سنڌ جو هڪ وڏو ماڻهون سائين جي ايم سيد عالم اديب ٫سياستدان ۽ وڏو ماڻهون } سائين جي ايم سيد هي جو پوڙهو جهور، وڙهندي ٿيو ويڙ ۾ اڃا ڏمر ڏاڍ تــــــي آڻ نه مـــڃي مــــــور سوچي ڏسي ڏور ، آڏو آرڻ ڏينهڙا (اياز) سنڌ جي سائين سنڌ جي سيد سائين جي ايم سيد تي لکڻ لاء علم دانائي ۽ وڏو دماغ گهرجي، جيڪو مون جهڙي منڊي ماڪوڙي وٽ ڪونهي، ، سيد تي لکڻ لاء وڏو وقت گهرجي، ڇاڪاڻ ته سائين جي زندگي جا ايترا ته پهلو آهن جو هر هڪ پهلو ته هڪ وڏو ڪتاب لکجي سگهجي ٿو، ۽ هر هڪ پهلو تي ڊاڪٽريٽ ڪري سگهجي ٿي، ۽ اميد آهي ته ڪي سنڌ جا اهڙا نوجوان پيدا ٿيندا جيڪي سائين جي زندگي جي هر پهلو تي ڊاڪٽريٽ ڪندا، سائين سنڌ جي گهمندڙ ڦرندڙ ثقافت ۽ تاريخ هئا، ان سان گڏ وڏا ليکڪ ۽ دانشور ۽ وڏا عالم ۽ وڏي ضرف وارا وڏا ماڻهون هئا، بقول منهنجي دوست جناب حافظ خليل صاحب ته سائين عربي، فارسي جي گرامر صرف و نحو جا وڏا ڄاڻو ۽ ماهر هئا، عربي گرامر توڙي قرآن جي علم تي کين وڏو عبور هو، جڏهن شاه سائين جا بيت يا وري مولانه جلالالدين رومي جي مثنوي ۽ حافظ شيرازي جي شاعري پڙهي ڪري انهن جي معني ۽ تشريح ڪندا هئا ته مٿن هڪ عجيب ڪيفيت طاري ٿئي ويندي هئن. ۽ پاڻ به روئڻ ۾ پئجي ويندا هئا ۽ اتي ويٺلن کي به روئاري ڇڏيندا هئا. سائين جو مختصر احوال سائين جو خانداني احوال ــــ سائيم جي ايم سيد صاحب مٽياري سيدن جي خاندان سان تعلق رکن ٿا، سندن وڏڙن مان سيد حيدر نالي هڪ شخص امير تيمور جي هندستان اچڻ وقت 801 هجري ۾ پنهنجي والد سيد امير علي سان هرات کان ملتان تائين آيو ۽ پوء سير سفر جي رستي انهن کان ڇڄي سنڌ جي شهر هالن ڀرسان هڪ ڳوٺ ۾ اچي رهيو ۽هتي ارباب شاه محمد وٽان شادي ڪيائين، ،۽ سندس اولاد پهرين هالن ۾ رهندو هو پر ڪجهه وقت کانپوء مٽيارن ۾ اچي رهڻ لڳو، جتي سندس اولاد چئن پاڙن ۾ ورهائجي ويو، (1) جرار پوٽا (2) موسه پوٽا (3) باقيل پوٽا (4) ميان پوٽا. پوئين پاڙي مان سيد سخي ابراهيم شاه جو فرزند سيد بدرالدين ڄام نظامالدين جي حڪومت ۾ لڪيء کان موجوده ڪوٽڙيء جي حصي واري ملڪ مان هڪ سرڪش چانگ قبيلي جي سرڪشي ٽوڙڻ ۾مدد ڏيڻ جي عيوض مليل جاگير جي سنڀال لاء سن جي ڳوٺ ۾ 9 صدي هجريء جي آخر ۾ رهڻ لڳو. ۽ ان کي ست پٽ ٿيا، (1) سيد معروف شاه (2) موج شاه (3) سيد ڌڻي شاه (4)سيد حاجي شاه (5)سيد داد شاه (6)سيد جهنڊو شاه (7) سيد جيو شاه (ضياء الدين شاه ) جيو شاه صاحب کي وري ٻه پٽ ٿيا، (1) سيد جرارشاه (2) سيد حيدر شاه ۽ سائين سيد حيدر شاه جي پيڙهي مان آهن. سائين جو والد صاحب ــــــ سائين