اُٺ فقير جو فن

'کِل ڀوڳ' فورم ۾ شهباز علي زرداري طرفان آندل موضوعَ ‏7 جولائي 2014۔

  1. شهباز علي زرداري

    شهباز علي زرداري
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏7 جولائي 2014
    تحريرون:
    62
    ورتل پسنديدگيون:
    206
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    هڪ شاگرد علم مضمون ۾ فيل ٿيو اسڪول جي هيڊ ماستر مضمون نويسي جي استاد کي آفس ۾ گهرائي پڇا ڪئي ته آخر ايتري آسان مضمون ۾ فيل ٿيڻ جو سبب ڇا آهي؟

    استاد جواب ڏنو ته هي شاگرد هميشه اصل مضمون تان توجه هٽائي پنهنجي ٺاهيل مضمون طرف ويندو آهي تنهنڪري مجبورن فيل ڪرڻو پيو

    هيڊ ماستر استاد کي چيو ٺيڪ آهي ڪوئي مثال ته ڏي جيئن مونکي به خبر پوي ته توهان جي ڳاله صحيح آهي.
    ااستاد ٻڌايو، مون هن کي موسم بهار تي مضمون لکڻ لا ڏنو هن لکيو؛ موسم بهار سال جو خوبصورت ترين موسم آهي، هر طرف سرسبز ۽ هريالي نظر ايندي آهي. وڻن ۾ ساوڪ اچڻ تي اُٺن کي چارڻ تمام آسان ٿي پوندو آهي

    اُٺ خشڪي ۾ رهندڙ جانور آهي ۽ بک ۽ اُڃ کي صبر سان برداشت ڪندو آهي . ان جي پيرن جي بناوت ريت(واري) تي هلڻ لاء سٺي هوندي آهي. ان لاء ته هن کي ريگستان جو بادشاه چوندا آهن،

    بدو اُٺ کي نهايت پيار ۽ محبت سان پالين ٿا. اٺ نه صرف کير ۽ گوشت کي حاصل ڪرڻ لاء پاليو ويندو آهي بلڪ ان جي ذريعي مختلف سامان هڪ جڳه تان ٻي جڳه تي پهچائڻ لاءِ سواري طور به ڪم آندو ويندو آهي.

    اُٺ هڪ پالتو جانور آهي ۽..................................................................ان طرح هن شاگرد اصل عنوان کي وساري سڄي توانائي اٺ جي غزل سرائي تي خرچ ڪئي.

    هيڊ ماستر صاحب استاد کي چيو آئون ائين ڪونه ٿو سمجهان اصل ۾ توهان عنوان ئي اهڙو ڏنو موسم بهار جي سرسبزي ۽ شادابي جو تعلق زاعت ۽ جانورن جي پالڻ وغيره سان ٿئي ٿو.

    ٿي سگھي ٿو هي شاگرد ان مشابهت جي ڪري اصل مضمون کي وساري ٻي طرف هليو ويو.

    استاد چيو آئون ائين نه ٿو سمجهان، هڪ دفعو مون هن کي جاپان جي مصنوعات ۽ ٽيڪنالوجي تي مضمون لکڻ لاء ڏنو.

    هن ڪجهه هن طرح لکيو، جاپان هڪ ترقي يافته ملڪ آهي جيڪو خاص طور تي پنهنجي مصنوعات ۽ خاص طور تي ڪارن جي مصنوعات جي ڪري پوري دنيا ۾ مشهور آهي. ڪارون پوري دنيا ۾ انسان جي سفر لاء استعمال ڪيون وينديون آهن

    پر بدو پنهنجي آمدرفت جي وسائل لاء اُٺ کي ئي استعال ڪندا آهن

    اُٺ خشڪي ۾ رهندڙ جانور آهي ۽ بک ۽ اُڃ کي صبر سان برداشت ڪندو آهي . ان جي پيرن جي بناوت ريت(واري) تي هلڻ لاء سٺي هوندي اهي. ان لاء ته هن کي ريگستان جو بادشاه چوندا آهن،

    بدو اُٺ کي نهايت پيار ۽ محبت سان پالين ٿا.اُٺ نه صرف کير ۽ گوشت کي حاصل ڪرڻ لاء پاليو ويندو آهي بلڪ ان جي ذريعي مختلف سامان هڪ جڳه تان ٻي جڳه تي پهچائڻ لاء سواري طور به ڪم آندو ويندو آهي.

    اُٺ هڪ پالتو جانور آهي ۽..................................................................

    هيڊ ماستر استاد کان پڇا ڪئي ڇا توهان وٽ هن ٻن مثالن کان سواء ڪي ٻيا مثال آهن؟

    استاد جواب ڏنو جي ها جناب توهان هن کي ڪنهن به عنوان تي مضمون لکڻ لاء ڏيو هي هڪ ٻه سٽون ان مضمون تي لکي باقي سڄو مضمون اٺ جي تعريف تي لکندو.

