمدل ديس ۾ تعليمي ترانو
تعليم جو مان ديس ۾ سيلاب ٿو گھران​
 
Back
Top