جي والد صاحب جو نالو ـــ سيد ميان محمد شاه هو جنهن کي پهرين نومبر 1905ع ۾(جنهن وقت سائين اڃان مس هڪ سال جو هو) رمضان شريف جي ٽئين رات جو جامع مسجد سن ڏانهن ويندي رستي تي خانداني اختلافن جي عيوض قتل ڪيو ويو هو. سيد جو پورو نالو ــــ سيد غلام مرتضه شاه سنائي سائين جي پيدائش ــــ 17 جنوري 1904ع ۾ سن شهر ۾ سائين جي پيدائش ٿي، تعليم ــــ محترم سائين جي ايم سيد صاحب شروعاتي تعليم ماستر جان محمد عباسي صاحب کان حاصل ڪئي. جيڪو اصل ٻورڙي تعلقي ڪڪڙ ضلعي دادو جو هو. ۽ 1909ع ڌاري سن ۾ استاد ٿئي آيو هو. تنهن کانپوء ماستر حامد علي ميمڻ ولد مولوي ميان عبدالله ميمڻ کان ڪجهه انگريزي پڙهيو، هي صاحب 5 جنوري 1918ع ڌاري سن پهتو هو ۽ سيد صاحب وٽس ڏيڍ سال تائين انگريزي پڙهيو، هي صاحب اصل هالن جو رهاڪو هو، ياد رهي ته سيد صاحب باقائده ڪنهن اسڪول يا مدرسي مان سند يافته نه آهن مگر ان جي باوجود سيد صاحب هڪ ئي وقت سنڌي، علم ادب جا، يگانه عالم ۽ اديب هئا، پر ان سان گڏ اردو ، انگريزي فارسي ۽ عربي جا وڏا ڄاڻون ۽ ليکڪ هئا، ۽ سيد صاحب سنڌي ادب تاريخ، ثقافت ۽ مذهب تي تمام وڏا ڪتاب لکيا آهن جنهن جو ذڪر اڳتي ايندو انشاءالله. سائين جا ڀائر ـــ سائين جو هڪ ڀاء هو جنهن جو نالو احمد شاه هو جيڪو ننڍپڻ ۾ ئي وفات ڪري ويو هو. شادي ـــ سيد صاحب جي شادي پنهنجي خاندان مان 20اپريل 1910ع ۾ جناب سيد مير حسن ولد حاجي نور شاه ڀاڻوٺيء جي نياڻي بيبي مريم سان ڀاڻوٺ جي ڳوٺ ۾ ٿي. مذاج ــــ سائين هڪ صوفي ۽ عاشق مذاج شخص هو کيس مٺو آواز، سهڻيون شيون، سهڻا ماڻهون تمام گهڻا وڻندا هئا. سيد صاحب هڪ حساس دل ۽ آزاد خيال جا مالڪ هئا، ۽ هر ڪنهن کي آزاد ڏسڻ چاهيندا هئا، سنڌ سنڌي عوام ۽ سنڌي ثقافت جا ته عاشق هئا، سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي محبت ته سندن رڳ رڳ م شامل هئي، سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي محبت ۾ عمر تڪليف ۾ گذاري ڇڏيائون، مگر سنڌ جي خلاف هڪ لفط به بردائش نه ڪيائون. عشق محبت ـــ سائين جڏهن تعليم جا وزير هوا ان وقت هندستان جي هڪ عورت سيد صاحب سان محبت ڪرڻ لڳي هئي، جنهن جو ذڪر سائين پنهنجي ڪتاب ديارِ دل ۽ داستان محبت ۾ تفصيل سان ڪيو آهي، ۽ ان ڪتاب ۾ انهيِء عشق محبت جي قصي وارا خط پڻ ڏنا آهن، ذاتي زندگي ۽ مذهبي اثرات ــــ سيد صاحب ذاتي زندگي ۾ هڪ انتهائي شريف ، سچو، پرهيزگار، ۽ عبادت گذار شخص هو، شروعاتي زندگي ۾ ته نماز، روزي جو پڻ پابند، هو ۽ تهجد گذار هو. مگر پوء ڪنهن جي صحبت ۾ مذهب کان بيزاري ڏيکاريائين ، مگر تقريبن 12،13 سال پهرين مون هن رسالي ۾ سندس نياڻي محترمه ڊاڪٽر درشهوار سيد جي لکيل الفاظ ڏٺا هئا، جنهن ۾ هن اهيو چيو هو ته بابا عمر جي آخر ۾ وري نماز پڙهڻ شروع ڪئي هئي. ۽ بابا چوندو هو ته نماز ۾ مون کي سڪون ٿو ملي. سيد صاحب جي لکيل ڪجهه ڪتابن جا نالا (1) پنهنجي ڪهاڻي پنهنجي زباني ــــــ هن ڪتاب ۾ سيد صاحب پنهنجي آتم ڪهاڻي لکي آهي مگر اها ڪهاڻي مڪمل ناهي. (2) جنب گذاريم جن سين ــــ هن ڪتاب ۾ سيد صاحب پنهنجي هم عصر سياستدانن، عالمن، اديبن ويجهن زميدارن، ۽ پنهنجي دوستن جو تفصيلي ذڪر ڪيو آهي. تمام معلوماتي ۽ تاريخي ڪتاب آهي، اگر اهيو ڪتاب توهان نيٽ تي پڙهڻ چاهيو ته ان لاء پڻ هيٺ هڪ لنڪ ڏيان ٿو، توهان اتان اهيو ڪتاب پڙهي سگهو ٿا۔ (3) سنڌ جا سورما ـــــ هن ڪتاب ۾ سيد صاحب سنڌ جي بهادر سورمن جو ذڪر ڪيو آهي، جنهن جي لنڪ پڻ مون هيٺ ڏني آهي ۽ توهان اتان پڙهي سگهو تا، (4)سنڌي ڪلچر ــــ هن ڪتاب ۾ سيد صاحب سنڌ جي رهڻي ڪهڻي طور طريقن ۽ رسمن جو ذڪر ڪيو آهي، جنهنجي پڻ لنڪ هيٺ ڏنل آهي. (5) ون يونٽ جي ڪهاڻي ــــ ايوب دور ۾ سنڌ جو نالو ختم ڪري ون يونٽ قائم ڪيو ويو هو ، هن لتاب ۾ ان ون يونٽ جو ذڪر آهي. (6) خطبات سيد ــــ هن ۾ سيد صاحب جون تقريرون ڏنل آهن. (7) پيغام لطيف ــــ هن ڪتاب ۾ سيد صاحب شاه صاحب جي شاعري جي روشني ۾ حبالوطني جو ذڪر ڪيو آهي، جنهن جي لنڪ پڻ هيٺ ڏنل آهي توهان لنڪ ڪلڪ ڪري اهو ڪتاب پڙهي سگهو ٿا. (8) ديارِدل ۽ داستان محبت ــــ هن ڪتاب ۾ سيد صاحب پنهنجي محبت جا قصا ۽ ڪهاڻيون لکيون آهن سيد صاحب جي بقول ته ٽن عورتن سان محبت جا قصا ٿيا، ۽ انهن جو ذڪر به هن ڪتاب ۾ موجود آهي، ۽ ان کان علاوه هن ڪتاب ۾ اهي محبت وارا خط پڻ ڏنا ويا آهن، ۽ تمام سهڻي نموني سان هن ڪتاب کي لکيو ويو آهي، محبت جو داستان لڱندي لکندي سيد صاحب شاه سائين جا شعر،۽ بيت اهڙا ته فٽ ڪيا آهن جو پڙهندين پڙهندي پڙهندڙ جي ڪيفيت به عجيب ٿئو وڃي، توهان کي ڪڏهن موقعو مليو ته اهيو ڪتاب ضرور پڙهجو. (09) سنڌ جي بمبئيء کان آزادي ـــ 1936ع ڌاري سنڌ کي آزاد ڪيو ويو، ۽ ان آزادي جو ذڪر سيد صاحب هن ڪتاب ۾ ڪيو آهي. (10)نئين سنڌ لاء جدوجهد ــ......................................... (11)سنڌوء جي ساڃاه ـــ ٻن جلدن ــــ .............................. (12) موجوده سياسي مسئلا ـــــ ........................................ (13) سنڌو ديش ڇو ۽ ڇالاء ؟ ـــ ....................................... (14) جديد سياست جا نورتن ــــــ ...................................... (14) چونڊ سياسي مضمون ـــــ ......................................... (15) ههڙا هاڃا ٿين ـــــ........................................................ (16) تحريرون ـــــ..................................................................... (17) ساهڙ جا سينگار ــ هن ڪتاب ۾ سنڌ جي ماياناز عالم اديب جناب سائين علامه آء آء قاضي صاحب جن جا خط سهيڙيل آهن. (18) خط۽ مضمون ـــ هن ڪتاب ۾ سنڌ جي عالم ، اديب، ۽ سياستدان جناب علي محمد راشدي صاحب جن جا خط سهيڙيل آهن (19) سنڌ ڳالهائي ٿي ــــ محترم جناب سيد صاحب جن پنهنجا عدالتي بيان هڪ هنڌ گڏ ڪري هي ڪتاب ترتيب ڏنو آهي، هي ڪتاب پڻ پڙهڻ وٽان آهي. (20) جيئن ڏ ٺو آه مون ـــ هي ڪتاب مذهبن تي بلڪه خاص اسلام تي تنقيد ٿيل آهي، هن ڪتاب ۾ سيد صاحب مذهب اسلام تي بردائش نه ڪرڻ وارا الزام لڳايا آهن ۽ هن ڪتاب جي ڪري مذهبي حلقن ۾ پڻ سيد جي سخت مخالفت ٿي، پر هڪ عام مسلمان به سيد کان منهن موڙيو، ۽ بقول حافظ خليل صاحب ته سائين جي ايم سيد صاحب هڪ ڏينهن اهيو خود مڃيو هو ته هن ڪتاب منهنجي سياسي ڪردار کي وڏو ڌڪ هنيو آهي، ۽ هن عمر ۾ اهيا منهنجي وڏي غلطي آهي. (21) واڄٽ ويراڳين جا ـــ هن ڪتاب ۾ سائين جي ايم سيد ۽ محمد امين کوسي جا لکيل خط سهيڙيل آهن، هن ڪتاب کي محترم جناب عبدالواحد آريسر صاحب جن ترتيب ڏنو آهي. (22) شاه جون ڪافيون ـــ ..................................................... (23)چونڊ ادبي مضمون ـــ............................................................ سيد صاحب جا اهم ڪارنامه ۽ تاريخي ڳالهيون چوڏهن سالن جي ننڍڙي ڄمار ۾ سائينءَ پنهنجي عملي زندگيءَ جي شروعات ڪئي ... کيس 1919ع ۾ پنهنجي تعلقي جي اسڪولن جي بورڊ جو چئرمين منتخب ڪيو ويو ... 1929ع ۾ ڪراچي ضلع جي لوڪل بورڊ جو ڄونڊيو ويو۔ 1930ع ۾ ، سنڌ هاري ڪاميٽي سيڪريٽري چونڊيو ويو 1937ع ۾ سنڌ بمبئي کان الڳ ٿي ته سنڌ ۾ اليڪشن ٿي ۽ ان اليڪن ۾ سائين جي ايم سيد صاحب پهريون دفعو سنڌ اسيمبلي جو ميمبر چونڊجي آيو ... 1938ع ۾ آل انڊيا مسلم ليگ ۾ شموليت اختيار ڪيائين۔ 1940ع ۾ سنڌ جي تعليم جو وزير مقرر ٿيو ۽ سنڌ يونيورسٽي ۽ سنڌي ادبي بورڊ جي قيام لاء اپاء ورتا ويا۔ 1941ع ۾ مسلم ليگ جي مرڪزي ڪاميٽي جو ميمبر چونڊيو ويو ... 1943ع سنڌ مسلم ليگ جو صدر منتخب ٿيو ... 1944ع ۾ قرداد پاڪستان جي قرارداد پاس ڪرايائين پر پوء پوري زندگي انهيء ملڪ جي مخالفت ڪيائين ۽ پوري زندگي دنيا ڇڏڻ تائين مخالفت جي ڪري تڪليفون ڪاٽيندو رهيو۔ 