    هڪ دفعو مون هن کي هڪ اهڙو عنوان ڏنو جنهن سان هن جو ڌيان اٺ طرف وڃي ئي نٿي سگھيو پر هن ته ڪمال ڪري ڏيکاريو ، مون هن کي دور حاضر جي بهترين ايجاد ڪمپيوٽر تي مضمون لکڻ لاء ڏنو ته هن ڪجهه هن طرح لکيو

    ڪمپيوٽر دورِ حاضر جي مفيد ترين ايجاد آهي شهرن ۾ هن کان سواء زندگي جو تصور به ڏکيو ٿيو وڃي پر بدون وٽ ڪمپيوٽر ڪٿان اچي، انهن وٽ ته اُٺ هوندا آهن، اُٺ خشڪي ۾ رهندڙ جانور آهي ۽ بک ۽ اُڃ کي صبر سان برداشت ڪندو آهي . ان جي پيرن جي بناوت ريت(واري) تي هلڻ لاء سٺي هوندي اهي. ان لاء ته هن کي ريگستان جو بادشاه چوندا آهن،

    بدو اُٺ کي نهايت پيار ۽ محبت سان پالين ٿا.اٺ نه صرف کير ۽ گوشت کي حاصل ڪرڻ لاء پاليو ويندو آهي بلڪ ان جي ذريعي مختلف سامان هڪ جڳه تان ٻي جڳه تي پهچائڻ لاء سواري طور به ڪم آندو ويندو آهي.

    اُٺ هڪ پالتو جانور آهي ۽..................................................................

    هيڊ ماستر استاد کي چيو توهان هن کي حق تي فيل ڪيو آهي. پر شاگرد کي پنهنجي فيل ٿيڻ تي ڏاڍي ڪاوڙ آئي ان وزير تعليم کي خط لکيو.

    جناب وزير تعليم صاحب السلام عليڪم ورحته الله وبرڪته آئون توهان جناب جي علم ۾ مون سان ٿيل ظلم جي باري ۾ ٻڌائڻ چاهيان ٿو آئون پنهنجي ڪلاس جي ذهين شاگردن مان هڪ آهيان پوء به مونکي فيل ڪيو ويو آهي، جنهن تي منهنجو صبر اٺ جي صبر جهڙو آهي ڇو ته ، اُٺ خشڪي ۾ رهندڙ جانور آهي ۽ بک ۽ اُڃ کي صبر سان برداشت ڪندو آهي . ان جي پيرن جي بناوت ريت(واري) تي هلڻ لاء سٺي هوندي اهي. ان لاء ته هن کي ريگستان جو بادشاه چوندا آهن،

    بدو اُٺ کي نهايت پيار ۽ محبت سان پالين ٿا. اٺ نه صرف کير ۽ گوشت کي حاصل ڪرڻ لاء پاليو ويندو آهي بلڪ ان جي ذريعي مختلف سامان هڪ جڳه تان ٻي جڳه تي پهچائڻ لاء سواري طور به ڪم آندو

    ويندو آهي. اُٺ هڪ پالتو جانور آهي ۽..................................................................
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏8 جولائي 2014
    11 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. خالد احمد ابڙو

    خالد احمد ابڙو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏28 جون 2014
    تحريرون:
    3
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ًگورنمنٽ ملازم سنڏ روينو بورڊ
    ماڳ:
    خانپور ، شڪارپور
    اُٺ ت اُٺ لاء لکندو.............
     
  3. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,433
    ورتل پسنديدگيون:
    741
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    سائين توهان تمام سٺو مضمون لکيو آهي اسان جو ٽائيم ضايع ڪرڻ لاءِ صبر اٺ جي صبر جهڙو آهي چو ته ، اُٺ خشڪي ۾ رهندڙ جانور آهي ۽ بک ۽ اُڄ کي صبر سان برداشت ڪندو آهي . ان جي پيرن جي بناوت ريت(واري) تي هلڻ لاء سٺي هوندي اهي. ان لاء ته هن کي ريگستان جو بادشاه چوندا آهن،
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    هاهاهاهاها ......

    اسان جو دماغ به اوهان جي مضمون کي پڙهي چڪرائجي ويو ۽ کِل بيهي ئي ڪانه ٿي ..... ڇو ته مونکي گهڻي کِل آئي ته اسان اُٺ ڇو نه پاليو آهي، ڇو ته اُٺ قيمتي جانور آهي .....
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,729
    ورتل پسنديدگيون:
    6,957
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    هاهاها
    توهان جي مضمون پڙهندي ڏاڍي کِل آئي مُڪمل مضمون پڙهڻ ۾ وقت لڳو ڇو ته مضمون اُٺ جيڏو آهي. ۽ اُٺ خشڪي ۾ رهندڙ جانور آهي ۽ بک................
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو