سائين جئين ته مان ڪراچي آيل آهيان، اُتي مان ويب ڊزائينگ سکڻ آيو آهيان سو اُتي ڪجھ ٻيا به ڇوڪرا آهن، ان ڪري اسان سنڌي ٻولي جي ڳالھ پيا ڪيون ته سنڌي ٻولي انٽرنيٽ تي جام ٿي وئي آهي! پوءِ اُتي ڇوڪري چيو ته يار سنڌ سلامت ويب سائيٽ نيٽ تي ڏاڍو ڀلو ڪم ڪيو آهي مان چيم ته هن کي وزٽ ڪري ڏسبو پوءِ جڏهن مان ڏٺم ته واھ يار سنڌي ويب سائيٽ اڪاؤنٽ به ڏئي پئي ۽ سچ چوان ٿو ته مان جتي به سنڌي ٻولي ڪنهن ويب سائيٽ تي ڏسندو آهيان ته چوندو آهيان اهڙيون سنڌي ويب سائيٽس ته انقلاب آڻينديون بس خدا توهان کي وڌيڪ توفيق ڏئي آمين
ڀاءُ اوهان کي سنڌ سلامت تي ڀليڪار ڪجي ٿي. اوهان ويب ڊزائئنگ پيا سِکو ۽ اسان دعاگو آهيان ته اوهان ان ۾ ماهر ٿيو. ساڳي وقت اها گذارش ته سنڌ سلامت جي پارت اٿو ۽ گهڻو ڪجهه سکي وٺو ته هتي به سيکارڻ جو عمل جاري رکجو ۽ ٻولي جي خدمت ۾ اسان جو ساٿ ڏجو. سدا سلامت هجو.