1946ع ۾ مسلم ليگ سان اختلافن جي شروعات ٿي، جنهنجي نتيجي ۾ هڪ الڳ پارٽي ” پروگريسو مسلم ليگ“ جي نالي سان بنياد رکيو ويو ... ساڳي سال سائين جي ايم کي سنڌ اسيمبلي جي گڏيل پارٽين جو اڳواڻ مقرر ڪيو ويو 1954ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ جي چئرمين جا چيئرمين ٿيا، ۽ سنڌي ٻولي ۽ لغت تي ڪم جي شروعات ٿي۔ 1955ع ۾ پاڪستان نيشنل پارٽي ٺاهڻ ۾ انتهائي اهم ڪردار ادا ڪيو ... 1966ع ۾ ”بزم صوفياء سنڌ “ جو بنياد وڌائين 1969ع ۾ ” سنڌ يونائيٽيڊ فرنٽ“ جو بنياد رکيائين سائين محترم جي ايم ” سنڌ عوامي آواز“ پارٽيءَ جو بنياد 1906ع ۾ سندس زمين محترم مرزا قليچ بيگ ( جيڪو ان وقت ڊپٽي ڪليڪٽر هو ) جي ڪوشش سان ڪورٽ آف وارڊس جي سنڀال هيٺ آئي۔ ڇاڪاڻ جو سيد صحب ننڍو هو ۽ سندس خاندان ۾ ٻيو ڪو مرد ماڻهون ڪو نه هو جيڪو زمينون سنڀالي۔ 1921ع ۾ مهاتما گنڌي سان ملاقت ٿي ۽ ان ملاقات کان پوء سيد صاحب کاڌي جا ڪپڙا پائڻ شروع ڪيا۔ 1924ع ۾ سيد صاحب مٽياري سادات جي ڪانفرنس ڪوٺائي جنهن ۾ تقريبن 300 ماڻهون شريڪ ٿيا۔ 1924ع ڌاري مشهور مسجد لڪي جي مسجد جو ڪم ڪرايو 1919ع ۾ سيد صاحب کي ماتا جي بيماري ٿئي جنهن ڪري کيس ٻه مهينا بستري تي رهڻو پيو۔ سنڌ سلامت جا ساٿيو هت مان سائين جي ڪتابن جون ڪجهه لنڪون ، سائين جون ڪجهه تصويرون ۽ وڊيوز پيش ڪريان ٿو، اميد ته پسند اينديون. نوٽ توهان هيٺ ڏنل لنڪ ڪلڪ ڪري ڪتاب ۽ مضمون پڙهي سگهو ٿا۔ سائين جي ۽ سائين تي لکيل ڪجهه ڪتابن جون لنڪون سائين جي زندگي، سياست ۽ شخصيت ( باء نياز سنائي ) http://www.sindhiana.com/sindhi_books/naz_sanai/naz_sanai.htm سائين جا آخري پنج مهينا ( باء سهيل ميمڻ ) http://www.sindhiana.com/sindhi_books/suhail_memon/last_five_month_suhail_memon.htm جي ايم سيد سان ڪچهريون (باء ڊاڪٽر اديب انقلابي http://www.sindhiana.com/sindhi_books/dr_adeeb_inqlabi/dr_adeeb_inqlabi.htm سنڌ جا سورمه ( باء جي ايم سيد) http://www.sindhiana.com/sindhi_books/heroes/heroes.htm سنڌي ڪلچر http://www.sindhiana.com/sindhi_books/sindhi_culture/sindhi_culture.htm سنڌ جي آزادي ( باء جي ايم سيد) http://www.sindhiana.com/sindhi_books/sain_g_m_syed_sindh_freedom/sain_g_m_syed_sindh_freedom.htm The Case of Sindh(انگريزي باء جي ايم سيد ) http://www.sindhudesh.com/gmsyed/case/saeen-book1.htm سائين جا انٽرويو http://www.sindhiana.com/sindhi_books/g_m_syed/aa.htm http://www.sindhiana.com/sindhi_books/g_m_syed/bb.htm http://www.sindhiana.com/sindhi_books/g_m_syed/cc.htm http://www.sindhiana.com/sindhi_books/g_m_syed/dd.htm http://www.sindhiana.com/sindhi_books/g_m_syed/ee.htm http://www.sindhiana.com/sindhi_books/g_m_syed/ff.htm http://www.sindhiana.com/sindhi_books/g_m_syed/gg.htm http://www.sindhiana.com/sindhi_books/g_m_syed/hh.htm http://www.sindhiana.com/sindhi_books/g_m_syed/hh.htm http://www.sindhiana.com/sindhi_books/g_m_syed/ii.htm جنب گذاريم جن سين ڪتاب لاء لنڪ http://www.sindhiadabiboard.org/Catalogue/Personalties/Main_Personalities.HTML سائين جي فوٽو گيلري http://www.sindhiana.com/sindhi_books/suhail_memon/sain_g_m_syed_pic.htm سنڌ جو هڪ وڏو ماڻهون هڪ رپورٽ http://www.youtube.com/watch?v=NdSQL2S0T1o http://www.youtube.com/watch?v=BOCN...9728346B&playnext_from=PL&playnext=1&index=28 سائين جو پنهنجو آواز هڪ وڊيو http://www.youtube.com/watch?v=eILrPFYL1W8 سائين جو آخري سفر هڪ وڊيو http://www.youtube.com/watch?v=_yuL_-PmzMc&feature=related سائين جي 105 سالگره جي وڊيو رپورٽ http://www.youtube.com/watch?v=tg_Gd6mh9dM سائين سان ۽ سنڌ سان هڪ وچن http://www.youtube.com/watch?v=qI8QxFGLMV0&feature=related http://www.youtube.com/watch?v=4zE0FEEvFlU
جواب: عالم اديب ٫سياستدان ۽ وڏو ماڻهون ادا ممتاز، سائين جي ايم جي آخري ڌاڳي ۾ ڦوٽو نمبر 2 ۾ ڏسو ته سائينءَ جو مڪو ۽ ڏند ٻئي ڀيڪوڙيل آهن، مزي جي ڳالهه جا مون سائينءَ سان ڪچهرين دوران محسوس ڪئي هئي ته جڏهن به پاڪستان يا پاڪستاني سياستدانن جو ذڪر ايندو هو ته سائينءَ جو انداز بلڪل ائين ئي ٿي ويندو هو ۔۔۔ مهربانيون ڦوٽو ونڊڻ تي ۔۔۔
جواب: عالم اديب ٫سياستدان ۽ وڏو ماڻهون جي ادا سائين، اوهانجو لکيل مقالو به مڪمل ڄاڻ مهيا ڪري ٿو ۽ مٿان وري لڳل وڊيوز به انتهائي معلوماتي ۽ اتسهائيندڙ آهن، ڏنل لنڪ پڻ ڪارائتيون آهن ۔۔۔ هڪ ڳالهه جا اوهان ۾ اسان سڀني دوستن کان اتم آهي سا آهي کوجنا ۽ ڪنهن مضمون يا موضوع کي مڪمل طور پيش ڪرڻ ۔۔۔ هن موضوع کي پڻ اوهين مڪمل طور پيش ڪري انتهائي سهڻو ڪم ڪيو آهي ۔۔۔ لک ٿورا ۔۔۔ shal judy hujeen
جواب: عالم اديب ٫سياستدان ۽ وڏو ماڻهون دوستن کي هڪ ٻيو عرض ڪندو هلان ته: سائين جي ايم سيد جي ڪتاب ” جيئن ڏٺو آهي مون“ ۾ اسلام تي تنقيد ٿيل ناهي، بلڪه مذهبن جو تقابلي جائزو ڪيو ويو آهي ۽ مذهب جي ارتقاء تي بحث ٿيل آهي، ٻي ڳالهه ته سنڌ ۽ جي ايم سيد مخالف ڌرين ان ڪتاب سبب کيس بدنام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ هو ان ۾ ڪامياب ويا ۔۔۔ ۽ جي ايم کي ڪافر جا لقب عطا ڪيا ويا ۔۔۔ جڏهن ته جي ايم سيد الله جي وحدانيت جو قائل هو ۽ محمد صلي الله عليه وسلم کي آخري نبي مڃڻ وارو هو ۔۔۔ سندس لا الله الا الله محمد رسول الله ۾ پڪو ايمان هيس، باقي مذهبي ۽ اسلامي هڪ هٽي جا پاڪستاني ملن قائم ڪئي آهي انجو مخالف هو، جنهن سبب کيس پاڪستاني مذهبي ملن کيس بدنام ڪيو ۽ سياسي ڌڪ رسايو ۔۔۔ جيڪڏهن ڪو ماڻهون ايئن چوي ته هو شاه عبد الطيف ڀٽائي جي پيغام جو پوئلڳ آهي ته ڇا هو انڳالهه کان انڪار ڪندو ۔۔۔ اول الله عليم، اعلا عالم جو ڌڻي قادر پنهنجي قدرت سين قائم آهي قديم والي واحد وحده، رازق رب رحيم سو ساراه سچو ڌڻي، چئي حمد حڪيم ڪري پاڻ ڪريم، جوڙئون جوڙ جهان جي جي ايم ڀٽائيءَ جو پوئلڳ هو ۽ لطيف کي پنهنجو اڳواڻ سمجهندو هو ۔۔۔ باقي دوست پاڻ هي ڪتاب پڙهي انصاف ڪن ۔۔۔ sindhsalamatsaathsal
جواب: عالم اديب ٫سياستدان ۽ وڏو ماڻهون ادا ابڙا صاحب مان پاڻ اهڙن ماڻهن جي خلاف آهيان جيڪي سائين کي اهڙن الفاظن سان سڏيندا آهن مگر ادا مون جن ڪتابن تي مختصر تبصرو ڪيو آهي، اهي سڀ مون وٽ ڪتاب آهن، ادا اگر ڪو پتل کي سون چوي ته مان ڪجهه غور ڪندس پر ادا اگر جيڪڏهن ڪو چاندي کي سون چوي ته ان تي ضرور عتراض ڪبو، سو ادا سائين جو اهيو ڪتاب (جيئن ڏٺو آه مون ) مون وٽ هيئر به موجود آهي، ۽ ان ۾ ڪجهه اهڙيون ڳالهيون آهن جيڪي عتراض واريون آهن باقي سائين لاء مون کي ننڍپڻ کان احترام ۽ محبت آهي اها ختم ته ڪا نه ٿيندي۔ باقي توهان وڏا آهيو، توهان بهتر ٿا سمجهو۔
جواب: عالم اديب ٫سياستدان ۽ وڏو ماڻهون سائين جي ايم سيد سائين محترم نثار ابڙو صاحب ۽ سائين ممتاز علي وگهيو صاحب۔۔۔۔۔ اوهان دوستن جا مطالعا پنهنجي جاءِ تي پر مون به انهي ساڳئي ڪتاب کي پڙهيو آهي۔۔۔۔۔ سائين مونکي اهو ڪتاب سائين محترم مولوي رحيم بخش جي ڪتب خاني مان مليو جيڪو صرف پڙهڻ جي لاءِ ئي مليو هئو۔۔۔ واقعي انهي ڪتاب جي ڪري سائين جي ايم سيد کي ڪافي ڏک رسيو يا وري ائين کڻي چئو ته انهن ڪم ظرف ماڻهن سائين جي لاءِ ڪجهه گهٽ وڌ چيو۔۔۔ پر اعتراض جنهن جاءِ تي آهن۔۔۔ اهي اسان جي ذهن کان بالاتر آهن۔۔۔ هرڪو پنهنجي فقه جي حساب سان رنگ مڙهيندوآهي۔۔۔۔۔۔۔ ادا ممتاز علي وگهيا صاحب اوهان جا لک ٿورائتا آهيون جو اوهان اهڙو پيارو ونڊ اسان غريبن سان ونڊيو۔۔۔۔ مهرباني
جواب: عالم اديب ٫سياستدان ۽ وڏو ماڻهون سائين جي ايم سيد ادا زاهد صاحب توهان جي مهرباني جو اوهان کي منهنجي محنت پسند آئي، ادا اسان ڪير ٿيندا آهيون ايڏي وڏي شخصيت تي عتراض ڪرڻ وارا ، سائين جهڙيون شخصيتون ته صدين پڄاڻا پيدا ٿينديون آهن۔ ادا اهيو ڪتاب مون پڙهيو ۽ ان ۾ ڪجهه عتراض واريون ڳالهيون لڳيون سو اوهان سان ونڊ ڪيم ، باقي سائين جي شخصيت ته منهنجي پسند جي شخصيت آهي، ۽ اها به ان عمر کان جنهن عمر ۾ سياست جي به خبر ناهي هوندي۔
جواب: عالم اديب ٫سياستدان ۽ وڏو ماڻهون سائين جي ايم سيد محترم دوست، هڪ عرض آهي ته جيتوڻيڪ مون اهو ڪتاب ڪئي سال اڳ پڙهيو هو، شايد ڪي ڳالهيون منهنجي ژذهن ۾ نه هجن، جيتوڻيڪ يقين آٿم ته ان ڪتاب ۾ مونکي ڪا اهڙي ڳالهه نظر نه آئي هئي ۔۔۔ پر جي اوهان کي ڪا ڳالهه جيڪا اسانجي دين اسلام جي خلاف آهي ۽ اعترازي نظر آئي هجي ته مهرباني ڪري ونڊ ڪريو، ممڪن ته ان تي ڪا ڇنڊڇاڻ ڪري سگهجي ۔۔۔ sindhsalamatsaathsal
جواب: عالم اديب ٫سياستدان ۽ وڏو ماڻهون سائين جي ايم سيد اسڪول لائيف ۾ مون کي mqm جي طرفان ڇپايل مختصر ڪتابچي نما بروشر مليا جيڪي اڙدو سان گڏو گڏ سنڌي ۾ به لکيل آهي۔۔۔ ڪچو ذهن هجڻ ڪري گهڻو ياد نه آهي پر ايترو ضرور ياد اٿم ته ان بروشرس ۾ سائين جي ايم سيد تي انتهائي تنقيد ٿيل هئي ۽ ”جيڪي ڏٺو سو مون“ ڪتاب مان ڪافي اقتباس وٺي بحث لکيو ويو هو۔۔۔۔۔۔ ڪجهه ڏينهن اڳ مون کي به سندس اهو ڪتاب پڙهڻ جو اتفاق ٿيو۔۔۔ ان ڪتاب ۾ سائين جي ايم سيد انسان جي ارتقاء بابت لکيو آهي۔۔۔ هن ڪتاب ۾ ٻڌايو ويو آهي ته پٿر جي دور جو انسان آخر ڪهڙي طرح ترقي ڪئي ۔۔۔ هن ڪتاب ۾ لکيو ويو آهي ته انسان ڇا ڇا ڏسي پنهنجي معاشري کي تبديل ڪيو ۔۔۔ هن ڪهڙي طرح نقصان کائي پنهنجي معاشري جا قانون بڻايا۔۔۔ هن ڪتاب ۾ ٻڌايو ويو آهي ته انسان پنهنجي سوچ جي حساب روز مره زندگي ۾ ايندڙ معجزن واقعن کي ڏسي پنهنجي لاءِ مذهب بڻايو۔۔۔ ظاهر آهي ان دور جو انسان ايترو عقلمند نه هو ان ڪري هن پنهنجي عبادتن لاءِ ڪڏهن سج ته ڪڏهن چنڊ ڪڏهن انسان ته ڪڏهن ان انسان جو مجسمو ايتري قدر جو هن پنهنجي سوچ مطابق جانور تائين پڻ خدا بڻايو ۔۔۔۔ پر اڳتي هلي سائين جي ايم سيد پنهنجي ڳالهه کي بلڪل واضح بڻائيندي مذهب کان هٽي ڪري اهو درس ڏنو آهي ته انسان کي ڪهڙو معاشرو قبول ڪرڻ گهرجي۔۔۔ ادا ممتاز توهان هي مفصل ليک وڊيو ۽ تصويرون لڳائي اصل مڪمل ڪري وڌو ۔۔۔ سائين جي ايم سيد جي شخصيت تي گهڻو ڪجهه لکي سگهجي ٿو اهو ئي سبب آهي جو توهان ليک کي مختصر بڻائڻ لاءِ مختلف لنڪس پڻ ڏنا۔۔۔۔ جس لهڻو اهڙي ليک تي توهان۔۔۔۔